خاصنئونناول

سمرقند (قسط اڻٽيهين)

ترجمو: زاهده ابڙو
هو خاموش ٿي ويو، سوچ ۾ ٻُڏل، پنهنجو پاڻ تي قابو ڪندي مُرڪيو ۽ وري ڳالهه جاري رکيائين:
”خيام وانگر، آئون به موجود لمحي جي اڻلڀ خوشين جو متلاشي آهيان ۽ شراب، ساقي، مئخاني ۽ معشوق جي باري ۾ شعر چوندو آهيان، سندس وانگر آئون به ڪوڙن انتهاپسندن تي ڀروسو ناهيان ڪندو- جڏهن ڪجهه رباعين ۾ عمر پنهنجو ذڪر ٿو ڪري ته مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ هو منهنجي تصوير ڇڪي رهيو هجي: ‘اسانجي شوخ ۽ چنچل زمين تي هڪ ماڻهو هلي رهيو آهي، نه امير آهي نه غريب، نه مومن، نه ڪافر، کيس نه ڪنهن سچائيءَ جي ڳولها آهي، نه هو ڪنهن قانون جو احترام ڪندو آهي… اسانجي شوخ ۽ چنچل زمين تي هي بهادر شخص ۽ ڏکويل ماڻهو ڪير آهي؟’
اهو چوڻ کانپوءِ، هن هڪ سگار ٻيهر دُکايو ۽ سوچ ۾ ٻُڏي ويو، هڪ ٻريل رک جو ٽڪرو سندس ڏاڙهيءَ مٿان اچي ڪريو جنهن کي هن ڦڙتيءَ سان ڪيرايو، ۽ وري ڳالهه جاري رکي:
”پنهنجي ننڍپڻ کان ئي مون کي شاعر خيام سان محبت رهي آهي، پر ان کان به وڌيڪ فلسفي ۽ آزاد طبع خيام سان- مون کي حيرت آهي ته کيس يورپ ۽ آمريڪا کي فتح ڪرڻ ۾ ايترو وقت لڳو! تون تصور ڪري سگهين ٿو ته مون کي خود خيام جي هٿ سان لکيل رباعين جي اصلي نسخي کي پنهنجي ملڪيت ۾ هجڻ جي ڪيڏي خوشي رهي هوندي-“
”اهو اوهان وٽ ڪڏهن هو؟“
”اهو 14 سال اڳ هندوستان ۾ هڪ نوجوان ايرانيءَ مون کي ڏنو هو، جيڪو اتي خاص مون سان ملڻ جي نيت سان آيو هو- هن پنهنجو تعارف هنن لفظن ۾ ڪرايو هو؛ ”مرزا رضا، ڪرمان وارو، ”تهران بازار“ جو اڳوڻو واپاري- اوهان جو تابعدار خادم“- مان مُرڪي پيس ۽ پڇيو مانس ‘اڳوڻو واپاري’ مان ان جو ڇا مطلب هو، ۽ اها ئي ڳالهه هئي جنهن هن کي پنهنجي رام ڪهاڻي ٻڌائڻ تي مجبور ڪيو- هن تازو ئي استعمال ٿيل ڪپڙن جو ڌنڌو شروع ڪيو هو ته شاهه جي ڇوڪرن مان هڪ ڪجهه شيون خريد ڪرڻ آيو، شالون ۽ سمور )جانورن جي بُجن واري کل( جا لباس جن جي گڏيل قيمت 1100 تومان ٺهي ٿي- لڳ ڀڳ هڪ هزار ڊالر- پر جڏهن ٻئي ڏينهن مرزا رضا شهزادي وٽ قيمت وصول ڪرڻ پهتو ته سندس بي عزتي ڪري ڪُٽيو ويو، ايستائين جو موت جي ڌمڪي به ڏني وئي، پر سندس مٿي ۾ واجب الادا رقم جي وصولي جو ضد سمايل هو- پوءِ تڏهن هن اچي مون سان ملڻ جو فيصلو ڪيو- آئون تن ڏينهن ۾ ڪلڪتي ۾ پڙهائيندو هئس- ‘بس تازوئي مان سمجهيو آهيان،’ هن مون کي ٻڌايو، ‘ته اهڙي ملڪ ۾ جنهن جو نظام هلائڻ ۾ پنهنجي مرضي هلائي وڃي، ماڻهو عزت سان پنهنجو روزگار نٿو ڪري سگهي- ڇا اوهان اهو ناهي لکيو ته ايران کي هڪ آئين ۽ قانون ساز مجلس جي ضرورت آهي؟ اڄ کان مونکي پنهنجو بيحد تابعدار شاگرد سمجهو- اوهانجي نقشِ قدم تي هلڻ خاطر مون پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي زال کي به ڇڏي ڏنو آهي- اوهان جيڪو حڪم ڪريو، آئون اهو ڪندس-!’
ان ماڻهوءَ جو ذڪر ڪندي جمال الدين ڏاڍي تڪليف ۾ ٿي ڏٺو-
”آئون ڏاڍو متاثر ۽ شرمسار ٿيس- آئون هڪ دنيادار رولو فلسفي، جنهن وٽ نه گهر هو، نه وطن ۽ شادي ان ڪري نه ڪئي هئي ته ڪنهن جي ذميداري نه کڻڻي پوي- مون نٿي چاهيو ته اهو ماڻهو منهنجي پٺيان پٺيان اچي، ڄڻ آئون ڪو ‘مسيح’ هجان يا ‘نجات ڏياريندڙ’ ڪو ‘مهدي’- کيس پري رکڻ لاءِ مون چيو: ”ڇا منحوس پئسي خاطر هر شئي تياڳڻ، پنهنجو ڪاروبار ۽ پنهنجو خاندان، مناسب آهي؟ سندس منهن لهي ويو، هن ڪو جواب نه ڏنو، پر مان ٻاهر نڪري ويس-“
”صرف 6 مهينن کانپوءِ هو موٽي آيو- پنهنجي اندرئين کيسي مان هڪ ننڍڙو سونو دٻلو ڪڍيائين، جنهن ۾ قيمتي پٿر جڙيل هئا ۽ کولي منهنجي آڏو رکيائين-“
”هن هٿ سان لکيل نسخي کي ڏسو- اوهانجي خيال ۾ هن جي قيمت ڪيتري هوندي؟“
”مون هن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو، پر جذبات مون تي غالب ٿي پيا ۽ مون ڏڪندي ان تي نظر وڌي-“
”خيام جو مستند متن آهي، هي تصويرون، هي آرائش! ان جي ڪا قيمت نه ٿي لڳائي سگهجي!“
”1100 تومان کان به وڌيڪ؟“
”ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ!“
”هي اوهانجي خدمت ۾ پيش ٿو ڪريان- ان کي اوهان رکو- هي اوهان کي ياد ڏياريندو رهندو ته مرزا رضا اوهان وٽ پنهنجي رقم جي بازيابيءَ جي لاءِ نه آيو هو، پر پنهنجي خوديءَ جي ڳولها جي لاءِ آيو هو-“
”بس ائين،“
”جمال الدين پنهنجي ڳالهه جاري رکي، هٿ سان لکيل ڪتاب منهنجي ور چڙهيو ۽ ان کي مون پاڻ کان ڪڏهن به ڌار ٿيڻ نه ڏنو- اهو مون سان گڏ آمريڪا، انگلينڊ، فرانس، جرمني، روس ۽ پوءِ ايران پهتو- جڏهن مان شاهه عبدالعظيم جي درگاهه ۾ تنها رهندو هئس، ان وقت اهو مون سان گڏ هو- ۽ اتي ئي مون کان وڃائجي ويو-“
”ڇا اوهان کي خبر آهي ته اهو هن وقت ڪٿي ٿي سگهي ٿو؟“
”مون اوهان کي ٻڌايو ته هو، جڏهن مان گرفتار ٿيو هئس، صرف هڪ ماڻهو ئي هو جنهن شاهه جي سپاهين خلاف مزاحمت ڪئي هئي ۽ اهو ساڳيو مرزا رضا هو- اهو بيٺو هو، رڙيون ٿي ڪيائين، ۽ وڏي واڪ سپاهين ۽ اتي بيٺل ماڻهن کي بزدل چيو هئائين- کيس گرفتار ڪيو ويو هو، کيس اذيت ڏني وئي ۽ چئن سالن تائين کيس انڌيري ڪوٺڙيءَ ۾ بند ڪيو ويو، اتي ئي سڙندو رهيو- جڏهن آزاد ٿيو ته سڌو مون سان ملڻ لاءِ قسطنطنيه پهتو هو- هو ايتري قدر بيمار هو جو مون کيس اتي شهر ۾ فرانسيسي اسپتال وڃڻ لاءِ چيو هو، جتي هو گذريل نومبر تائين علاج هيٺ رهيو، مون کيس وڌيڪ ترسائڻ جي ڪوشش ڪئي، ته خدا نه ڪري ائين نه ٿئي ته کيس واپسيءَ تي وري پڪڙيو وڃي، پر هن انڪار ڪيو- چيائين ته هو هٿ سان لکيل خيام جي ڪتاب جي ڳولها ڪرڻ چاهي ٿو، ۽ سندس دلچسپي ان کان وڌيڪ ٻي ڪنهن به ڳالهه ۾ نه آهي- اهڙا ماڻهو جن جي دماغ ۾ هڪ جنون کانپوءِ ٻيو جنون جاءِ وٺندو رهندو آهي-“
”اوهان جو ڇا خيال آهي، اهو نسخو اڃا به موجود آهي؟“
”صرف مرزا رضا ئي اوهان کي اها خبر ڏئي سگهي ٿو- کيس ان ڳالهه جو يقين آهي ته هو ان سپاهيءَ کي ڳولهي لهندو جنهن منهنجي گرفتاريءَ وقت ان نسخي کي غائب ڪيو هو- کيس اميد هئي ته هو ان سپاهيءَ کان اهو هٿ سان لکيل نسخو حاصل ڪري وٺندو، هو واپس ورڻ ۽ سپاهيءَ کي ڳولهي لهڻ جو پڪو ارادو ڪري ويٺو هو ۽ چيائين ٿي ته اهو نسخو کانئس خريد ڪندو، خدا ٿو ڄاڻي ته ڪيترن پئسن ۾-“
”جيڪڏهن سوال رڳو ان نسخي جي ڳولها جو ئي آهي، ته پئسو ڪو مسئلو نه آهي!“
مون ڏاڍي جوش مان چيو هو- جمال الدين مون کي گهوري ڏٺو ۽ نراڙ تي گهنج اچي ويس، هو مون ڏانهن ائين جهڪيو هو ڄڻ منهنجي دل جي ڌڙڪن کي ٻڌڻ ٿي چاهيائين-
”مون کي شڪ ٿو پوي ته اوهان به بدبخت مرزا وانگر ان هٿ سان لکيل نسخي جا ديوانه ته نه آهيو- جيڪڏهن ائين ئي آهي، ته بس اوهان لاءِ هڪ ئي رستو بچي ٿو- تهران وڃو! مان اها ضمانت ته نه ٿو ڏئي سگهان ته اتي توهان کي اهو ڪتاب ملي ويندو، پر جيڪڏهن اوهان کي اها خبر آهي ته ڳولها ڪيئن ڪجي، ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان کي خيام جا ٻيا نقش ملي وڃن-“
منهنجي ان اوچتي جواب سندس جانچ جي تصديق ڪري ڇڏي:
”جيڪڏهن ويزا ملي وڃي ته سڀاڻي وڃڻ لاءِ تيار آهيان-“
”اها ڪا وڏي ڳالهه نه آهي- مان باڪو ۾ ايراني ڪائونسل جي نالي اوهان کي هڪ چٺي لکي ٿو ڏيان- هو سڀ قانون ۽ قائدا ڏسي وٺندو ۽ اوهان کي گهٽ ۾ گهٽ اينزليءَ تائين سفر جو انتظام به ڪري ڏيندو-“
”منهنجي تاثر مان منهنجي ٿوري گهڻي پريشاني ضرور ڏسڻ ۾ ٿي آئي- جمال الدين ان مان لطف اندوز ٿيو-“
”يقينن اوهان حيران ٿي رهيا هوندا: آئون قانون کان ڀڳل ماڻهو، جي طرفان ايراني حڪومت جي نمائندي کي سفارش ڪيئن ٿو ڪري سگهان؟ پر اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته منهنجا شاگرد چوڌاري پکڙيل آهن، هر شهر ۾ سڀني جاين تي، تان جو شاهه جي ويجهن ماڻهن ۾ به- چار سال پهرين جڏهن مان لنڊن ۾ هئس ته مان ۽ هڪ آمريڪي دوست گڏجي هڪ اخبار ڪڍندا هئاسين، جيڪا ڏاڍي لڪل انداز ۾ بنڊل ٺاهي ايران موڪليندا هئاسين- شاهه ان خطري کي محسوس ڪري ورتو- هن ڪسٽم جي وزير کي گهرايو ۽ حڪم ڏنو ته هن اخبار جي پکيڙ جو خاتمو ڪري ۽ ان حڪم جي ادائگيءَ ۾ ذري به ڪوتاهي نه ڪري- وزير ڪسٽم آفيسرن کي حڪم ڏنو ته سڀني تخريبڪار بنڊلن کي سرحد تي ئي روڪيو وڃي ۽ اهي سڀ ڏانهس موڪليا وڃن-“
هن سگار جو هڪ ڪش هنيو، جنهن جو دونهن سندس ٽهڪ ڏيڻ سبب پکڙجي ويو-
”جنهن شئي جي شاهه کي خبر ڪونه هئي،“ جمال الدين پنهنجي ڳالهه جاري رکي، ”اها هيءَ هئي ته ڪسٽم جو وزير منهنجو حد کان وڌيڪ وفادار چيلو هو، ۽ مون پاڻ جيئن تيئن ڪري اخبار جي ورهاست جو ڪم کيس سونپيو هو-“
جمال الدين اڃا ٽهڪ ئي ڏئي رهيو هو ته خاص قسم جي ڳاڙهي ڪپڙي مان ٺهيل ترڪي ٽوپي پاتل ٽي ماڻهو ڪمري ۾ داخل ٿيا- هو اٿي بيٺو، کين ڀليڪار چيائين، چمي ڏنائين ۽ ويهڻ جي دعوت ڏنائين ۽ ساڻن عربيءَ ۾ ڪجهه لفظن جي ڏي وٺ ڪيائين- مون اندازو لڳايو ته هو ساڻن مون بابت ڳالهائي رهيو هو ۽ کانئن ڪجهه گهڙين جي مهلت وٺڻ جي گذارش ڪري رهيو هو- پوءِ هو وري مون ڏانهن موٽيو-
”جيڪڏهن اوهان تهران وڃڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، ته آئون اوهان کي ڪجهه تعارفي خط ڏئي ڇڏيندس- سڀاڻي اچجئو، اهي اوهان کي تيار ملندا- سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته ڊڄڻ جي بلڪل ضرورت ڪونهي- ڪنهن کي به آمريڪي جي تلاشي وٺڻ جو خيال نه ايندو-“
ٻئي ڏينهن ڀوري رنگ جا ٽي لفافا منهنجي راهه تڪي رهيا هئا- اهي هن منهنجي هٿن ۾ ڏنا، کليا ئي پيا هئا- پهريون باڪو واري ڪائونسل جي نالي هو ۽ ٻيو مرزا رضا جي نالي، جنهن کي ڏيڻ وقت هن راءِ ڏيندي چيو:
”آئون اوهان کي خبردار ڪريان ته هي ماڻهو ٿورو غير متوازن ۽ سودائي آهي- ان سان گڏ گهڻو وقت نه گذارجو- آئون ساڻس ڏاڍي شفقت ڪندو آهيان، اهو سڀ کان وڌيڪ مخلص، سڀ کان وڌيڪ وفادار ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته منهنجي عقيدتمندن مان سڀ کان وڌيڪ پاڪ صاف آهي، پر هي بدترين قسم جون غلطيون ڪرڻ جو اهل به آهي-“
هن ڊگهو ساهه کنيو ۽ پنهنجي ويڪري پتلون جي کيسي ۾ هٿ وجهي جيڪا کيس سندس اڇي چغي هيٺ پاتل هئي، ڪجهه ڳولهڻ لڳو-
”هي وٺو 10 سونا پائونڊ- اهي کيس مون طرفان ڏئي ڇڏجو، وٽس ڪجهه ناهي بچيو ۽ شايد بُکيو ۽ اُڃيو هجي، پر هو ايترو خوددار آهي جو ڪنهن کان ڪجهه گهرندو به ڪونه-“
”پر هو مون کي ڪٿي ملندو؟“
”مون کي سچ ته ڪا خبر ناهي- هاڻي نه سندس گهر رهيو آهي، نه گهر وارا- بس ائين ئي گهمندو رهندو آهي- ان ڪري آئون توهان کي هي ٽيون خط ڏئي رهيو آهيان، جنهن جو مخاطب هڪ بلڪل ئي مختلف نوجوان آهي- هي تهران جي هڪ مالدار واپاري جو پٽ آهي، جيتوڻيڪ هي صرف 20 سالن جو آهي، پر ان ساڳئي باهه سان ڀڙڪي رهيو آهي، جنهن سان اسان سڀ- ڏاڍو معتدل مزاج آهي ۽ ڏاڍو انقلابي خيالن وارو، پر ڪنهن مطمئن ٻار وانگر مسڪرائي بحث ڪري سگهي ٿو- ڪڏهن ڪڏهن مان کيس مناسب طور تي اوڀر وارو نه هجڻ تي دڙڪا ڏئي ڇڏيندو آهيان- اوهان ڏسندا ته سندس ايراني پوشاڪ هيٺ انگريزي ٿڌ، فرانسيسي خيال ۽ مذهبدارن جي خلاف موسيو ڪليمنسو کان وڌيڪ شديد روح ڪارفرما آهي- سندس نالو فاضل آهي، هي اوهان کي مرزا رضا وٽ وٺي ويندو- مون فاضل کي جيترو به ٿي سگهي، سندس نگهباني تي مقرر ڪيو آهي- آئون نٿو سمجهان ته هو کيس سندس چريائپ کان باز رکي سگهندو هوندو، پر کيس اها ڳالهه ضرور معلوم هوندي ته کيس ڪٿي ڳولهي سگهجي ٿو-“
مان اٿي بيٺس اتان روانو ٿيڻ لاءِ- هن ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان مون کان موڪلايو ۽ گهڻي دير تائين منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي بيٺل رهيو-
”روشفور پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته اوهان بينجمن عمر سڏرائيندا آهيو- ايران ۾ صرف بينجمن ئي سڏرائجو، عمر ڀُل ۾ به پنهنجي زبان تي نه آڻجو-“
”پر اهو خيام جو نالو به ته آهي!“
”سورهين صديءَ کان، جڏهن ايران شيعا ٿيو آهي، ان نالي تي پابندي لڳل آهي- ان سبب اوهان ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار ٿي سگهو ٿا- جيڪڏهن اوهان اوڀر سان پنهنجو ناتو ڳنڍيندا، ته پوءِ اتان جي جهيڙن جهٽن ۾ ڦاسي پوندا-“
”مون ٿوري ڏک ۽ تسلي ٻنهي جو اظهار ڪيو، جيڪا منهنجي اڻ ڄاڻائي جي نشاني هئي- مون سندس ٿورا مڃيندي قدم اڳتي وڌايا، پر هن مون کي جهلي ورتو:
”آخري ڳالهه: ڪالهه اوهان هتي هڪ جوان عورت سان مليا هئا، هوءَ جڏهن هتان وڃي رهي هئي- ڇا اوهان ان سان ڪجهه ڳالهايو هو؟“
”نه- مون کي ان جو موقعو نه ملي سگهيو-“
”هوءَ شاهه جي پوٽي آهي، شهزادي شيرين- جيڪڏهن ڪنهن به سبب اوهان کي پنهنجون سڀ واٽون بند ملن ته کيس خبر موڪلي ڇڏجو ته اوهان کيس هتي مليا هئا- سندس هڪ ئي لفظ اوهان جا ڪيترائي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو-