ڪالهوڻي ڳالھه آھي جڏھن آئون سائين امداد شاھه سان سندن والده جي تعزيت لاءِ ويو هئس. سائين سيد غلام رسول شاھه پنهنجي فرزند امداد شاھه جي ڀر ۾ ويٺا هئا. پنھنجي رفيق حيات جي وڇوڙي تي گرفتِ غم هئا. سندن چهري مان غم عيان هو. سائين غلام رسول شاهه صاحب جن جو تخلص به عجيب آهي، “غمناڪ” منفرد، چٽو ۽ گهرائي وارو. لڳي ٿو سور، درد، پيڙاهون سائينءَ جي سيرانديءَ ڀَر رهيون آهن. غمن سان نينهن ڪڏهن ۽ ڪيئن اڙايائون، اها خبر کين!
خليل جبران چواڻي:
When my sorrow was born I nursed it with care and watched over it with loving tenderness
(جڏهن منهنجي درد جنم ورتو، مون ان کي ڏاڍي ڌيان ۽ ڪوملتا سان پاليو) جيڪي شخص دردن کي ڳلي لائي، مصيبتن جي ميدانن ۾ بيٺا رهن، ڏکين حالتن، تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ به صبر، تحمل، ماڻهپي ۽ ادراڪ جو عَلمُ بلند رکيو اچن اهڙا شخص نه صرف قابل تعريف آهن، پر قابل تقليد به آهن.
هي سنسار هر ڪنهن لاءِ سَوَلُو، گل گلزار يا جنت نما ناهي. درد هر ڪنهن جو پاڙيسري آهي. هر ڪنهن وٽ تڪليفون، ڏک، پيڙاهون آهن. “مُٺِ مُٺِ سُورن سڀ ڪنهن، مون وٽ وٿاڻان” (شاھ لطيف رح). سمجھه کي ئي سور آ، تڪليف آ!
تصوف جي پانڌيئڙن، انسانيت جي محسنن، شاعرن، اديبن، اهل علم، قلم ڌڻين، اعليٰ انسانن ۽ سالڪن لاءِ ڏک، درد، پيڙها، اذيت، مصيبت، ڳارو ڪيفيتن کان وڌيڪ رهنمائي ڪندڙ اصول پرينءَ تائين پهچڻ وارو پيچرو ۽ هن دنيا جو منشور هجي ٿو.
گوتم ٻڌ هن دنيا کي ڏک جو سنسار ڪوٺي ٿو. سروم دکم دکم: جيون ڏک ئي ڏک آهي. حيات ڏک آھي، ممات ڏک آھي، ھي ساري ميرانجھڙي ۽ بي نشان ڪائنات ڏک آھي، سمجھ ڏک آھي، شعور ڏک آھي. جدائي ڏک آھي، ميلاپ ڏک آھي، ھي زندھ رھڻ جو شوق ۽ اھتمام ڏک آھي، ماٺ ڏک آھي، آواز ڏک آھي، رات ڏک آھي ڏينھن ڏک آھي، ھي ھجڻ ڏک آھي، نه ھجڻ ڏک آھي، ثبات ڏک آھي، دوام ڏک آھي.
بس: جيون ڏک ئي ڏک آھي. سروم دکم دکم.
يقينن سائين غلام رسول شاهه صاحب انهن پيچرن تان پنڌ ڪندي مجازيءَ جي مَامَ ماڻڻ بعد حقيقيءَ جي پَرانهين پنڌ طرف مَحو سفر ٿيا هوندا. اڻانگهي پنڌ جي ٺوڪرن، ٿوري ٿوري دڳ اُڪرڻ تي امتحان! نفس جي ڏنگن کي سهندي، “اصلاح جي ازدها” کي زير ڪرڻ ۾ جيڪي غم ۽ سور سائين سَٺَا يقينن اُهي کين پيارا هوندا.
سائين غلام رسول شاهه حقيقت جي رستي ۾ آيل مشڪلاتن ۽ دنياوي دردن کي دوام بخشيندي پاڻ تي “غمناڪ” جي چادر اوڍي ڇڏي. سندن خيال، اظهار، ڪيفيت، وارتا، نسبت، عشق، نصيحت، مشاهدو “غمناڪ” جي ڇانو ۾ وڌي وڻ ٿيو آهي جو سندن مُئي پڄاڻان به ان مان پانڌيئڙا، شاگرد، دوست ۽ احباب فيضياب ٿي رهيا آهن.
سائين غمناڪ جي شعري مجموعي “وحدت نينهن نياڻ” ۾ موضوعن جي ڪثرت حمد، نعت، مناجات، منقبت، نوحه، قصيدو، بيت، رباعيون، ڪافيون آهن. جن ۾ شفيع المُذنَبِين ﷺ، پنجتن پاڪ جي شان، علي عليہ سلام ۽ آل محمد ﷺ سان تعلق ۽ احترام بابت درس ۽ نصيحتون ملن ٿيون. سائين پاڻ لکن ٿا ته هو ۽ سيد اعجاز شاهه راشدي، سائين احمد شاھه رح جي صحبت ۾ رهيا آهن. لحاظه سائين غمناڪ جي شعر ۽ زندگيءَ تي وقت جي ڪامل، درويش، شارح لطيف ۽ (انسانن جي) جوهري سائين احمد شاھ لڪياري جي رنگ جو عڪس نظر اچي ٿو.
جيستائين سائين جي شاعريءَ ۾ فن جو تعلق آهي پاڻ ڇند وديا، تجنيس حرفي، ماترائن جي مامري ۾ اُلجهيو پئون. رڳو رديف، قافيي، ترنم، لئي ۽ خيال کي اهميت ڏيون. سائين غمناڪ جي شاعري ۾ مون کوڙ سارا قافيا نوان ڏٺا آهن، جيڪي مون اڳ ۾ ڪٿي به نه پڙهيا آهن، اهي لوڪ ڏاهپ جي رس سان ٽمٽار آهن.
فقيري فقر ۾ اولي، چيو قادر انک لعلي،
خدا جي خود خطابن ۾، وڻئين وهوا خدا جو سنهن.
خدا جو سنهن…
سوا تو روح نٿو رلجي، هتي هونهين پيو هلجي،
هونهين پيو هلجي…
رخسار هڪ، وينجھار هڪ، ڪلتار هڪ،
۽ هيٺين خيالن جي نواڻ به متاثر ڪيو؛
رٿائون روح جون رهبر، نفس ناقص وغيره.
سائين غمناڪ بار بار انسان ۽ انسانيت تي زور ڏيندي، انساني ڪارج ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. سائين معاشري ۾ تيزيءَ سان ختم ٿيندڙ مثبت روايتن تي ماتم ڪندي اسان کي تلقين ڪري ٿو؛
احساس مئل جنهن جو، انسان ڪهڙي ڪم جو
مردار آهي جيڪو، حيوان ڪهڙي ڪم جو
اڳواڻ ٿو سڏرائي، جند جان نٿو گهوري
امداد ڪري نه جو، ارمان ڪهڙي ڪم جو
سکڻيون جو صلاحون ڏئي، همدرد ناهي مرڳو
جذبا نه اڀاري جو وڄدان ڪهڙي ڪم جو.
سائينءَ جو مشاهدو ۽ ان جو بيباڪ اظهار قابل داد آهي.
“اڪثر انسانيت جو آهي قحط الرجال”
سائين غمناڪ پنهنجي حصي جو ڪم ايمانداري سان ڪيو. بقول امداد شاھ جي هن هميشه نفس جي اصلاح ۽ ضمير فروشيءَ کان بچڻ تي زور ڏنو. مولانا روم جو چوڻ آهي ته دنيا هڪ پهاڙ آهي جنهن ۾ اوهان جا لفظ پڙاڏو ٿي اوهان ڏانهن موٽن ٿا. اسان سڀني کي سائين غمناڪ جي هدايتن، صلاحن، پيغام ۽ فڪر جي سڏ کي هنئين سان هنڊائڻ گهرجي.
مون کي سائين غلام رسول شاهه “غمناڪ” جو سڀاءُ ڏاڍو وڻندو هو. خوش شڪل، خوش لباس، نفيس گفتار ۽ علم جا ڀنڊار. ويٺا هوندا ته ائين لڳندو سندن خاموشيءَ ۾ به سوچن جي اٿل پٿل آهي، فڪر جي لهرن ۾ اضطراب آهي. هن جي ڊگهي خاموشي به “دهشت دم درياءَ ۾ جت ڪُنن جو ڪڙڪو” محسوس ٿيندي هئي. جيڪر آئون آرٽسٽ هجان ها ته سندن پُرسڪون سڀاءُ جو اسڪيچ ضرور ٺاهيان ها.
ماڻهوءَ جي مزاج جي، پوي منهن مان پروڙ،
غلام رسول شاھه سُرت وارا،
ڪي سمجهن باشعور،
سوايا جنهن سور، ڳجهي نه تنهن کان ڳالھڙي.