ايڊيٽوريل

نفرت ۽ نسل پرستي جي سياست کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش

سياستدان سياست جي ذريعي معاشري ۽ ملڪ کي بهتر بنائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هوندو آهي. معاشري جي تربيت پنهنجي بااخلاق ڪردار جي اظهار سان ڪندو آهي. ماڻهن ۾ سمجهه ۽ اخلاق جي سوچ کي پکيڙيندو آهي ۽ جڏهن ماڻهن جو ووٽ وٺي نمائندو بڻجي اسيمبلين ۾ پهچندو آهي يا ته هو حڪومتي ڌر جو ميمبر هوندو آهي انهيءَ صورت ۾ پڻ عوام جي ڀلائيءَ جا منصوبا ٺاهيندو ۽ انهن تي عمل يقيني بنائيندو رهندو آهي ۽ جيڪڏهن مخالف ڌر جو ميمبر هوندو آهي ته عوام جي ڀلائي خاطر حڪومتي ڪيل فيصلن تي جيڪي سندس سمجهه مطابق عوام جي فائدي لاءِ نه هوندا آهن انهن تي تنقيد ڪندو رهندو آهي. ان تنقيد کي تعميري تنقيد چيو ويندو آهي ۽ ان تنقيد جي هر هنڌ آجيان ٿيندي آهي. سياستدان ڪڏهن به پنهنجي زبان کي بداخلاق نه بڻائيندو آهي. سندس ڪاميابيءَ جو راز اخلاق، ڪردار، برداشت، معاشري کي جوڙڻ ۽ بهتر کان بهتر ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ هوندو آهي.
بدقسمتيءَ سان سياستدان جون اهي خاصيتون اسان جي ملڪ جي ڪيترن ئي سياستدانن وٽ اڻلڀ آهن، انهن جي سياست بدزباني، نفرت، مذهبي منافرت ۽ نسل پرستيءَ جي چوڌاري گهمي ٿي، اهي بجاءِ پنهنجي هاڪاري نظرئي کي عوام تائين پهچائن سندن ڪم ناڪاري سوچ ذريعي ماڻهن ۾ نفرتون پکيڙي انهن ۾ ويڇا پيدا ڪري انهن کان ووٽ وٺڻ هوندو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ اندر ايم ڪيو ايم جي سياست صرف نسل پرستي ۽ نفرت تي ٻڌل رهي آهي. 80ع واري ڏهاڪي ۾ ايم ڪيو ايم جو بنياد پيو، جيڪو هڪ آمر وڌو. ان وقت ايم ڪيو ايم جو جهيڙو ڪراچي ۾ رهندڙ پٺاڻن سان ٿيو، پر جڏهن ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ڏٺو ته پٺاڻ کانئن ويڙهه ۾ مضبوط آهي ته هنن نفرت جو منهن سنڌي ماڻهن ڏانهن موڙي ڇڏيو ۽ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ نفرت جي هڪ وڏي خليج پيدا ڪئي. جنهن جي ڪري 88ع ۾ تمام گهڻي خونريزي ٿي، معصوم ماڻهن جون جانيون ويون، ملڪيتون تباهه ٿيون، پر ايم ڪيو ايم جي سياست مضبوط ٿي ۽ سنڌ اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد شهرن ۾ سندن دهشتگرديءَ ذريعي خوف وارو عنصر واضح نظر آيو. اهو وقت آهي ۽ هي وقت آهي ايم ڪيو ايم وقت بوقت پنهنجي نفرت انگريزي واري سياست کي جيئرو رکندي نظر اچي ٿي. ڇو ته ايم ڪيو ايم جو مفاد ان قسم جي سياست ۾ ئي لڪل آهي. ايم ڪيو ايم ۽ اردو ڳالهائيندر ماڻهو يقينن ڌار ڌار آهن. ايم ڪيو ايم ڀلي پاڻ کي اردو ڳالهائيندڙ عوام جي نمائنده جماعت چوندي هجي، پر حقيق ۾ ايئن ناهي. 2018ع جي اليڪشن ڏسون، 2023ع جي بلدياتي چونڊ ڏسون، ايم ڪيو ايم تي اردو ڳالهائيندڙن جو ويساهه ختم ٿي چڪو آهي. ڇو ته ايم ڪيو ايم اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن کي ۽ نوجوان کي تمام گهڻو تاريخي نقصان پهچايو آهي. 2024ع ۾ انهن کي ڪيئن کٽرايو ويو آهي، اهي ڳالهيون مصطفيٰ ڪمال واتان چيل هينئر وڊيو جي روپ ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل آهن. بجاءِ تاريخ کان سبق سکڻ جي ايم ڪيو ايم جي سياست اڄ به نفرت ۽ نسل پرستيءَ تي ٻڌل نظر اچي ٿي ۽ انهن کي سياست ۾ اڳتي ڪرڻ وارن کي به لڳي ٿو ته ملڪ پيارو ناهي. اهڙو ئي اظهار اسان کي خالد مقبول صديقي جي پريس ڪانفرنس ۾ نظر آيو. هن پريس ڪانفرنس ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪئي جيڪو سندس سياسي حق آهي، پر کيس سنڌ جي ٻهراڙي واري ماڻهو تي تنقيد ڪرڻ جو ڪوبه حق نه آهي. پيپلزپارٽي جي حڪومت تي تنقيد ڪرڻ ۽ پوري سنڌ جي ٻهراڙي جي عوام تي تنقيد ڪرڻ جو فرق کيس معلوم آهي، پر پنهنجي سياست کي چمڪائڻ خاطر ڄاڻي واڻي نسل پرستي جي مئل گهوڙي ۾ ساهه ڦوڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن ۾ هو ناڪام ويندو. ٻئي طرف ڏسون ٿا ته پيپلزپارٽي بجاءِ پنهنجي حڪمراني کي بهتر ڪرڻ جي اهڙن قسمن جي مدي خارج بيانن جون وضاحتون ڪرڻ جي لاءِ ميڊيا آڏو بار بار اچي رهي آهي، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته اها هڪڙي قسم جي نورا ڪشتي آهي جيڪا ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي گڏجي کيڏي رهيون آهن.
مقصد سنڌ جي عوام جو ڌيان هٽائڻ آهي. بجاءِ انهن کي بهتر حڪمراني جا فائدا ڏيڻ جي جنهن ۾ امن امان، روزگار، صحت، تعليم، سٺو انفرااسٽرڪچر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اچي وڃن ٿيون. انهيءَ عوام کي اهڙي قسم جي بيان بازيءَ ۾ قابو ڪري پيپلزپارٽي پڻ چاهي ٿي ته ماڻهن جو ڌيان بهتر حڪمراني طرف نه وڃي. اسين پڻ اهڙي نورا ڪشتي واري پريس ڪانفرنس کي ننديون ٿا. عوام جو مطالبو آهي ته کين اهي سڀ سهولتون سنڌ حڪومت مهيا ڪري ڏئي جنهن جو واعدو ساڻن پيپلزپارٽي 2024ع جي چونڊ مهم دوران پنهنجي ڏنل منشور ۾ ڪيو آهي ۽ ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ ان قسم جي حرڪت نه ڪري.