ايڊيٽوريل

سنڌ سرڪار اسٽيل مل جي زمين جي مالڪي ڪري!

پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي. سندس جاگرافيائي بيهڪ جي هڪ خاص اهميت آهي، جيڪڏهن ان جي باوجود به حڪومتِ پاڪستان جي هٿ ۾ ڪشڪول آهي ته ان ۾ ڏوهه حڪمرانن جو آهي. ملڪ اندر سنڌ صوبي جي وسيلن جي ڳالهه ڪجي ته اسان کي ٻين صوبن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا، پر سنڌ جي حڪمرانن جا حال به ساڳيا ئي آهن.
سنڌ ۾ موجود وسيلن جي جيڪا وفاق طرفان لٽ مار ٿئي ٿي، ائين محسوس ٿئي ٿو ته وفاق سنڌ کي فتح ٿيل علائقو سمجهي ان جي وسيلن کي مالِ غنيمت وانگر کڻي ٿو ۽ پيپلز پارٽي وفاق کي ان جي بدلي ڏن ڏئي هڪ خاص مدي جي لاءِ حڪومت وٺي ٿي ۽ پنهنجن وسيلن جي مالڪي ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ جا حڪمران پڻ وفاقي لٽ مار ۾ ان سان گڏ بيٺل نظر اچن ٿا. عوامي مفادن سان سنڌ جي حڪمرانن جو ڪوبه تعلق نظر نٿو اچي. وسيلن کي سنڌ جا وسيلا نٿو سمجهيو وڃي، جيڪي سنڌ جي عوام تي خرچ ٿين ۽ جن سان عوام جي معاشي حالت بهتر ٿئي. اسٽيل مل ملڪ جي وڏن منصوبن مان هڪ اهم منصوبو هو، جيڪو هن وقت مڪمل تباهه ٿي چڪو آهي. 1968ع ۾ ان وقت جي آمر جنرل ايوب روس سان معاهدو ڪيو هو ۽ 70ع جي ڏهاڪي ۾ روس اسان کي اسٽيل مل لڳائي ڏني ۽ هلائي اسان جي حوالي ڪئي. اسٽيل مل جو ڪم صرف سريو ۽ لوهي گارڊر ٺاهڻ نه هئا. ان سان گڏ ڪيتريون ئي صنعتون جن ۾ آٽو موبائل ڪمپنيون پڻ شامل هيون، هلڻيون هيون، پر ملڪ جي حڪمرانن اسٽيل مل جو حشر به ملڪ وانگر ئي ڪيو آهي. اسٽيل مل جي زمين جيڪا ڪاغذن ۾ لکيل آهي اها 20 هزار ايڪڙ آهي، پر اسٽيل مل جي قبضي هيٺ زمين 20 هزار ايڪڙن کان گهڻي وڌيڪ آهي. اها زمين سنڌ سرڪار جي آهي جيڪا سنڌ سرڪار وفاق کي انهيءَ شرط تي ڏني هئي ته هن ۾ اسٽيل مل جو پروجيڪٽ لڳندو. جيڪڏهن ڪابه زمين ڪنهن خاص مقصد جي لاءِ صوبو ڪنهن وفاقي اداري جي حوالي ڪندو آهي ته پوءِ جيڪڏهن اهو منصوبو ختم ٿي ويو آهي ته زمين جي مالڪي انهيءَ صوبي جي برقرار رهندي آهي، هتي ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي جيڪا وفاق جي زيادتي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي ۽ هو پنهنجي ڏنل زمين واپس وٺڻ لاءِ پنهنجا اختيار استعمال نٿي ڪري. وفاقي سيڪريٽري فرمائي ٿو ته جيڪڏهن سنڌ سرڪار کي اسٽيل مل جي نيلام ٿيڻ تي اعتراض آهي ته وفاقي سرڪار کيس 7 سئو ايڪڙ زمين ڏيڻ جو احسان ڪندي، جنهن ۾ هو اسٽيل مل لڳائڻ چاهي ته لڳائي سگهي ٿي. هاڻي زمين سنڌ حڪومت جي 20 هزارن کان وڌيڪ ۽ خيرات ۾ ملي 7 سئو ايڪڙ، اهو ڪٿان جو انصاف آهي، اها آهي سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار. اسٽيل مل جو پروجيڪٽ هنيئر مئل هاٿي آهي، جنهن جي زمين جي قيمت جو ڪاٿو 26 سئو ارب کان مٿي جو آهي. جيڪڏهن اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري جو ڪو ڀلو فيصلو ٿيل آهي ته اهو اسٽيل مل جي نيلامي کي روڪڻ وارو چئي سگهجي ٿو. هن وقت وفاقي سرڪار ۽ سندس سهولتڪارن جون نظرون اسٽيل مل جي زمين تي آهن. هو چاهين ٿا ته کين اها زمين ڀڳڙن مٺ ملي وڃي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته سنڌ سرڪار پنهنجي زمين جي مالڪي ڪيئن ٿي ڪري.
جيڪڏهن اسٽيل مل جو منصوبو ختم ٿيو آهي ۽ اسٽيل مل نيلام ٿئي ٿي ته زمين سنڌ سرڪار کي واپس ملڻ گهرجي. اها سنڌ صوبي جي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ملڪيت آهي، ان جي لاءِ سنڌ سرڪار کي هر فورم تي پنهنجو ڪيس مضبوطيءَ سان پيش ڪرڻو پوندو، جيڪو نظر نٿو اچي. سنڌ سرڪار بحريه ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض طرفان سپريم ڪورٽ ۾ معاهدي تحت ڏنل 460 ارب جي رقم حاصل ڪرڻ ۾ پڻ ناڪام ٿي چڪي آهي، بلڪه ان جي مالڪي ئي نٿي ڪرڻ چاهي ته پوءِ اسٽيل مل جي زمين جي مالڪي ڪيئن ڪندي؟