ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان دنيا جي اڀرندڙ معيشتن ۾ ٻئي نمبر تي مستحڪم: بلومبرگ

آمريڪي معاشي رسالي بلومبرگ چيو آهي ته پاڪستان انهن چند ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي، جن جي ڏيوالپڻي واري صورتحال جي خطرن ۾ ڪافي گهٽتائي ٿي آهي ۽ هن پاڪستان ترڪي کانپوءِ ٻيو نمبر بهترين ملڪ قرار ڏنو ويو آهي. گذريل پندرهن مهينن (جون 2024 کان سيپٽمبر 2025 تائين) پاڪستان کي ڏيوالپڻي جا خطرا سامهون هئا، جن ۾ 2200 پوائنٽن جي نمايان بهتري آئي آهي، ان جي برعڪس ڏکڻ آفريڪا، ايل سلواڊور ۽ ٻين ملڪن ۾ گهٽ بهتري نظر آئي آهي.

جڏهن ته مصر، نائيجيريا ۽ ارجنٽائن جهڙن ملڪن ۾ اهي خطرا اڃان وڌي ويا آهن. پاڪستان جي بهتري ان ڳالهه جي علامت آهي ته سرمائيڪارن جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. بلومبرگ جي آڪٽوبر 2025 جي رپورٽن موجب پاڪستان اڀرندڙ معيشتن جي گلوبل رينڪنگ ۾ اهم سڌارا ڏيکاريا آهن ۽ هن پنهنجي ڪارڪردگي کي ترڪي کانپوءِ دنيا ۾ ٻئي نمبر تي آندو آهي، ان رينڪنگ کي هنن نقطن ۾ جاچي سگهي ٿو. هن وقت پاڪستان سڀ کان وڌيڪ سڌريل معيشتن ۾ شامل آهي. ان کانپوءِ پاڪستان خود مختيار ڊيفالٽ رسڪ ۾ گهٽتائي جي لحاظ کان ٻئي نمبر تي آهي.

ان ڳالهه کي به سمجهڻ ضروري آهي ته هن رينڪنگ جو مطلب ترقيءَ جي رفتار (جي ڊي پي) جي واڌ تي نه، پر ڊيفالٽ ٿيڻ جي خطري ۾ آيل بهتري تي ٻڌل آهي. بلومبرگ ان لاءِ ڪريڊٽ ڊيفالٽ سوئيپ يا CDS جي قيمتن جو استعمال ڪيو آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ڪو ملڪ پنهنجا کنيل قرض واپس ڪري سگهي ٿو يا نه. جنهن ۾ پاڪستان 15 ميهنن جي دوران انهن خدشن ۾ نمايان گهٽتائي آندي آهي. هن رپورٽ مطابق پاڪستان عالمي مالياتي فنڊ جي اصلاحاتي پروگرام تي لڳاتار عملدرآمد ڪري رهيو آهي، جنهن سبب قرضن جي بروقت ادائگي به ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان اندر سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، جيڪو عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان جي مارڪيٽ تي ٻيهر اعتماد ڪرڻ جو حوصلو فراهم ڪري ٿو. هيءَ رپورٽ پاڪستان کي ڊيفالٽ رسڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ سڌريل ملڪ ڪيئن سمجهي ٿي ان لاءِ ڪجهه انڊيڪيٽرن ۽ عنصرن جو ڄاڻڻ ضروري آهي. سڀ کان پهريون CDS هڪ مالي معاهدو آهي، جيڪو ٻن ڌرين جي وچ ۾ ٿئي ٿو ۽ ان جو قصد ڪنهن قرض يا قرض جي واپس نه ٿيڻ تي ڊيفالٽ جي خطري کي هڪ کان ٻي ڌر ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي.

جڏهن ڪنهن ملڪ جو سي ڊي ايس گهٽجي ٿو ته مطلب ته مارڪيٽ ۾ ان جي ڊيفالٽ جو خطرو گهٽجي ويو آهي جيڪا ان ملڪ جي اعمتاد کي وڌائي ٿي. ان کان علاوه پاڪستان لڳاتار اي آءِ ايف پرگرام تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي. قرضن جي بروقت ادائگي ڪرڻ سبب پاڪستان هاڻي ڏيوالپڻي جي خطري کان ٻاهر نڪري آيو آهي. سڀ کان اهم ڳالهه مالياتي نظم و ضبط، سرڪاري خرچن کي قابو ڪرڻ ۽ آمدني يعني ٽيڪس کي وڌائڻ جا اپاءُ وٺي رهيو آهي. هن وقت پاڪستان وٽ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيو آهي، جيڪو پرڏيهي مال گهرائڻ ۽ قرضن جي ادائگي جي صلاحيت کي وڌائي ٿو. ان کان علاوه جاري کاتي جو خسارو (ڪرنٽ اڪائونٽ ڊيفيسٽ) يعني سامان ۽ خدمتن جي درآمد ۽ پنهنجو سامان يا خدمتون برآمد ڪرڻ  جي وچ ۾ جيڪو فرق آهي ان کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب نظر اچي رهيو آهي. انهن ڪوششن جي ڪري پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي ۾ تيزي نظر اچي ٿي، جنهن جي ڪري گلوبل ڪريڊٽ ريٽنگ ايجنسيون جن ۾ بين الاقوامي ريٽنگ ايجنسيون موڊيز، فچ ۽ ايس اينڊ پي طرفان پاڪستان جي آئوٽ لڪ کي مستحڪم ۽ مضبوط ڏيکاريو ويو آهي.

ان رپورٽ شايع ٿيڻ سان پاڪستان جي واپاري ساک ۾ دنيا ۾ بهتري ايندي. ٻين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان کي هڪ محفوظ ۽ قابل اعتماد مالي پارٽنر سمجهي هتي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ اڳيان ايندا. ان کان علاوه عالمي مالياتي ادارا، بينڪون ۽ سپلائر پاڪستان سان ڊيل ڪرڻ ۾ اعتماد جو اظهار ڪندا. ڇو ته هاڻي پاڪستان کي ڏيوالپڻي جو خطرو گهٽجي ويو آهي. ان کان علاوه ملڪي واپاري آسانيءَ سان پرڏيهي بينڪن کان ليٽر آف ڪريڊٽ (L/C) حاصل ڪري سگهندا، جيڪو پرڏيهه سامان موڪلڻ کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي. بلومبرگ جي اها رپورٽ پاڪستان جي معيشت تي هڪ مثبت اثر ڇڏيندي، ڇو ته هيءَ رپورٽ هڪ مالي سرٽيفڪيٽ آهي ته پاڪستان جي معيشت هاڻي بدترين صورتحال مان ڪري چڪي آهي. هيءَ ريٽنگ سڌو سنئون قرض وٺڻ جي خرچ کي گهٽائيندي، سيڙپڪاري آڻيندي ۽ واپاري عمل کي آسان بڻائيندي، جنهن جو نتيجو هڪ عام شهري لاءِ مهانگائي تي ڪنٽرول ۽ ملڪي ترقي جي صورت ۾ سامهون ايندو.