پاڪستاندنيانئوننيو‍‍ز

 اڄ حڪومت مني بجيٽ پيش ڪندي، درآمدي شيون مهانگيون ٿيڻ جو امڪان

وفاقي حڪومت اڄ ٻيو مني بجيٽ پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي جنهن ۾ سگريٽ ۽ گاڏين سميت ٻين درآمد ٿيندڙ سامان جي قيمت وڌڻ جا امڪان آهن. جڏهن ته پگهاردارن لاءِ  قابل ٽيڪس آمدني جي حد 6 کان 8 لک رپيا، جي ايس ٽي جي شرح 17 کان وڌائي ساڍا 17 سيڪڙو ٿيڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته نان فائيلر وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪري گاڏي ۽ جائيداد خريد ڪري سگهن ٿا. اطلاعات واري وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن تمام اهم رهيو آهي تحريڪ انصاف پنهنجي ايجنڊا اڄ عوام آڏو رکڻ واري آهي. مالياتي ايمرجنسي سان  نبيري چڪا آهيون هاڻي پنهنجو اقتصادي Vision ڏئي رهيا آهيون 2019 اصل مقصد حاصل ڪرڻ جو سال آهي. وزيراعظم پاران مني بجيٽ پيش ڪرڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس گهرايو ويو آهي. ٻئي طرف اپوزيشن جون پارٽيون حڪومت کي مني بجيٽ جي معاملي تي سخت تنقيد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويون آهن.