حضرت علي ڪرم الله وجهه جو قول آهي ته: “جنهن مون کي هڪ لفظ سيکاريو، اهو منهنجو استاد آهي.” هي قول استاد جي عظمت ۽ عزت جو اهڙو مثال آهي، جيڪو دنيا جي رهندڙ سڀني انسانن کي استاد جي بلند عزت بابت آگاهي ڏي ٿو. استاد صرف هڪ لفظ نه پر، انسانيت، قرباني، عزت ۽ پاڪيزگيءَ جو مرڪب آهي. هو وڏن محلاتن ۾ نه رهندو آهي، نيب جي ڪيسن ۾ سندس نالو نه ايندو آهي، پر سندس ڪم، سندس ايمانداري ۽ سندس پاڪيزگي سدائين روشن رهندي آهي. استاد جي عظمت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سماج جا ماڻهو اڃان ننڊ مان جاڳندا به نه آهن، استاد پنهنجي اسڪول يا ڪاليج ۾ پهچي مستقبل جا معصوم ڪورا ذهن رکندڙ شاگرد تيار ڪرڻ جي تياري شروع ڪري ٿو.
استاد معاشري جو اهو مهڪندڙ گل آهي، جنهن جي خوشبو سان نسل مهڪندا آهن، جنهن جي روشني سان اونداهه ختم ٿي وڃي ٿي ۽ هر طرف اجالو اچي وڃي ٿو. جنهن جي تربيت سان هڪ عام ماڻهو قوم جو ليڊر، سچو حڪمران، ايماندار آفيسر يا بهترين سپاهي يا هڪ ذميدار شهري بڻجي ٿو، پر افسوس جو اسان جي سماج ۾ استاد جي خدمت جو قدر ايترو نٿو ڪيو وڃي، جيترو ڪرڻ گهرجي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ استاد کي قوم جو روحاني پيءُ ۽ ٻارن جو روحاني رهبر قرار ڏنو ويندو آهي. اسان کي گهرجي ته استاد کي فقط پڙهائڻ وارو نه، پر قوم جو معمار سمجهون.
استاد جي عزت ڪرڻ سان ئي سماج ۾ علم، شعور، برابري ۽ سچائي پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن اسان استادن کي سندن حقيقي مقام ۽ عزت ڏينداسين ته يقينن ايندڙ نسلن جي تقدير به روشن ٿيندي. استاد فقط هڪ پيشو ناهي، پر اها عبادت آهي، اها قرباني آهي ۽ اهو سڀ کان وڏي درجي وارو عمل آهي، جنهن سان معاشرو جڙي ٿو ۽ ملڪ ترقي ڪري ٿو. استاد صاحبان کي مان ۽ عزت ڏيڻ حقيقت ۾ پنهنجي ئي مستقبل کي عزت ڏيڻ آهي.