ايڊيٽوريلنئون

موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ رٿابندي جي ضرورت آهي

گلگت بلتستان ۾ برساتن جي ڪري پيدا ٿيل سيلابي صورتحال تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري پيدا ٿيل مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. موسمياتي تبديلي عالمي مسئلو آهي. پاڪستان موسمياتي تبديليءَ جي شڪار ٿيڻ وارن 10 ملڪن ۾ شامل آهي. سڄي دنيا ۾ موسم ۾ ڦيرگهير ٿي رهي آهي. انهيءَ جا گهڻا ئي سبب آهن، پر هڪ سبب تي سڄي دنيا جا ملڪ متفق آهن ته موسمياتي تبديلي جو بنيادي سبب گرين هائوس گئسن جو خارج ٿيڻ، خاص طور تي ڪاربن ڊائي آڪسائيڊ ۽ جهنگن ۽ ٻيلن جي ڪٽائي شامل آهي. تيل ۽ پيٽرول جو صنعتن ۾ استعمال جيڪو زمين جي گرمي پد کي وڌائي ٿو. انهيءَ ڪري گهڻن ئي ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي تباهي آندي آهي. برساتون ۽ سيلاب آيا آهن. اسانجو ملڪ به انهيءَ موسمياتي تبديلي جي اثر ۾ آيو آهي.

موجوده دور ۾ انسانيت پنهنجي بقا جي حوالي سان موسمياتي تبديلي جو مقابلو ڪري رهي آهي. موسمياتي تبديلي اصل ۾ پاڻي ۽ هوا جي قدرتي نظام ۾ پيدا ٿيندڙ بگاڙ جو نالو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان پاڪستان ۾ برساتون ۽ سيلاب ايندا رهيا آهن. اسانجو سنڌ صوبو به موسمياتي تبديلي جو شڪار ٿيو آهي. سال 2010 ۽ سال 2022 جون برساتون ۽ سيلاب بي پناهه نقصان ڏيندڙ هئا، جن ڳوٺن ۽ شهرن کي نقصان پهچايو ۽ انهن ۾ رهندڙ آبادين ۽ زرعي فصلن جي تباهي ڪري ڇڏي هئي.

عالمي ادارن ۽ ملڪن انهن بارشن ۽ سيلابن کي موسمياتي تبديلي جو نتيجو قرار ڏنو آهي، ۽ گهڻن ملڪن انهيءَ سلسلي ۾ اسانجي مدد پڻ ڪئي. عالمي مالياتي ادارن جن ۾ عالمي بينڪ، ايشين ڊولپمينٽ بينڪ به مدد ڪئي ته جيئن انهن ٻنهي سيلابن مان متاثر ٿيل ڳوٺن، شهرن جي بحالي ٿي سگهي جيئن انهيءَ ۾ رهندڙ آبادي جي زندگيءَ جي نئين سر تعمير ٿي سگهي. عالمي عدالتِ انصاف موسمياتي تبديلي کي “وجودي خطرو” قرار ڏنو آهي.

اقوام متحده جي اعليٰ ترين عدالت 23 جولاءِ 2025 تي ميمبر ملڪن ۽ رياستن کي موسمياتي تبديلي جي متعلق قانوني ذميواري تي پنهنجي راءِ ۾ اهو چيو آهي. انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس جو اهو غور و فڪر ته انساني وجود کي موسمياتي تبديلي جي ڪري خطرو آهي. انتهائي اهميت واري ڳالهه آهي. سڄي دنيا ۾ اهو بحث پيو هلي ته موسمياتي تبديلي جي مسئلي جو ڇا ڪجي.

اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي عدالت کان ٻه سوال ڪري راءِ گهري هئي ته بين الاقوامي قانون جي تحت موسمياتي نظام کي گرين هائوس گئسن کان بچاءُ جون ڪهڙيون ذميواريون آهن ۽ انهن ملڪن جي خلاف ڪهڙا قانوني نتيجا هوندا، جيڪي موسمياتي نظام کي نقصان پهچائين ٿا. هتي اها ڳالهه به ڪجي ته سال 2015 ۾ فرانس جي گادي واري شهر پيرس ۾ اقوام متحده 190 کان وڌيڪ ملڪن سان عالمي گرمي پد کي 1.5 ڊگري سيلسيئس تائين محدود رکڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو عهد ڪيو. پر اهو معاهدو ۽ عهد عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو. موسمياتي تبديلي جيئن ته سڄي دنيا ۾ بحث هيٺ آهي ۽ انهيءَ کي روڪڻ جي لاءِ ڳالهيون ٻولهيون ٿي رهيون آهن. پر موسمياتي تبديلي تي اڃا به وڏي عالمي رٿابندي جي ضرورت آهي.

ملڪ ۾ تازين برساتن جي ڪري گلگت بلتستان ۽ پنجاب صوبي ۾ تمام گهڻي تباهي آئي آهي. وزيراعظم پنهنجي گلگت بلتستان جي دوري ۾ 2022 جي برساتن جي تباهي ۽ سيلاب جي ڳالهه ڪئي ۽ اهو به چيو ته موسمياتي تبديلي جي وزارت کي ضروري هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.

هتي اسين اها ڳالهه ڪنداسين ته وزارت موسمياتي تبديلي کي سيلابن ۽ برساتن کان پهرين انهن علائقن ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن جاني ۽ مالي نقصان گهٽ ٿئي. تازين برساتن ۽ سيلاب ماڻهن جي فصلن، گهرن ۽ آبادين کي نقصان پهچايو آهي. قدرتي آفتن کان بچاءَ لاءِ گهڻ طرفي رٿابندي جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ جو موسمياتي تبديلي جي ڪري بارشن ۽ سيلاب جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو آهي. مستقبل ۾ انهيءَ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي.