بلاگنئون

هالا ناڪا ۾ نئين آبادي جو ڦهلاءَ ۽ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو

ھالا ناڪا جي مقامي آبادي جيڪا نج ڳوٺن تي مشتمل هئي. اها هاڻي نئين آبادي ۽ رهائشي اسڪيمن جي ڦهلاءَ سبب ڳتجي سوڙهي ٿي وئي آهي. انهن ڳوٺن جي نيڪال لاءِ ضرورت آهر کڏا ۽ کاما هوندا هئا، پر هاڻي بي انداز رهائشي اسڪيمن جي ڦهلاءَ سان گندي پاڻي يا برسات جي نيڪال جو ڪو جوڳو بندوبست نه رهيو آهي. ڪنھن به نئين رهائشي اسڪيم جو ڊرينيج سسٽم ڪشاده ناهي، جنهن جي ڪري سڄي ھالا ناڪا جي ڊرينيج جو نيڪال ڪٿي نه پيو ٿئي. نيڪال جو نظام هڪ ٻه پمپنگ اسٽيشنز تائين محدود آهي.

هن علائقي جي قدرتي آبي گذرگاھه ڪٿي به نه پئي لڀي شايد اها زرعي زمين هجي يا واھه.

ھالا ناڪا جتي گاڏين جو اسٽاپ، ٻڪرين جي پڙي، ٽرڪن جا ورڪشاپ، هول سيل جي سامان جا گودام، صابڻ جو ڪارخانو، مال جا واڙا، واپڊا جي گرڊ اسٽيشن، واپڊا ڪالوني موجود آهي. سوزوڪي جي شٽل سروس هوندي هئي اها پراڻي ڳالهه ٿي وئي. هاڻي اتي ٿڌي عوامي بس سروس جيڪا هٽڙي کان حيدر چوڪ تائين هلي ٿي، جنهن ۾ ماڻهو ٻاهرين شور، آلودگي کان محفوظ سفر ڪري ٿو. نيشنل سپر مارٽ، سبزي منڊي، اسريٰ اسپتال، ايشين ميڊيڪل سينٽر، شاپنگ سينٽر، رهائشي اسڪيمن جن ۾ اسريٰ وليج، اسڪائي ٽائون، بليسنگ ريزيڊنسي، فضل سن سٽي، حيدرآباد نيوسٽي، ظفر هائوسنگ سوسائٽي، مرحبا ٽائون، دبئي سٽي، انڊس هيوين، حمزه گارڊن، صادق ليونا، قادر ايوينيو، مصطفيٰ ٽائون، پام فور، جميره ريزيڊنسي، روحان فراز ولاز، مدر وليج، گلف ريزيڊنسي، انڊس پيراڊائز، طاها ريزيڊنسي، قابل ذڪر آهن. انهن اسڪيمن جي ڦهلاءَ سان هڪ نئون شهر بڻجي ويو آهي. هالا ناڪا جي قسمت سبزي منڊي جي منتقلي سان جاڳي پئي آهي، ساڳي وقت گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. ذڪرڪيل سڀني رهائشي اسڪيمن جو ڊرينيج درست، ڪشاده ۽ ڪارائتو نه آهي، جنھن جي ڪري مستقبل ۾ نئين آبادي پڻ ڊرينيج جي مسئلي کي منهن ڏيندي. نيو حيدرآباد سٽي جيڪو هزارين ايڪڙن تي مشتمل ميگا رهائشي منصوبو آهي پر ان کي به ڪو درست ڊرينيج جو نظام ناهي، ڪا پمپنگ اسٽيشن نظر نه پئي اچي. پاڻي جي نيڪال جو ڪو جوڳو بندوبست ناهي.

ھالا ناڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ مال جا واڙا آهن جن جي ڇيڻن ۽ گندي پاڻيءَ جي نيڪال سبب هن علائقي جي فضا گهڻي ۾ گهڻي گدلاڻ آهي، خاص ڪري سبزي منڊي کان نيو حيدرآباد سٽي ڏانهن ويندڙ روڊ سان  هوا ۾ بدبو شامل آهي، ٻيو فضل سن سٽي واري پاسي کان پڻ فضا گهڻي آلودا آهي.

مال جي واڙن جي گندگيءِ جي نيڪال جو ڪو به جوڳو بندوبست نه ھجڻ ڪري اهو ماحولياتي آلودگي ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي.

هالا ناڪا جي حد ۾ صاف سٿرو علائقو رڳو هٽڙي ۽ باءِ پاس وارو علائقو بچيو آهي، جتي اعليٰ طبقي جون مهانگيون رهائشي اسڪيمون، گاڏين جا شوروم ۽ شاپنگ پلازا  ۽ تعميراتي سامان جا ڪشاده اسٽور پڻ موجود آهن.

ڪنهن زماني ۾ هالا ناڪا ڳوٺن، زرعي زمين، زرعي فارم، فصلن، باغ ۽ باغيچن سان آباد هو. ھاڻي رهائشي ۽ ڪمرشل مرڪز بڻجي ويو آهي.