بلاگنئون

​خيرپور جي لوئر اسٽاف ملازمن جي سار ڪير لهندو؟

​تعليم جو نور پکيڙيندڙ ضلعي خيرپورميرس جا اهي هٿ جيڪي آفيسن جا فائل کڻن ٿا، صاحبن لاءِ چانهه جا ڪوپ تيار ڪن ٿا ۽ جيڪي اسڪولن جا دروازا کولي پنهنجا فرض نڀائين ٿا، اڄ اهي ئي هٿ انصاف لاءِ واجهائي رهيا آهن. اسان جي سماج جو اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي ته جيڪو هٿ قلم کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو، تنهن کي رڳو “لوئر گريڊ” جي زنجيرن ۾ جڪڙي رکيو ويو آهي. سال 2006ع کان وٺي اڄ تائين، جڏهن وقت جون ڪيتريون ئي لهرون وهي ويون، ڪيترا ئي آفيسر آيا ۽ ويا، پر جيڪڏهن ڪجهه نه بدليو ته اهو آهي خيرپور ميرس جي لوئر اسٽاف جو نصيب. اسان مان ڪيترائي اهڙا دوست آهن جن جي مٿي تي چاندي جهڙا اڇا وار اچي ويا آهن، پر سندن سروس بڪ ۾ اڃان تائين “پروموشن” جا لفظ اڻلڀ آهن. اسان رڳو ملازم نه آهيون، اسان هن نظام جا اهي مضبوط ٿنڀا آهيون جيڪي خاموشي سان پنهنجو رت ٻاري هن انتظامي گهر کي روشن رکن ٿا، پر افسوس! ته جڏهن حقن جي ورڇ جو وقت اچي ٿو  ته اسان کي وساريو وڃي ٿو. ​اهو ٻڌي شايد ڪنهن جو روح ڏڪي وڃي ته خيرپور جي تعليم کاتي ۾ اهڙا به “لوئر اسٽاف” جا ملازم آهن جن وٽ M.A, M.Ed جهڙيون اعليٰ ڊگريون آهن. اسان ڪمپيوٽر جا ماهر آهيون، اسان جديد دور جي تقاضائن کان واقف آهيون، پر اسان جي انهن ڊگرين کي المارين  ۾ پيل پراڻي فائلن وانگر اڏوهي کائي رهي آهي.

​ڇا اعليٰ تعليم يافته هجڻ اسان جو ڏوهه آهي؟ ڇا قانون جي پاسداري ڪرڻ اسان جي ڪمزوري آهي؟ ​2015ع ۾ سکر هاءِ ڪورٽ جي سڳوري فيصلي اسان جي مرندڙ اميدن کي نئين زندگي ڏني هئي. عدالت اسان جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر افسوس جو عدالتي حڪمن کي به انتظامي فائلن جي تري ۾ دٻايو ويو آهي. ​ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر ڏانهن هڪ درد ڀري اپيل محترم سائين انيس الرحمان صاحب، ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن آفيسر (ايليمينٽري، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري) خيرپورميرس؛ توهان جي شخصيت جي سڃاڻپ هڪ درد دل رکندڙ ۽ انصاف پسند آفيسر طور ٿئي ٿي. توهان هميشه پنهنجن ننڍڙن ملازمن جي پٺڀرائي ڪئي آهي. اڄ خيرپورميرس جو اهو پورهيت طبقو، جيڪو پنهنجي پوري جواني هن کاتي جي نالي ڪري چڪو آهي، توهان  ڏانهن نهاري رهيو آهي.

​سائين! اسان جا ٻار اسان کان پڇن ٿا ته “بابا، توهان پڙهيل لکيل هجڻ باوجود اڃان تائين ساڳئي پوزيشن تي ڇو آهيو؟” اسان وٽ انهن معصوم سوالن جا ڪي به جواب ناهن. اسان جا ڪلارڪي پروموشن جيڪي سالن کان رڪيل آهن، اهي رڳو هڪ سرڪاري ڪاغذ جو ٽڪرو ناهن، پر اسان جي خاندانن جي خوشحالي، اسان جي ٻارن جي مستقبل ۽ اسان جي عزتِ نفس جو سوال آهن. جيڪڏهن اوهان جهڙا مهربان ۽ بااختيار آفيسر به اسان جي سار نه لهندا، ته پوءِ اسان ڪنهن جو در کڙڪائينداسين؟ انصاف جي اها مسند جنهن تي توهان ويٺا آهيو، اها مظلومن جي اميدن جو آخري مرڪز آهي. ​اسان اوهان کان ڪا خيرات نٿا گهرون، اسان رڳو پنهنجو اهو قانوني ۽ آئيني حق گهرون ٿا جنهن جي توثيق سنڌ جي اعليٰ عدالت به ڪري چڪي آهي. اسان کي اميد آهي ته اوهان پنهنجي شفقت جو هٿ اسان جي مٿي تي رکندي، جلد کان جلد ڊي پي سي (DPC) ڪرائي، ڪلارڪي پروموشن جا آرڊر جاري ڪندا. ​خدارا! انهن ٻڏندڙ ٻيڙين کي ڪناري لڳايو ته جيئن خيرپور جو لوئر اسٽاف به فخر سان چئي سگهي ته هن ضلعي ۾ انصاف اڃان  زنده آهي.