پاڪستان خيرن سان اٺهتر سالن جو ٿي چڪو آهي، پر خوراڪ جي ڪمي جي ڪري اڃان تائين پنهنجن پيرن تي بيهي نه سگهيو آهي. ڇا ڪو اهڙو ڊاڪٽر يا حڪيم پاڪستان ۾ موجود آهي جيڪو منهنجي پاڪ ملڪ جو معاشي آپريشن ڪري سگهي ته جيئن اسان جو پيارو ملڪ ڪرپشن ڪندڙ جراثيمن کان محفوظ ٿي سگهي. پاڪستان جي مقابلي ۾ دنيا جا گهٽ عمر وارا ملڪ خوب ترقي جي ميدان ۾ ڊوڙون پائي رهيا آهن خوب خوشحالي ۽ ترقي جا مزا ماڻي رهيا آهن ۽ اسان جو ملڪ ويچارو قدرتي نعمتن جي باوجود به ترقي ۽ خوشحالي جي ميدان ۾ اڳتي قدم به نه وڌائي سگهيو آهي، ان جو اصل سبب طبقاتي نظام ۽ ڪرپشن آهي. هن پاڪ ملڪ جو ڪو اهڙو ادارو ٻڌايو جيڪو ڪرپشن کان پاڪ هجي ڊاڪٽرز مافيا کان وٺي پوليس مافيا تائين. سياستدانن کان وٺي اعليٰ ادارن تائين، هر ادارو ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ پيرن کان مٿي تائين ڦاٿل آهي. اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن ۾ پنجون نمبر ايٽمي طاقت ۽ قدرتي وسيلن سان مالا مال هجڻ جي باوجود به تباھ حال لڳو پيو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ڏينهون ڏينھن غربت ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو، غريب هاري، مزدور ۽ پورهيت طبقو فاڪاڪشي تي مجبور آهي، سياسي آقا ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ واڳون ملڪ جا اصل وارث بڻجي پاڪستان جو خوب پئسو ٻاهرين ملڪن ۾ عياشين تي خرچ ڪري رهيا آهن. جڏهن عام عوام غربت جي چڪي ۾ پسجڻ جي باوجود به خاموشي سان پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن مٿان ٿيندڙ ظلم برداشت ڪري رهيا آهن. هاڻي اليڪشن جو وقت ويجهو ايندي ئي سياسي دلال عام عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ تعزيتن جي بهاني ڳوٺن ۾ موجود سياسي ننڍن دلالن جي معرفت غريب هارين، مزدورن ۽ پورهيتن کي ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائي تعزيتون ڪندا ۽ اسان جا غريب، مزدور، هاري ۽ پورهيت پنجن سالن جون تڪليفون کين معاف ڪري وري هڪ دفعو ٻيهر سياسي چورن لٽيرن کي نچي ڪڏي ووٽ ڏيندا ۽ ايندڙ پنج سالن تائين وري ماتم ڪندا رهندا، ڇا اهڙي قوم مان تبديلي يا ترقي جي اميد رکي سگهجي ٿي. هرگز به نه، هاڻي تي هتي پوليس مافيا بڻجي چڪي آهي ڪو به عام شهري محفوظ نه آهي ڪنهن جون به ملڪيتون ۽ عزتون محفوظ نه آهن وڏيرن کي ننڍا وڏا شهر رياستن طور ڏنا ويا آهن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي لوڪل گورنمينٽ جي ادارن کان وٺي تعلقا ۽ ضلعا ايڊمنسٽريشن جو واڳ ڌڻي بڻايو ويو آهي، هر ننڍي وڏي ڪم لاءِ ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي اوطاقن تي وڃي اجازت وٺڻي پوي ٿي. پوليس جا آفيسر به انهن جي مرضيءَ سان لڳايا وڃن ٿا، مطلب ته هر ادارو ڀوتارن جي اوطاقن جي اجازت جو ماتحت آهي، ڊاڪٽر سڳورا غريبن جو علاج سرڪاري اسپتالن بجاءِ پنهنجين خانگي ڪلينڪن تي مريضن کي گهرائي ڪاسائين جيان ڪُهي، غريبن جو الھ تلھ کپرايو ڇڏين ٿا. روينيو کاتو، گيس جا بل ۽ بجلي جا بل وٺڻ لاءِ عام عوام جا تن تان ڪپڙا به لاهرايا وڃن ٿا. رهيو کهيو هن ملڪ جو عدالتي نظام به ڏينهون ڏينھن مايوس ڪندو پيو وڃي. بهرحال سچ چئجي ته هي ملڪ چورن لٽيرن حوالي ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن جنهن کي به هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته ڀوتارن جي اوطاقن جي سلامي ڀرڻي پوندي نه ته ڪا نه ڪا مصيبت ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏينديس، جنهن مان قبر تائين آجو ٿيڻ مشڪل هوندو. مطلب ته هن ملڪ ۾ رهڻو آهي ته آقائن جي اڳيان غلامي واري زندگي گذارڻي پوندي. فخر سان چوڻو ٿو پوي ته پاڪستان دنيا ۾ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو قدرتي وسيلن سان گڏوگڏ بهادر فوج جي ڪلهن تي مضبوط بلڊنگ جيان بيٺل آهي پوءِ اسين پنهنجي طاقت ۽ قدرتي وسيلن ذريعي دنيا جي ترقي يافتا ملڪن جي فارمولن ذريعي خاموشي سان ترقي جي ٽريڪ تي ڇو نٿا هلون. جنهن سان اسان جي ملڪي معيشت ۾ به سڌارا اچي سگهن ٿا. بجاءِ ٻاهرين ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ کان قرض وٺي ملڪي وهنوار هلايون ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪي ملڪيت جي وارثي ڪريون باقي سياسي پنڊتن ۽ ادارن ۾ ويٺل ڪرپشن جي ماهر ڪردارن جي روڪٿام وقت جي اهم ضرورت آهي. عام چوڻي آهي ته محنت ۾ عظمت هوندي آهي، پر جنهن ملڪ ۾ اسين رهون ٿا ان ملڪ جي محنت ڪش ماڻهن جي ڪمائي ۾ ڪابه برڪت ئي نه آهي. يعني هاري، مزدور جيڪي ملڪ جي معيشت جا ڦيٿا سمجهيا ويندا آهن انهن ويچارن وٽ ٻه ويلا ماني کائڻ جي به وصيت نه هوندي آهي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ پورهيت، هارين ۽ مزدورن جي اجرت پاڪستان جي سترهين گريڊ جي آفيسر جي برابر هوندي آهي ۽ ان سان گڏوگڏ بنيادي سڀ سهولتون به انهن کي ميسر هونديون آهن، سڌريل ملڪن جا هاري، مزدور پنهنجي خود ڪفيل زندگي بسر ڪري رهيا آهن، پر اسان جي ملڪ پاڪستان جي هاري، مزدور جي زندگي هميشه مفلسي ۽ پريشاني ۾ گذري رهي آهي. هن ملڪ ۾ هارين، مزدورن کان ٽيڪس ته ورتو وڃي ٿو، پر انهن کي بنيادي سهولتون جهڙوڪ: علاج جون سهولتون، پيئڻ جي صاف پاڻي جي سهولت، تعليم جي سهولت، نيڪاسي، روڊ رستن، بجلي ۽ گئس جي سهولت کان به محروم رکيو وڃي ٿو. جنهن ملڪ ۾ چور لٽيرن جي بادشاھت هجي اتي غريب جي ڪابه حيثيت نه هوندي آهي. هن ملڪ ۾ چند هزار چور لٽيرا خاندان روزانو امير ٿيندا وڃن پيا باقي غريب غربو ته ڪنهن ليکي چوکي ۾ ئي نه آهي. بهرحال هاري زمينن ۾ هر هلائي رهيا آهن، در حقيقت هي آهن ملڪي معيشت جا بنيادي ڦيٿا جيڪي ملڪي معيشت ۾ استحڪام آڻين ٿا، پر افسوس سان اهو چوڻو ٿو پوي ته هنن جي بهتري لاءِ حڪومت جي چور حڪمرانن وٽ ڪوبه احساس پروگرام ئي نه آهي. پاڪستان زرعي ملڪ هئڻ جي باوجود به ٻاهرين ملڪن مان اناج گهرائڻ تي مجبور آهي. پنهنجي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اناج چور بازاري ذريعي ٻين پاڙيسري ملڪن کي فروخت ڪيو وڃي ٿو ۽ وري ٻاهرين ملڪن مان اناج گهرائي پنهنجي عوام کي ٻيڻي اگھ ته فروخت ڪري غريب عوام جي وجود کي کوکلو ڪيو وڃي ٿو. هتي جمهوريت جي نالي تي ڊڪٽيٽرشپ موجود آهي. اهڙيون پاليسيون جوڙي عوام جو رت چوسڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، اسيمبلين ۾ ويٺل سيد، مير، پير، وڏيرا، جاگيردار، گادي نشين جن سدائين عوام جو معاشي قتل عام ڪيو آهي، ڇا اهي غريب عوام جي بهتري لاءِ ڪو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، منهنجي خيال مطابق هرگز به نه. اهي ڪڏهن به عوام جي بهتري نه چاهيندا، ڇو جو هنن هميشه هارين، مزدورن جو پگهر وهائي پنهنجون محل محلاتون جوڙيون آهن، اهي ڪڏهن به هيٺين طبقي جي ماڻهن کي مٿي اچڻ نه ڏيندا. پاڪستان جي اسپتالن ۾ غريب عوام لاءِ ڪابه علاج جي سهولت نه آهي، تعليم ڄڻ ته غريب عوام جي مقدر ۾ لکيل ئي نه آهي، غريب عوام جي گهرن ۽ گهٽين ۾ گندگي جا ڍير لڳا پيا هوندا آهن، نيڪاسي جو نظام ايترو خراب آهي جو گهٽيون تلائن جو منظر پيش ڪن ٿيون. ان گندگي مان جيڪي بيماريون پکڙجن پيون ان جو ذميوار ڪير آهي. هڪ جمهوري معاشري ۾ انسانن سان ٿيندڙ حيوانن واري ورتاءُ جو آخر ڏوهي ڪير آهي؟ ڪو ته هن ڏوھ جي ذميواري قبول ڪرڻ جي جرئت ڪري. سياستدان پاڻ کي احتساب لاءِ عوامي عدالت جي ڪٽهڙي ۾ پيش ڪن. پاڪستان ۾ سياستدانن جو بنياد ئي ڪوڙ تي ٻڌل کوکلن نعرن جيان هوندو آهي، جيڪو هر هڪ سياستدان پارٽي بدلائڻ سان گڏوگڏ نعره به بدلائيندو رهي ٿو. منهنجي تجزيي مطابق پاڪستان ۾ سماجي سڌارا اچڻ ناممڪن لڳن پيا، ڇو جو هتي ڪرپشن ۾ ڏينهون ڏينھن اضافو ٿي رهيو آهي. ادارن ۾ ويٺل غير ذميوار ملڪي استحڪام جو ٻيڙو ٻوڙيو ويٺا آهن. جنهن ملڪ ۾ هاري، مزدور غير يقيني واري ڪيفيت ۾ خودڪشي ڪري رهيا هجن ڀلا اهو ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگهي ٿو. هر شيءِ ۾ ٻه نمبري اسان جي ايمان کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ملڪ ۾ هارين کي ڊي اي پي ڀاڻ پندرھن هزار رپين تي ملي رهيو هجي، جنهن ملڪ ۾ هارين کي ٻج پنج ڪلوگرام ٻارنهن هزار رپين ۾ ملي ۽ ان اسيمبلين ۾ ويٺل نمائنده خاموش تماشائي بڻجي هارين جي بيوسي جو تماشو ڏسي رهيا هجن، اهڙن سفيد پوش چور لٽيرن مان ترقي جي اميد لڳائي ويهڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ڪتابن ۾ ترقي جو هڪ ئي فارمولو موجود آهي، اهو آهي عوامي انقلاب جيڪو سفيد پوش چور لٽيرن جي المارين ۾ لڪل خزانن کي ڌوڙ ڪري عوامي خوشحالي طرف روشن رستو ڏيکاري ٿو. اسان جو ملڪ هر لحاظ کان مالامال آهي اسان وٽ گئس، تيل، يورينيم، سون، ٽامي جا خزانا موجود آهن. ان کان علاوه هر طرح جون قدرتي نعمتون اسان جي ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ موجود آهن. جنهن ملڪ ۾ ايريگيشن جو نظام قدرتي طور تي بهترين هجي، جنهن ملڪ ۾ چار موسمون خدا تعاليٰ جي نعمت طور مليل هجن ۽ جنهن ملڪ ۾ هموار زمين هر قسم جو فصل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندي هجي، ان ملڪ جو عوام غربت جي زندگي بسر ڪرڻ تي مجبور هجي ته پڪ سمجهو ان ملڪ جو نظام چورن لٽيرن جي هٿ هيٺ هلي رهيو آهي. جنهن ملڪ ۾ سياست صرف پئسن ڪمائڻ لاءِ ڪئي وڃي ته پوءِ غريب غربي جي زندگي ۾ سڌارا ڪيئن اچي سگهندا، جنهن ملڪ ۾ والدين پنهنجا ٻچا وڪرو ڪري خاندان جي ڪفالت ڪري رهيا هجن ته پوءِ هڪڙو ئي رستو بچي ٿو اهو آهي ڪرپٽ نظام خلاف صرف بغاوت. هن ملڪ جي اسي سيڪڙو عوام ۾ جيڪڏهن بغاوت جي جرئت موجود آهي ته پوءِ ترقي اسان جي منتظر رهندي ۽ ڪرپشن جي مينار کي ڊاهي پٽ ڪري، ترقي جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ اسان جي ايندڙ نسل جو مقدر هوندو ته پوءِ پڪ سمجهو منهنجي ديس ۾ خوشحالي جو سج اڀري پوندو.