نئون

شاهزيب قتل ڪيس- شاهه رخ جتوئي سان گڏ تمام ملزم آزاد

عدالت شاهزيب جي قتل جي مرڪزي ملزم شاهه رخ جتوئي ۽سندس  تمام ساٿين جي سميت ضمانت منظور ڪري ورتي جنهن بعد شاهه رخ جتوئي ۽ ٻيا ملزم آزاد ٿي ويا. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امداد کوسو جي ڪيس ۾ ملزمن پاران ضمانت جي درخواست جي سماعت ڪئي. سماعت دوران مقتول جي والد راضي نامون جمع ڪرائي ورتو آهي، جنهن ۾ هن موقف اختيار ڪيو آهي ته صلاح مشوري بعد هن جي خاندان هن ڏوهين کي پنهنجي پٽ جو خون معاف ڪري ڇڏيو آهي۽ ملزمن شاهه رخ خان تجوئي، سراج ٽالپر، سجاد ٽالپر ۽ غلام مصطفيٰ کي ضمانت ڏني وڃي ۽ انهن خلاف مقدمو خارج ڪيو وڃي. عدالت ٻنهي ڌرين جا موقف ٻڌڻ کانپوءِ ملزمن کي پنج ،پنج لک رپين جي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته 2012 ۾ شاهه رخ خان هٿان شاهزيب جي قتل بعد شاهه رخ کي گرفتار ڪيو ويو هو. اها گرفتاري افتخار محمد چوڌري پاران پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ بعد عمل ۾ آئي هئي، جنهن تي مقتول جي والد صلح ڪري ورتي هئي پر سپريم ڪورٽ ان کي قبول ڪرڻ بجاءِ مقدمون هلايو ويو هو.