بلاگنئون

خان عبدالغفار خان

دنيا ۾ گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجي پٺيان يادگيريون ڇڏي وڃن ٿا، پر خان عبدالغفار خان اسانجي يادن ۾ پنهنجي سياسي جدوجهد، پنهنجا اصول ۽ پنهنجي عوام دوست سياست ڇڏي آهي. خان عبدالغفار خان 6 فيبروري 1890 تي جنم ورتو. هن هڪ ڀرپور سياسي زندگي گذاري جيڪا برصغير جي سياست ۾ هڪ مثال آهي. هن ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. اقتدار ڪڏهن به هن جي منزل نه رهيو. پاڻ قومپرست خيالن جو هو ۽ اهنسا جو پرچارڪ هو. سندس خيال برصغير جي ٻئي اهم ليڊر گانڌيءَ جي اهنسا جي نظريي جي ويجهو هئا. سال 1929 ۾ هن “خدائي خدمتگار” تحريڪ جو بنياد رکيو ۽ برطانوي سامراج خلاف پنهنجي عدم تشدد جي اصول تي ٻڌل جدوجهد جو آغاز ڪيو. سال 1930 ۾ پشاور جي قصه خواني بازار ۾ خالي هٿين عوام تي حڪمرانن جي هُشيءَ تي زبردست فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي ردعمل ۾ سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا شروع ٿيا. جنهن ڪري انگريز حڪومت باچا خان کي گرفتار ڪري ورتو. کيس هڪ سال لاءِ قيد ڪيو ويو. ڊسمبر 1931 ۾ وري هن کي گرفتار ڪيو ويو. پاڻ متحده هندوستان ۾ آل انڊيا ڪانگريس سان گڏ سياست ڪري رهيو هو. 1946 ۾ عام چونڊون ٿيون ته خان عبدالغفار خان کي عوام وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪيو. سندس خدائي خدمتگار تحريڪ خيبرپختونخواهه صوبي ۾ خاص طور تي مقبول هئي. غير معمولي ليڊرن جا پنهنجا پنهنجا موقف ٿيندا آهن. خان عبدالغفار خان هميشه پنهنجو سياسي ۽ عوامي موقف چٽو رکيو. هو سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ ايترو ته مقبول هو جو کيس سرحدي گانڌي جو لقب ڏنو ويو. برصغير جي ورهاڱي تي خان عبدالغفار خان جو موقف انهيءَ جي خلاف هو. پاڪستان ۾ شموليت جي سوال تي جون 1947 تي صوبي سرحد (موجوده صوبو خيبرپختونخواهه) ۾ ريفرنڊم ٿيو ته خان عبدالغفار خان انهيءَ جو بائيڪاٽ ڪيو. اڳتي هلي خدائي خدمتگار تحريڪ پابندين جي هيٺ اچي وئي ۽ سرحدي گانڌي گرفتار ٿي ويو. 1957 تائين هو جيل ۾ رهيو. پنهنجي سياسي اصولن جي قيمت هن ادا ڪئي، پر پنهنجي موقف تان ڪڏهن به نه هٽيو. پنهنجي سياسي نظريي لاءِ هن 14 سال قيد برداشت ڪيو، پر پنهنجي سياسي، سماجي اصولن تان هٿ نه کنيو. ملڪ جي تاريخ ۾ اهو طويل مدت جو قيد هو، جيڪو ڪنهن سياستدان بند ۾ گذاريو هجي. آزاد ٿيڻ کانپوءِ خان عبدالغفار خان ترت پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪري ڪابل هليو ويو. سندس اچ وڃ ڪابل ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جاري رهي. هو پاڪستان جي سياست ۾ سرگرم رهيو. پاڪستان جي قومپرست ۽ کاٻي ڌر جي قيادت سان سندس ويجها واسطا ۽ رابطا هئا ۽ سندس سياسي زندگيءَ جو هڪ اهم ڪم اهو به هو ته هن پاڪستان جي مرڪزي اسيمبلي مان ون يونٽ جي خلاف ٺهراءَ پاس ڪرڻ واري تاريخي قدم ۾ پاڪستان جي قومپرست سياستدانن جو ساٿ ڏنو. سندس پٽ خان عبدالولي خان جو پاڪستان جي سياست ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. پنهنجي والد وانگي خان عبدالولي خان قومپرست ۽ کاٻي ڌر جو سياستدان هو ۽ هن به سياست اصولن سان ڪئي ۽ رياست جي ظلم و ستم کي برداشت ڪيو ۽ پنهنجي سياسي پروگرام لاءِ جيل ڪاٽيا. خان عبدالغفار خان (باچا خان) 1988 ۾ وفات ڪئي، کيس جلال آباد افغانستان ۾ دفن ڪيو ويو.