تعارف: اوڻيهين صديءَ جا آخري سال روس لاءِ شڪ ۽ اداسيءَ ۾ رڱيل هئا. ترڪش جنگ دوران زندگيءَ جي چِٽي لھر جيڪا اُڀري هئي، سا اسيءَ واري ڏهاڪي 1880 جي شروعات ۾ لهي وئي، جنهن جي پٺيان بي حسيءَ جو هڪ اهڙو مئل دور آيو، جيڪو انقلاب جي وڏن مقصدن ذريعي ٻيهر زندگي ملڻ تائين برقرار رهيو. انهن سرمائي (اُداس) سالن دوران روس جي اڪيلن ٻهراڙين ۽ خاموش صوبائي شهرن ان پورهيت طبقي کي پاڻ ۾ دفن ڪري ڇڏيو هو، جيڪو ضرورتن ۽ پورهئي جو غلام هو ۽ ان پڙهيل لکيل اپر ڪلاس کي پڻ، جيڪو بيڪاري ۽ بيزاريءَ جو قيدي هو. گهڻا “دانشور”، جن جي توانائين لاءِ ڪوبه رستو موجود نه هو، پنهنجي بيزاريءَ کي ووڊڪا ۽ پتن جي راند ۾ وسارڻ تي راضي هئا؛ رڳو وڌيڪ مثالي ماڻهو ان گهُٽ ۽ ٻُوسٽ واري ماحول ۾ ساھہ کڻڻ لاءِ تڙپندا هئا، زندگيءَ جي ان صورتحال خلاف مايوسيءَ ۾ دانهون ڪندا هئا ۽ ايندڙ “ٻن يا ٽن سئو سالن تائين” انسانيت جي روشن صبح جي لاءِ گهٽ پُراميد هئا. اهو سندن وجود جو هڪ اٽل الميو آهي ۽ سندن ماحول جو اهو رحم جوڳو مزاح آهي، جنهن کي انتون چيخوف اهڙي بصيرت ۽ همدرديءَ سان چٽيو آهي، جو هُو شايد جديد ليکڪن ۾، روسي عوام کي، سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي.
انتون چيخوف ڪاري سمنڊ جي پراڻي بندرگاھہ تاگانروگ ۾ 17 جنوري 1860ع تي پيدا ٿيو. سندس ڏاڏو هڪ زرعي غلام (Serf) رهيو هو؛ سندس پيءُ هڪ واپاريءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪئي ۽ تاگانروگ ۾ آباد ٿيو، جتي انتون جي ننڍپڻ دوران هن خوراڪ جو هڪ ننڍڙو ۽ ناڪام واپار ڪيو. نوجوان چيخوف جلد ئي پنهنجي وڏي ۽ غربت سٽيل خاندان جي خدمتن ۾ مصروف ٿي ويو ۽ هن زندگيءَ جي آخري گهڙين ۾، تڪليفن هيٺ گذريل پنهنجي ننڍپڻ جو ذڪر ڏک سان ڪيو. هو فرمانبردار ۽ خوش مزاج هو ۽ پنهنجي پيءُ جي دڪان تي خوشيءَ سان ڪم ڪندو هو، اتي ايندڙ واندن ماڻهن جو گهرو مشاهدو ڪندو هو ۽ انھن کان کِل ڀوڳ وارا قصا ٻُڌي بعد ۾ هُو ڪلاس ۾ پنهنجي اسڪولي سنگتين کي منفرد انداز سان ٻُڌائيندو هو.حرڪت واري عادت جي ڪري کيس ڪيتريون ئي سزائون مليون، جنهن کي هُو سڌاري نه سگهيو.
سندس ڏاڏو هاڻي تاگانروگ جي ويجهو، ڊون ڪوساڪس جي جهنگلي اسٽيپ (ميداني علائقو) ۾ هڪ زميندار جو مئنيجر بڻجي چڪو هو ۽ هتي ئي هُن اونهارن ۽ سيارن جون گهڙيون گُذاريون، نديءَ مان مڇيون ماريندو هو ۽ ٻهراڙيءَ ۾ خانه بدوشن وانگر پيو گُهمندو هو، جتان سندس فطرت ۾ محبت جا ٻج پيا، جيڪي سڄي زندگي ساڻس گڏ رهيا. هو پنهنجون شامون مالڪ جي گهر جي رڌڻي ۾ اتي گڏ ٿيندڙ پورهيتن ۽ هارين جي وچ ۾ گذارڻ پسند ڪندو هو، سندن راندين ۾ حصو وٺندو هو ۽ پنهنجي دلچسپ ۽ اثرائتي مشاهدن سان سڀني کي کلائي کلائي کيرو ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن چيخوف اٽڪل چوڏهن سالن جو هو ته سندس پيءُ خاندان سميت ماسڪو هليو ويو، انتون کي تاگانروگ ۾ ئي ڇڏي ويو، ۽ هاڻي دڪان جي ڪم کان آجو ٿيڻ بعد، اسڪول ۾ عِلم ڏانهن سندس سکيا وارو رويو حيران ڪندڙ هو. سترهن سالن جي عمر ۾ هن هڪ وڏي ٽريجڊي (الميه ناٽڪ) لکيو، جيڪو پوءِ ضايع ڪيو ويو ۽ منجهس اڳ ئي ذهانت جون اهي لهرون موجود هيون، اڳي پوءِ جلد ئي هڪ عظيم شاهڪار بڻجي ظاهر ٿيڻيون هيون. هن تاگانروگ جي هاءِ اسڪول مان اعزاز سان گريجوئيشن ڪئي، ماسڪو يونيورسٽيءَ ۾ طب جي شاگرد طور داخل ٿيو ۽ پنهنجي محتاج خاندان جي مدد جي ڪوشش ۾ شاگرد ۽ ليکڪ جي ٻٽي زندگيءَ ۾ غرق ٿي ويو.
سندس پهرين ڪهاڻي 1880ع ۾ هڪ ماسڪو جي اخبار ۾ ڇپي ۽ ڪجهه مشڪلاتن کانپوءِ هن ڪجهه ننڍڙن رسالن ۾ جڳهه حاصل ڪئي، جن لاءِ پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ هن روسي زندگيءَ جي مختصر ڪهاڻين ۽ خاڪن جو هڪ سلسلو حيران ڪندڙ تيزيءَ سان جاري رکيو. هن لکيو ته هُو هر فارغ پل ۾، اهڙن ڀريل ڪمرن ۾ جتي “نه روشني هئي ۽ نه ئي ساھہ کڻڻ جيتري هوا ھئي” اتي لکندو هو ۽ ڪنهن به هڪ ڪهاڻيءَ تي هڪ ڏينهن کان وڌيڪ وقت نه لڳائيندو هو. هن ان وقت هڪ تمام جوشيلو ۽ ڊرامائي ناٽڪ پڻ لکيو، جيڪو وقت جي حڪومت جي سينسر بورڊ پاران روڪيو ويو ۽ ان تي پابندي هنئي وئي.
سندس پڙهندڙ سڀ کان وڌيڪ کِلڻ جي گُهر ڪندا هئا ۽ پنهنجي مزاح جي گهري حس سبب، چيخوف ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه گهرندو هو. سندس ڪهاڻيون، جيتوڻيڪ اڪثر انتهائي المياتي موضوعن تي ٻڌل هونديون هيون، پر انهن ۾ هڪ هلڪي ۽ باريڪ طنز شامل هوندي هئي، جنهن کيس هڪ عظيم مزاح نگار جي شهرت ڏني، پر جيتوڻيڪ سندس چپن تي هميشه مرڪ هوندي هئي، پر اها نهايت گهري ۽ اداس هوندي هئي.
چيخوف جهڙي حساس ۽ ذهين شخص کي شروع ۾ سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جنهن کي چيخوف تمام گهڻو دل تي محسوس ڪيو ۽ “The Sea-Gull” ۾ ٽريگورن پاران هڪ نوجوان ليکڪ جي آزمائشن جو بيان، دراصل چيخوف جي پنهنجي روح جي هڪ دانهن آهي. ڪوڙ ۽ ظلم جو هڪ سخت دشمن هجڻ ناتي، هن پنهنجي شروعاتي لکڻين ۾ ئي ريتن رسمن ۽ قانونن خلاف بغاوت کي اڳ ئي چٽيو هو، جنهن کي هن بعد ۾“The Sea-Gull” ۾ سورن کي ٽريپليف جي جواب ۾ هن طرح پيش ڪيو: ”اسان کي نوان روپ کپن، يا وري ڪجهه به نه کپي.“
1884ع ۾ هن طب جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پريڪٽس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيتوڻيڪ سندس لکڻين هاڻي هڪ پيشيور حيثيت اختيار ڪري ورتي هئي. هن هميشه پنهنجي پيشي کي وڏي اهميت ڏني ۽ سندس ڪارنامن ۾ ڊاڪٽرن جا ڪردار محبت ۽ سمجهه سان چِٽيل آهن. جيڪڏهن ڪو سندس سامهون ڊاڪٽرن بابت حقارت سان ڳالهائيندو هو ته هُو رڙ ڪري چوندو هو: “بيهو! توهان کي خبر ناهي ته ٻهراڙيءَ جا ڊاڪٽر ماڻهن لاءِ ڇا ڪندا آهن!”
چيخوف بعد ۾ پوري طرح محسوس ڪيو ته سندس پيشي سندس ادبي ڪم تي ڪيترو اثر وڌو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن کيس ان “تمام گهڻي بصيرت” تي افسوس به ٿيندو هو “جيڪا” کيس پنهنجي پيشي مان ملي هئي، پر ٻئي طرف، هو اهو لکڻ جي قابل پڻ هو ته: ”رڳو هڪ ڊاڪٽر ئي ڄاڻي سگهي ٿو ته منهنجي سائنسي ڄاڻ مون لاءِ ڪيتري قيمتي رهي آهي،“ ۽ ”مون کي ائين ٿو لڳي ته هڪ ڊاڪٽر طور مون روح جي بيمارين کي صحيح طرح بيان ڪيو آهي.“ مثال طور: “The Sea Gull” ۾ ليکڪ جي ذهني حالت جو ٽريگورن وارو تجزيو، ”آرٽسٽڪ تشخيص“ (Artistic Diagnosis) سڏيو ويو آهي.
نوجوان ڊاڪٽر ليکڪ کي ان وقت هڪ معصوم ۽ سنجيده شخص طور بيان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شاندار شوخيءَ جون لهرون هيون. عام ماڻهوءَ جو پُٽ هجڻ ناتي، سندس چهري تي هڪ اهڙو تاثر هو جيڪو هڪ سادي ڳوٺاڻي ڇوڪري جي ياد ڏياريندو هو؛ سندس اکيون نيريون هيون، نظر ذهانت ۽ مهربانيءَ سان ڀريل هئي، ۽ سندس اخلاق بنا ڪنهن بناوٽ جي سادو هو. هو هڪ اڻٿڪ پورهيت هو، پنهنجي مريضن ۽ ميز جي وچ ۾ هن هڪ بيحد مصروف زندگي گذاري. سندس بي چين ذهن تي توانائيءَ جو جنون سوار هو ۽ هو مسلسل ۽ گهرو سوچيندو هو. اڪثر، کلڻ ۽ ڳالهائڻ دوران، هو اوچتو پاڻ ۾ غرق ٿي ويندو هو ۽ سندس نظرون گهريون ۽ ساڪن ٿي وينديون هيون، ڄڻ ته هُو ڪنهن اهم ۽ عجيب شيءِ جو مشاهدو ڪري رهيو هجي. پوءِ هو ڪو اهڙو غير متوقع سوال پڇندو هو، جنهن مان ظاهر ٿيندو هو ته سندس ذهن ڪيترو پري تائين ڀٽڪي چڪو هو.
ڪاميابي هاڻي تيزيءَ سان هن نوجوان ليکڪ جا قدم چُمي رهي هئي؛ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1887ع ۾ ڇپيو ۽ ساڳئي سال سندس هڪ ٻئي مجموعي به ڪاميابي ماڻي ۽ ٻنهي جا ڪيترائي ايڊيشن پڌرا ٿيا؛ پر ان سان گڏوگڏ، اهي پاڇا جيڪي سندس پوين لکڻين کي اونداهو ڪرڻ وارا هئا، سندس خوش مزاجي ۽ مزاح تي ڇانئجڻ لڳا. سندس حساس ذهن پنهنجي دور جي اداسيءَ کي قبولڻ لڳو، پر سندس ان گهري غم جو سبب سندس ڏينهون ڏينهن بگڙجندڙ صحت به هئي.
ٿڪل بدن ۽ نه ختم ٿيندڙ کنگهه سان گڏ، هو 1888ع ۾ ڏکڻ طرف هليو ويو، جتي هن هڪ ننڍڙي نديءَ جي ڪناري، جيڪا مڇين ۽ کيکڙن سان ڀريل هئي، هڪ ننڍڙي جُهوپڙي ورتي ۽ پاڻ کي فطرت جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو مڇي مارڻ جي شوق، ٻهراڙيءَ جي خاموشي ۽ هارين جي موسيقيءَ ۽ محفلن ۾ خوش رهندو هو. هن هڪ هنڌ لکيو ته، “ڪوبه ماڻهو شام جي ميرانجهڙي آسمان ۽ انهن ندين ۽ تلائن کي ڏسڻ جي سرهائيءَ ۽ سرشاريءَ ۾، جن ۾ اداس سج لهڻ جو عڪس هجي، خوشيءَ سان پنهنجو روح به وڪڻي ڇڏيندو.” هن پنهنجي ٻهراڙيءَ جي پاڙيسرين سان ملاقاتن ۽ ڊگهن سفرن جو ذڪر ڪندي چيو ته، “اسان هر اڌ ڪلاڪ کانپوءِ کائيندا هئاسين ۽ ايترو کلندا هئاسين، جو پيٽ ۾ سور پئجي ويندو هو.”
بهرحال سندس صحت نه سڌري. 1889ع ۾ کيس دل جي تڪليف جا دورا پوڻ لڳا ۽ ان حساس فنڪار جي فطرت هڪ دوري کانپوءِ ڪيل سندس تبصري مان ظاهر ٿئي ٿي. هن چيو، “مان تيزيءَ سان ان گيلري تان لنگهيس جتي مهمان گڏ هئا، صرف هڪ خيال ذهن ۾ هو ته اجنبي ماڻهن جي سامهون ڪِرِي مرڻ ڪيترو نه عجيب لڳندو.”
سندس زندگيءَ جي ان تبديليءَ واري دور ۾، جڏهن سندس جوانيءَ جو جوش کيس ڇڏي رهيو هو، تڏهن اسٽيج، جنهن لاءِ هن هميشه هڪ ڪشش محسوس ڪئي هئي، کيس ”آئيوينوف“ (Ivanoff) ۽ هڪ ايڪٽ تي ٻڌل ڊرامائي خاڪو “هڪ راج هنس جو گيت” (The Swan Song) لکڻ تي مجبور ڪيو. جيتوڻيڪ هن ھميشه اهو ظاهر ڪيو ته کيس ڊراما نگار يا ناٽڪ نويس بڻجڻ جو ڪوبه شوق ناهي. هن لکيو ته، “ناول هڪ قانوني زال آهي، پر اسٽيج هڪ شور ڪندڙ، چمڪندڙ ۽ گستاخ معشوقه آهي.” هن پنهنجي دور جي اسٽيج بابت پنهنجي راءِ “The Sea-Gull” ۾ ٽريپليف جي زبان سان بيان ڪئي آهي ۽ هو اڪثر پنهنجي خطن ۾ ان کي “شهرن جي هڪ بري بيماري” ۽ “اهو ڦاهي جو گهوٽو جنهن تي ڊراما نگار لٽڪايا وڃن ٿا” سڏيندو هو.
هن “آئيوينوف” اڍائي هفتن ۾ تمام گهڻي تيزيءَ سان لکيو، جيڪو ماسڪو جي هڪ ٿيٽر ۾ ڏٺل هڪ ناٽڪ خلاف هڪ احتجاج هو. آئيوينوف (جيڪو روسي نالن ۾ سڀ کان عام نالو آهي) جو مطلب ڪو هيرو بڻجڻ نه، پر هڪ تمام عام ۽ ڪمزور ماڻهو هو، جيڪو “زندگيءَ جي عام رواجي معاملن” جي بار هيٺ دٻيل هو، جنهن جي دل ۽ روح حالتن جي شڪنجي ۾ پيڙهجي رهيا هئا؛ هو روس جي انهن ڪيترن ئي ”بيڪار ماڻهن” مان هڪ هو، جن جي ڏک لاءِ چيخوف جي دل ۾ بيحد همدردي هئي. هن انهن جي زندگيءَ ۾ اهڙي ڪابه شيءِ نه ڏٺي، جنهن جي وضاحت يا معافي نه ڏئي سگهجي ۽ هو پنهنجي انهن بدقسمت “بيڪار ماڻهن” ڏانهن ٻيهر موٽي اچي ٿو؛ اهو ڪنهن نااميديءَ جي تبليغ لاءِ نه، پر رڳو ان ڪري جو هن سمجهيو ته دنيا انهن جي فطرت جي هڪ نازڪ خوبصورتي ۽ انسانيت جي آخري نجات ۾ انهن جي پُر درد ايمان جي ڪري هڪ بهتر جڳهه هئي.
“آئيوينوف” جي لکڻ ۽ اسٽيج تي پيش ڪرڻ، ٻنهي ۾ چيخوف کي تمام گهڻيون مشڪلات پيش آيون. جيئن ته سڀ ڪردار تقريبن هڪ جيتري اهميت جا هئا، تنهنڪري کيس سٺا اداڪار ڳولهڻ ۾ ڏکيائي ٿي، پر آخرڪار اهو 1889ع ۾ ماسڪو ۾ پيش ٿيو ۽ ناڪام ثابت ٿيو! چيخوف روسي زندگيءَ جي ڪجهه حساس رخن کي ڇيڙيو هو. مثال طور: هن جي اها وارننگ ته ڪنهن يهودي عورت يا تمام گهڻي پڙهيل لکيل عورت (blue-stocking) سان شادي نه ڪجي ۽ ناٽڪ ۾ تجربي جي گهٽتائي جون ڪجهه غلطيون به هيون، جن کي هن بعد ۾ درست ڪيو. نقاد ورهايل هئا؛ ڪجهه ان ۾ موجود جدت جي مذمت ڪري رهيا هئا ته ڪجهه وري ان جي تازگي ۽ اوريجنل هجڻ جي تعريف ڪري رهيا هئا. آئيوينوف جي ڪردار کي نه سمجهيو ويو ۽ ان ماڻهو جي ڪمزوري ڪيترن ئي ماڻهن کي ان جي حقيقي تصوير ڏسڻ کان وانجهيل رکيو. چيخوف پاڻ به ان کان خوش نه هو، جنهن کي هن پنهنجو “ادبي اسقاطِ حمل” سڏيو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ هن ان کي ٻيهر لکيو. هتي ان کي تمام گهڻي موٽ ملي ۽ صبح جو اخبارون ان جي واکاڻ سان ڀرجي ويون. ليکڪ کي وڏي جوش سان مڃتا ڏني وئي، پر سندس وڌندڙ شهرت جو بار هاڻي کيس بيزار ڪري رهيو هو ۽ هن ان وقت بيزاريءَ سان لکيو ته هو چاهي ٿو ته ٻهراڙيءَ ۾ هجي، ڍنڍ ۾ مڇيون ماريندو هجي يا گاهہ جي ڍير تي ستو پيو هجي.
سندس ايندڙ ناٽڪ هڪ مزاحيه خاڪو هو، جنهن جو عنوان هو “The Boor”، جيڪو هن صرف هڪ شام ۾ لکيو ۽ جنهن وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. ان کان پوءِ“The Demon” آيو، جيڪو ناڪام ٿيو، پر ڏهن سالن کانپوءِ ان کي ٻيهر لکي “Uncle Vanya” بڻايو ويو.
سڄو روس هاڻي چيخوف کي ڪنهن اهم ڪم لکڻ لاءِ زور ڏئي رهيو هو ۽ اهوئي ليکڪ جو خواب به هو؛ پر سندس اڪيلي ڊگهي ڪهاڻي“The Steppe” آهي، جيڪا حقيقت ۾ خوبصورتيءَ سان چٽيل خاڪن جو هڪ سلسلو آهي، جيڪو هڪ سنهي ڌاڳي ۾ پويل آهي. چيخوف جي باريڪ ۽ دلڪش بياني قوت هڪ وڏي ڪينواس تي رنگ ڀرڻ لاءِ نه هئي ۽ سندس روسي زندگيءَ جا عجيب ننڍڙا الميه طنزہ ناٽڪ، جن کي هو “Tedious Tales” (ٿڪائيندڙ قصا) سڏيندو هو، ھميشه سندس شاهڪار رهڻا هئا.
1890ع ۾ چيخوف ساخالين ٻيٽ جو سفر ڪيو، جنهن کانپوءِ سندس صحت مڪمل طور تي جواب ڏئي وئي ۽ سلهه، جنهن جو کيس گهڻي وقت کان خطرو هو، ظاهر ٿي پئي. سندس بيماري کيس ڪريميا ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن پنهنجا آخري ڏھہ سال اتي گذاريا، جتان هو اڪثر ماسڪو جا چڪر لڳائيندو هو ته جيئن پنهنجي انهن چئن اهم ناٽڪن جي نگراني ڪري سگهي، جيڪي هن پنهنجي زندگيءَ جي ان دور ۾ لکيا هئا.
The Sea-Gull 1896 ۾ پڌرو ٿيو ۽ سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ناڪاميءَ کانپوءِ، ماسڪو جي آرٽسٽ ٿيٽر جي اسٽيج تي پيش ٿيڻ سان ئي فوري ڪاميابي ماڻي. چيخوف جي سڀني ناٽڪن مان، هي هڪ مغربي روايتن جي تمام ويجهو آهي، تنهنڪري ان کي هتي وڌيڪ ساراهيو وڃي ٿو. ٽريگورن جي ڪردار ۾ ليکڪ اسان کي پنهنجي ذهن جي هڪ ناياب جهلڪ ڏيکاري ٿو، ڇو ته چيخوف تمام گهٽ پنهنجي شخصيت کي انهن تصويرن ۾ شامل ڪندو هو، جنهن زندگيءَ ۾ هن تمام گهڻي دلچسپي ورتي هئي.
The Sea-Gull ۾ اسان کي واضح طور تي چيخوف جي تجزياتي قوت ۾ اضافو نظر اچي ٿو، جيڪا سندس ايندڙ ناٽڪ “The Three Sisters” ۾ حيران ڪندڙ آهي، جيڪو سندس سڀني ڊرامن ۾ سڀ کان وڌيڪ اداس آهي.
The Three Sisters، جيڪو 1901ع ۾ پيش ٿيو، چيخوف جي ٻين ناٽڪن جي ڀيٽ ۾ ان جي اسٽيج تي پيشڪش تي وڌيڪ انحصار ڪري ٿو ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ضروري آهي. اداسيءَ جو اهو ماحول جيڪو ان ۾ سمايل آهي، تڏهن هزار ڀيرا وڌيڪ گهرو ٿي وڃي ٿو، جڏهن اهو اسٽيج جي روشنين ۾ اسان جي سامهون اچي ٿو. ان ۾ چيخوف انساني زندگيءَ جي گهرائين کي اهڙي پڪي هٿ سان پرکي ٿو، ۽ انهن کي اهڙي بصيرت سان روشن ڪري ٿو، جو جڏهن اهو ناٽڪ سامهون آيو ته ان تمام گهرو اثر ڇڏيو. ان جو هڪ سبب ماسڪو آرٽسٽ ٿيٽر ۾ اداڪارن جي شاندار اداڪاري به هئي. ان جو موضوع، هميشه وانگر، صوبائي زندگيءَ جي بي رنگي آهي ۽ انهن ڪردارن لاءِ رات جي اها اونداهي جذبات جي هڪ اهڙي تيز لهر سان روشن ٿئي ٿي، جو ان کانپوءِ ايندڙ اونداهي ناقابلِ برداشت محسوس ٿئي ٿي. Uncle Vanya کانپوءِ “The Three Sisters” آيو ۽ ان تصوير جي تڪليف ڏيندڙ سچائي، آخري منظر جي نازڪ خوبصورتيءَ سان گڏ، ڏسندڙن جي دلين کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
The Cherry Orchard 1904 ۾ پڌرو ٿيو ۽ اهو چيخوف جو آخري ناٽڪ هو. ان جي پيشڪش وقت، سندس وفات کان ٿورو اڳ، ليکڪ کي روس جي عظيم ترين ڊراما نگارن مان هڪ عظيم ڊرامه نگار طور مڃتا ڏني وئي. هتي صرف ٻهراڙيءَ جي زندگي ناهي جيڪا چيخوف اسان کي ڏيکاري ٿو، پر عام طور تي روسي زندگي ۽ ڪردار آهي، جنهن ۾ پراڻو نظام نئين نظام لاءِ جڳهه ڇڏي رهيو آهي؛ اسان ان غير واضح ۽ بنا مقصد واري زندگيءَ ۾، جيڪا چيري جي باغيچن جي مالڪن کي تمام پياري آهي، جديد ۽ عملي روح کي داخل ٿيندي ڏسون ٿا. هڪ نئين دور جي شروعات هئي ۽ ان جي پرهہ ڦٽڻ وقت پراڻي روس جو اهو ڳائڻو خاموش ٿي ويو.
جنهن سال“The Cherry Orchard” پيش ٿيو، روسي عوام جو اهو پسنديده ليکڪ، جنهن بابت ٽالسٽائي چيو هو ته ڪهاڻيڪار طور هن جو مقابلو صرف موپسان (Maupassant) سان ڪري سگهجي ٿو، بليڪ فاريسٽ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ اوچتو وفات ڪري ويو، جتي هو ڪجهه هفتا اڳ پنهنجي وڃايل صحت جي بحاليءَ جي اميد ۾ ويو هو.
چيخوف، پنهنجي هڪ خاص فن سان، مختلف منظرن ۾، پنهنجي ڪردارن جي زندگيءَ جي اتفاقي جهلڪين ۾ ۽ بظاهر معمولي لڳندڙ گفتگوءَ ۾، پنهنجي دور جي روس جي ماحول کي ايترو گهرو ڪري پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي، جو اسان ان کي پنهنجي پڙهيل هر سٽ ۾ محسوس ڪريون ٿا؛ اها اداسي اوتري ئي گهري آهي جيتري پرهہ ڦٽڻ وقت ڪنهن ڍنڍ تي ڇانيل ڌوڙ هوندي آهي ۽ اها ڌوڙ وانگر ئي، ايندڙ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ اسان کي صاف نظر اچي ٿي.