انگريزي ادب جي تاريخ تي جڏهن نظر وجھنداسين ته اسان کي ڪجھه نالا اهڙا نظر ايندا جيڪي رڳو ليکڪ نه، پر هڪ پوري دور، هڪ پوري فڪر ۽ انساني احساسن جي عڪاسي ڪن ٿا ۽ وليم شيڪسپيئر به اهڙن نالن منجھان ھڪ نالو آهي. 1564ع ۾ انگلينڊ جي شهر اسٽرٽفورڊ اپان ايون ۾ پيدا ٿيندڙ شيڪسپيئر دنيا جو سڀ کان وڏو ڊراما نگار، شاعر ۽ انسانيت جو ترجمان سمجهيو وڃي ٿو. هن جا ڊراما، هيملٽ، ميڪبيٿ، اوٿيلو، ڪنگ ليئر ۽ روميو اينڊ جوليٽ، اڄ به دنيا جي تقريبن هر ننڍي وڏي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. انساني نفسيات، اقتدار جي لالچ، عشق، حسد، انتقام ۽ داخلي ٽڪراءَ کي جنهن گہهرائيءَ سان شيڪسپئئر پيش ڪيو، اهو ادب ۾ هڪ انقلاب هو. ان ڪري شيڪسپيئر کي “عالمي ادب جو تاجدار” به سڏيو وڃي ٿو.
پر ايڏي ڪاميابي ھوندي به ادب جي هن روشن نالي جي چوڌاري هميشه هڪ سوال گردش ڪندو رهيو آهي ته ڇا واقعي اهي سڀ شاهڪار اسٽرٽفورڊ جو هڪ عام تعليم يافته ماڻهو لکي سگهي ٿو؟ انهيءَ سوال مان ئي ڪيترائي “مفروضا” جنم وٺندا رهيا آهن. جنهن مان تازو وري هڪ نئون خيال به سامهون آيو آهي جنهن مطابق شايد شيڪسپيئر اصل ۾ عورت هئي!
شيڪسپيئر جي سڃاڻپ بابت شڪ نئون ناهي. اڳ ۾ به ڪي محقق چوندا رهيا آهن ته اصل ليکڪ ڪو امير درٻاري يا اعليٰ تعليم يافته شخص هو، جنهن پنهنجو نالو لڪائڻ لاءِ ”شيڪسپيئر“ استعمال ڪيو، پر تازو شايع ٿيندڙ ھڪ ڪتاب “The Real Shakespeare”جي ليکڪا آيرن ڪوسلٽ وري ھڪ نئون بحث ڇيڙي ادبي دنيا جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آھي، جنهن مطابق شيڪسپيئر اصل ۾ ھڪ يھودي عورت ايمليا باسانو هئي! جنهن شيڪسپيئر جي قلمي نالي سان سڀ ڊراما لکيا ۽ شاعري تخليق ڪئي!
انهيءَ دليل ڏيندڙ جو چوڻ آهي ته شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ عورتن جا ڪردار غير معمولي طور مضبوط، ذهين ۽ نفسياتي طور گهرا آهن. جهڙوڪ: پورشيا (دي مرچنٽ آف وينس)، روزلنڊ (ايز يو لائيڪ اٽ) ۽ ليڊي ميڪبيٿ. انهن ڪردارن جي داخلي دنيا جي جيڪا سچي تصويرڪشي ڪئي وئي آهي، اها ڪنهن عورت جي مشاهدي سان وڌيڪ مطابقت رکي ٿي.
هن ڪتاب موجب ايميليا باسانو ٽيوڊر دور جي هڪ گهڻ ثقافتي عورت هئي، جيڪا شاهي درٻار سان لاڳاپيل شاعره هئي ۽ سندس اصل سڃاڻپ صدين تائين مغربي ۽ يورپي مرڪز جي تاريخ نويسي سبب لڪائي وئي. ايميليا باسانو جو جنم 1569ع ۾ لنڊن ۾ ٿيو. سندس خاندان وينس سان لاڳاپيل يهودي موسيقارن تي ٻڌل هو، جيڪي انگلينڊ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. سندس والد بپتسٽا باسانو هڪ موسيقار هو، جيڪو راڻي الزبيٿ اول جي درٻار ۾ خدمتون سرانجام ڏيندو هو، جڏهن ته سندس والده مارگريٽ جانسن هئي.
ايميليا جي پرورش اهڙي ماحول ۾ ٿي جتي موسيقي، ادب ۽ ثقافتي علمن جو غلبو هو. هوءَ پاڻ به تعليم يافته عورت هئي، جيڪا اطالوي، لاطيني ۽ شايد عبراني ٻوليءَ کان پڻ واقف هئي. تاريخي دستاويزن مان ظاهر ٿئي ٿو ته سندس چمڙي جو رنگ گهاٽو هو، جنهن سبب الزبٿن دور ۾ کيس سياهه فام چيو ويندو هو ۽ ممڪن آهي ته سندس پاڙون مراڪش يا اتر آفريڪا سان ڳنڍيل هجن، جتان سندس ابا ڏاڏا يورپ لڏي آيا هئا. ايميليا 1611ع ۾ هڪ ڪتاب “سالوي ڊيوس ريڪس جوڊيئورم” شايع ڪيو، جيڪو انگلينڊ ۾ ڪنهن عورت پاران شايع ڪيل شاعريءَ جو پهريون ڪتاب هو ۽ ان ۾ عورتن جي روحاني ۽ سماجي حيثيت تي زور ڏنو ويو هو.
تحقيق مطابق شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ عورت ڪردارن جي گهرائي، يهودي موضوعن جهڙوڪ: “مرچنٽ آف وينس” ۾ يهودي ڪردارن جي پيشڪش ۽ اطالوي ثقافت بابت تفصيلي ڄاڻ ايميليا جي زندگي ۽ پسمنظر سان مطابقت رکن ٿا. مثال طور: شيڪسپيئر جي سونيٽ ۾ “ڊارڪ ليڊي” جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو هڪ سياهه فام عورت ڏانهن اشارو ڪري ٿو ۽ ڪجهه مورخن جو خيال آهي ته اها خود ايميليا ٿي سگهي ٿي.
ڪتاب جي دعويٰ آهي ته الزبٿن دور ۾ انگلينڊ ۾ عورتن کي اسٽيج لاءِ ڊراما لکڻ جي اجازت نه هئي، تنهن ڪري ايميليا پنهنجو ڪم هڪ مرداڻي قلمي نالي “وليم شيڪسپيئر” هيٺ شايع ڪيو. بعد ۾ اسٽرٽفورڊ جي هڪ گهٽ تعليم يافته شخص هن ڪم کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو ۽ بعد ۾ اهو شخص وليم شيڪسپيئر جي نالي سان مشهور ٿيو، جيڪو اصل ۾ هڪ واپاري ۽ اداڪار هو، پر سندس تعليم ۽ تجربو شيڪسپيئر جي لکڻين جي وسعت سان مطابقت نٿو رکي. مثال طور: شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ قانون، طب، سامونڊي سفر ۽ پرڏيهي ثقافتن بابت جيڪا تفصيلي ڄاڻ ملي ٿي، اها ڪنهن گهٽ پڙهيل لکيل ماڻهو طرفان بيان ڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو، جڏهن ته ايميليا جو شاهي درٻار سان لاڳاپو ۽ خانداني موسيقار جي پس منظر سبب موسيقيءَ جا حوالا، جيڪي شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ گهڻي مقدار ۾ ملن ٿا به هن نظريي جي حمايت ڪن ٿا!
ايمليا باسانو وٽ درٻاري زندگي، موسيقي، ٻولين ۽ يورپي ثقافت جو اهو تجربو موجود هو، جيڪو شيڪسپيئر جي ڊرامن ۾ نظر اچي ٿو، پر اصل شيڪسپيئر وٽ اھڙو ڪنهن به قسم جو نه تجربو ھو نه وري ڪا ڄاڻ ھئي!
ايميليا جي پسمنظر ۾ اطالوي ثقافت جا اثر هئا، جڏهن ته شيڪسپيئر جي ڪيترن ڊرامن جا منظر به اٽلي جا آهن.
شيڪسپيئر جي لکڻين ۾ عورتن جي شعوري آزادي، سندن درد ۽ سماجي پابندين جي جيڪا سڃاڻپ آهي، اها هڪ عورت جي اندروني تجربي سان جڙيل ٿي لڳي.
پر اهي سڀ دليل گهڻو ڪري اندازن، تشبيهن ۽ ادبي تشريحن تي ٻڌل آهن. ڪو به سڌو تاريخي دستاويز، خط، يا واضح ثبوت موجود ناهي، جيڪو يقين سان چئي سگهي ته ايميليا بسانو ئي اصل ۾ شيڪسپيئر هئي.
ٻئي طرف اڪثر وڏا ادبي مورخ ۽ شيڪسپيئر جا ماهر هن خيال کي مضبوط ثبوتن کان خالي سمجهن ٿا. سندن چوڻ آهي:
“شيڪسپيئر جي زندگيءَ بابت ڪافي سرڪاري رڪارڊ موجود آهن. جھڙوڪ: ڄمڻ، شادي، ملڪيت، ڪاروبار ۽ ٿيٽر سان واسطو. ان دور ۾ شيڪسپيئر جي ساٿين ۽ همعصرن به کيس ليکڪ طور سڃاتو آهي ۽ ان جو ذڪر پڻ ڪيو آھي. تنهن ڪري اڪثريتي علمي دنيا اڃان تائين شيڪسپيئر کي مرد ليکڪ طور ئي قبول ڪري ٿي، جڏهن ته ”عورت شيڪسپيئر“ وارو خيال هڪ دلچسپ، پر غير ثابت ٿيل ادبي بحث آهي.
هاڻي ان ادبي بحث جو سڀ کان اهم حصو اھو آھي ته جيڪڏهن مستقبل جي تحقيق پڪ سان ثابت ڪري ڇڏي ته شيڪسپيئر اصل ۾ عورت هئي ته پوءِ ادب جو ڇا ٿيندو؟، پر حقيقت ۾ شيڪسپيئر ڀلي ڪا عورت ڇو نه ثابت ٿئي ان سان ان جي تخليق ڪيل ادب تي ڪوبه اثر نه پوندو، نه ان جا ڊراما بدلبا، نه سندن خوبصورتي گهٽ ٿيندي. هيملٽ جو سوال “To be or not to be” ساڳيو ئي رهندو، روميو ۽ جوليٽ جو عشق ساڳيو رهندو ۽ ميڪبيٿ جي الميي جي شدت ساڳي رهندي. فرق رڳو اسان جي نظر ۾ ايندو. اسان کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته جنهن دور ۾ عورتن کي علم، اظهار ۽ سڃاڻپ کان محروم رکيو ويو، ان دور ۾ به ڪا عورت اهڙي فڪري اوج تي پهتي، جيڪا صدين کان مرد جي نالي سان پڙهي پئي وڃي. اهو ادب جي تاريخ لاءِ هڪ وڏو انڪشاف هوندو. اهو عورتن جي تخليقي صلاحيتن جي تاريخي ناانصافي کي به اجاڳر ڪندو. شايد پوءِ اسان ٻين به ڪيترن لڪل نالن کي نئين نظر سان ڏسڻ شروع ڪريون.