وفاقي حڪومت گذريل سال جي ٿيل ڊجيٽل آدمشماريءَ جا جيڪي انگ اکر ظاهر ڪيا آهن ان ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ ماڻهن کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جو سنڌي ڳالهائيندڙ ڪوشش ڪندو آهي ته سندس طرفان مذهب يا ٻوليءَ جي بنياد تي نفرت جو اظهار نه ٿئي. ان جو سبب آهي ته سنڌ جو اصل رهاڪو سنڌي ڳالهائيندڙ جي اندر ۾ هڪ صوفي ۽ انسان دوست ماڻهو رهي ٿو، جيڪو جيئو ۽ جيئڻ ڏيو واري فلسفي تي عمل پيرا هوندو آهي، سندس انهيءَ روش کيس ان ڪمزور جڳهه تي به پهچائي ڇڏيو آهي جو سندس وجود کي پنهنجي ئي صوبي اندر اقليت ۾ وڃڻ جو خطرو محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.
ظاهر ڪيل ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن مطابق سنڌي ڳالهائيندڙن جو انگ 2017ع جي ڀيٽ ۾ گهٽيو آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سنڌ جون ٻهراڙيون جتي آباديءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ واري پروگرام تي عمل ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ هڪ هڪ جوڙي کي 12، 12 ٻار هوندا آهن، اتان جي آدمشماري گهٽجي وڃي ۽ شهرن جي آدمشماري وڌي وڃي. جتي ڄم روڪ جو خاص خيال ڪيو ويندو آهي ته جيئن ٻار گهٽ هجن ڇو ته شهرن ۾ هڪ ٻار جي پالنا ۽ ان جي تعليم تمام مهانگي ٿئي ٿي. ان سڄي آدمشماريءَ جا انگ اکر اهو ثابت ٿا ڪن ته انگن اکرن ۾ هٿرادو ڦير گهير ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ جي سنڌي ڳالهائيندڙن جي آباديءَ کي هٿ وٺي گهٽ ڏيکاريو ويو آهي. سنڌ جي عوام سان ماٽيلي ماءُ وارو اهو سلوڪ اڄ جو نه بلڪه تمام گهڻو پراڻو آهي. ڇو ته اهي سڀئي شيون ڏيکارين ٿيون ته جيڪي طاقتون انهن هٿ ٺوڪين طريقن سان سنڌي ماڻهن ۾ آباديءَ کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، انهن جي نظر سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن تي آهي. اسان جو سنڌ حڪومت کان پرزور مطالبو آهي ته جهڙي ريت ايم ڪيو ايم هٿرادو طور آباديءَ جو واڌارو آندو، اوهان گهٽ ۾ گهٽ جيڪا اصل آدمشماري آهي ان جي ڳڻپ کي ته يقيي بڻايو. هن وقت ٻڌايو ٿو وڃي ته شهرن ۾ ۽ ٻهراڙين ۾ جيڪو تناسب آهي اهو 46 ۽ 54 جو آهي، جيڪو 2017ع جي آدمشماري ۾ 40 ۽ 60 جو هو. سنڌ حڪومت جيڪڏهن دانهن ڪوڪ نه ڪئي ۽ سنڌ جي آبادي کي خاص طور تي سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي کي شمار نه ڪرايو ته 10 سالن کانپوءِ ٿيندڙ آدمشماري ۾ سنڌ جو اصلوڪو رهاڪو سنڌي ڳالهائيندڙ اقليت ۾ تبديل ٿي چڪو هوندو ۽ انهن ڌرين کي اهو مقصد حاصل ٿي ويندو جيڪو گذريل 76 سالن کان ان تي ڪم ڪري رهيون آهن. جڏهن سروي ٽيمون 2023ع ۾ ڊجيٽل آدمشماري ڪري رهيون هيون ان وقت ڪيترائي اهڙا ڪيس ميڊيا سامهون آندا هئا، جن ۾ سنڌ جي ٻهراڙين اندر رهندڙ ڳوٺن جا ڳوٺ شماريات کاتي ۾ شمار نه ڪيا ويا هئا، انهن گهرن تي ڳڻپ جو نمبر نه لڳو هو. سنڌي ميڊيا سنڌ جون سياسي قوم پرست پارٽيون دانهون ڪري رهيون هيون، پر ان وقت پيپلز پارٽِي اهو چئي پاڻ کي ذميواري کان آجو ڪري رهي هئي ته اسان حڪومت ۾ نه آهيون نگران حڪومت آهي. جڏهن ته هر آفيسر پيپلز پارٽي جي دورِ حڪومت جو مقرر ٿيل هو. سي ايم سنڌ کي به پيپلز پارٽي نگران وزيراعليٰ طور مقرر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو. پيپلز پارٽي وٽ اها سوچ آهي ته هنن کي ڪنهن به نموني سنڌ مٿان حڪومت ڪرڻ جو اختيار ملي، انهيءَ جي لاءِ سندن مٿان ڪهڙا به شرط مڙهيا وڃن قبول ڪندا. سنڌ جي وسيلن جي لٽ مار هجي يا انهن جي مالڪي ڪرڻ جو حق اهو پڻ پيپلز پارٽي حڪومت ملڻ جي شرط تي ٻين جي حوالي ڪرڻ ۾ نٿي ڪيٻائي، پر پيپلز پارٽي کي ان ڳالهه جو به خيال رکڻ گهرجي ته آخر ڪيستائين هو ان طريقي سان طاقت جو سودو ڪندي. جيڪڏهن سندن ووٽر ئي گهٽجي ويو ته پوءِ يقينن کيس حڪمرانيءَ جو حق به ملڻ مشڪل ٿي ويندو. هاڻي وارا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي هوش کان ڪم نه ورتو ته سنڌ جو اصلوڪو رهاڪو ته اقليت ۾ اچي ويندو، پر پيپلز پارٽي کي به مستقبل ۾ حڪومت ڪرڻ جو اختيار نه ملندو.
اهي انگ اکر اسان کي اهو به ٻڌائين ٿا ته هن وقت سنڌ ۾ موجود 80 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، انهن ۾ وڌيڪ تعداد ٻهراڙي ۾ رهندڙ ٻارن جو آهي، انهيءَ طرف پڻ سنڌ حڪومت کي ڌيان ڏيڻو پوندو. باقي رهي ڳالهه قومپرست سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي ته انهن جي وس ۾ صرف دانهون ڪرڻ آهي، جيڪي هو ڪري رهيا آهن. اختيار حڪومتن وٽ آهي انهيءَ ۾ پيپلز پارٽي نه صرف سنڌ صوبي جي حڪمران آهي، پر وفاقي حڪومت پڻ سندس مرضي سان ۽ سندس ميمبرن جي ووٽن سان ٺهي آهي، سو سڄو بار پيپلز پارٽي جي مٿان پوي ٿو. هو انهيءَ ڳالهه کي يقيني بڻائي ته سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن سان ڪنهن به نموني نا انصافي نه ٿئي. انهن سان وفاق طرفان ٿيندڙ ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ هڪدم بند ٿيڻ گهرجي.