بلاگنئون

حڪومت مهانگائيءَ جو ٻج ڇٽي ڇڏيو آهي

رڳو بجليءَ ۽ گئس جي قيمتن ۾ اضافو ڇا مهانگائي جو ٻج ناهي؟ هاڻي پيٽرول وانگي هر دڪاندار ترن جو تيل به ترن مان ڪڍي ڄاڻي. اهي سمجهن ٿا ته ڪڻڪ جي سستي يا مهانگي ٿيڻ سان ڪجھ ناهي ٿيڻو، حڪومت ڀلي انهن کان 28 سئو ۾ مڻ خريد ڪري، پر هاڻي ته اگھ اهو ئي هوندو جيڪو رياست کي ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ جي اگهن مان ڪمائي ڏئي. ان ڪري ته هاڻي ته ڪڻڪ هارين جي هٿن مان نڪري وئي آهي، هاڻي نقصان ماڻهن جو ۽ فائدو رياست جو ۽ رياست جو اهو ذمو آهي ته اهي ماڻهن کي بک نه ماريندا، پر جيستائين خلق جيئري آهي، هيءَ رياست مهانگائي ڪري ٽيڪس وصولي ڪندي رهندي. رياست ته اهو طئي ڪيو آهي ته هر ٽماهي ۾ هي پيٽرول، گئس ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌارو ڪندا رهندا. ڇو ته پيٽرول جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻ معنيٰ حڪومت کي هر گهڙيءَ رڳو ٽيڪس ملندي رهي، وري بجليءَ 90 واري ڏهاڪي ۾ 4 کان پنج رپيا في يونٽ هئي سا وڌائي وڌائي هاڻي 45 رپين تائين ڪري ڇڏي اٿن ۽ وڌائيندا رهندا، جيڪا آءِ ايم ايف جي فرمائش به آهي. هاڻي جي رڳو پيٽرول وانگي جيڪڏهن بجليءَ جي قيمتن ۾ واڌ ٿيندي رهندي ته هر شيءِ پاڻ ئي وڌي ويندي. معنيٰ جيڪي شيون اسان تائين پڄن ٿيون اهي ته پيٽرول، بجليءَ، گئس ۽ ٽرانسپورٽيشن کان علاوه ممڪن ئي ناهن. پوءِ جيڪي به فاسٽ موونگ ڪنزيومر گڊس (FMCG) معنيٰ عام واهپي جون شيون آهن، اهي بسين، ٽرڪن، گاڏين، مال گاڏين (ٽرينن) هوائي جهازن ۽ بحري جهازن جي ذريعي پڄن ٿيون ته پوءِ ڇا اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي وڌڻ جي ڪري پنهنجي ڪراين ڀاڙن ۾ اضافو نه ڪندا؟ اهي پنهنجا اگھ نه وڌائيندا، اهي چپ ڪري ويهندا، جيڪڏهن انهن کي تيل، پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ملندا ته اهي به مهانگا ڪندا ۽ جيڪي شيون کڻي پڄائڻ وارا پنهنجي اگھن ۾ واڌ ڪندا. ڇو ته ترن جو تيل ته ترن مان ئي نڪرندو، وري فرنيس آئل جي مهانگي ٿيڻ سان تيل تي هلندڙ بجلي گهر بجلي جي اگهن ۾ اضافو نه ڪندا؟ معنيٰ هنن ته عجيب غريب حرڪت ڪئي جو جيڪي به پگهارون وڌايون اٿن اهي ته ماڻهن کي رپيو رپيو ڪري وري انهيءَ مهانگائي جي شرح ۾ ته ڏيڻيون آهن نه.
آمريڪا جو سعودي کان تيل وٺڻ وارو معاهدو هاڻي ختم ٿي چڪو آهي، گذريل سالن کان وٺي ايران چين سان 50 سالن جو معاهدو ڪيو آهي ته ايران رڳو تيل چين کي فراهم ڪندو، ان ڪري هاڻي عالمي منڊي مان (آمريڪي منڊي خاص ڪري) تيل جو کپُ گهٽ ٿي ويو آهي ۽ اهوئي تيل ايشيائي مارڪيٽن ۾ سستن اگهن ۾ دستياب هوندو، ان ڪري ته رياست به پيٽرول جون قيتمون گهٽائي، پر هي ته پيٽرول جون قيمتون وڃن ٿا وڌائيندا، اتي حيرت اها به آهي ته جيڪي به لوڪل شيون انهن جا ليکا چوکا ڪري اهي شيون لوڪل اگهن ۾ کپجن ٿيون مثال طور: اٽو، گيھ، داليون، چانور، ڪمند، کنڊ يا ٻيون عام استعمال جون شيون جيڪي لوڪل طريقي سان ٺهن ۽ استعمال ٿين ٿيون. اهي لوڪل اگهن ۾ کپن ٿيون ته پيٽرول جيڪو 74 سيڪڙو لوڪل پيدا ٿئي ٿو، بجلي جيڪا هائيڊل، فرنيس آئل ذريعي، هوا ذريعي، ڪچري مان، مال جي ڇيڻن مان ۽ سمنڊ جي ڇولين مان به پيدا ڪري سگهجي ٿي ته پوءِ اها ئي بجلي ڊالر جي ريٽ ۾ ڇو؟ پوءِ ته اٽو، لوڻ، مرچ، کاڌي پيتي جون شيون به انهن اگهن ۾ کپائين. مثال طور: ٻاهرين ملڪن ۾ جيڪي ماني 1 درهم يا ريال يا ڊالر آهي ته اها ئي ماني هتي وري ڊالر جي ريٽ تي کپائين معنيٰ ممڪن ٿي سگهي ٿو ته ماني جو لولو 300 رپيا ٿي وڃي، جي نه ته پوءِ پيٽرول، بجلي ۽ گئس جيڪا لوڪل ملي ٿي سا ڊالر جي اگهن ۾ ڇو؟
حڪومت جي چالاڪي اها به آهي ته اها ساڳيا ئي پئسا هاڻي انهن سڀني ادارن ۽ ملازمن جي کيسي مان ٽيڪس جي بهاني ڪڍي ويندي، ان ڪري ڳالھ ساڳي ٿي بيهي ته جيڪڏهن پيٽرول وڌندو هو ته دڪاندار ٻه گاريون حڪومت کي ڏئي شيون کپائي ويندا هئا هاڻي به ساڳي ڳالھ ڪندا، ان ڪري ته ٽيڪس جي ذمري ۾ دڪاندار به ايندا، بجلي ۽ گئس جا وڌايل اگھ انهن تي به لاڳو ٿيندا، معنيٰ اهي دڪاندار هاڻي به بهانو گهرندا ته جيئن شيون مهانگيون ڪري سگهن ته پڪ سان شيون به ٻيڻيون ٿي وينديون. کير، کنڊ، اٽو، لٽو، سبزيون داليون، گوشت، ڪڪڙ ڪباب ته ماڻهن کي شل عيدن تي به نصيب ٿين، جو حڪومتي ڏٽا وري ڪنهن به ڪم جا آهن ئي نه ۽ نه رهندا، ان ڪري هي هاٿي جي ڏندن وارا حڪمران شل پرائيس ڪنٽرول جي ڳالھ به ڪن، ان ڪري ته هاٿي وانگي هڪڙا ڏند ڏيکارين ٿا ته کائين وري ٻين ڏندن سان ٿا.
چوندا آهن ته “اگھ کٽيو کائجي پر وٽَ کٽيو نه کائجي” پر هر رياست به هاڻي اهوئي ٿي ڪري جو وٽ کوٽا رکي ڇڏيا اٿائين ۽ هر دفعي هنن وٽ اها ئي اٽڪل باقي رهجي وئي آهي ته اهي کاٽو پٽَ ادارا وڪڻي هاڻي اهو ٿا سمجهن ته هر ماڻهو، هر اهو فرد جيڪو هن رياست ۾ ساھ ٿو کڻي جيڪو زنده آهي ان کي ٽيڪس ڏيڻو آهي، پر ائين چئجي ته ٽيڪس جي مٿان ٽيڪس ڏيڻي آهي. مثال طور: هڪ ماڻهو جيڪو ليز تي جاءِ وٺي، ڪرائي تي جاءِ وٺي يا اُڪي خريد ڪري ته ان اُڪي خريد ڪيل جاءِ ۽ مسواڙ واري جاءِ ۾ ڪجھ فرق ضرور هوندو، ان ڪري ته مسواڙي هر مهيني مالڪ کي ڪرايو ادا ڪندو يا جيڪو انهن جي وچ ۾ طئي ٿيل هوندو، پر هيءَ رياست هر شيءِ جو ڄڻ ڪرايو ٿي وٺي جنهن ۾ ماڻهو اهو سمجهن ته اهي سڀ هن رياست جي لاءِ ڪمائين ٿا اهي جيڪي به ڪجھ گهر ڪمائي کڻي ايندا، انهن مان ڪجھ رياست جي کيسي ۾ وجهي ايندا نه ته ٻي صورت ان فرد جي مٿان رياست هلان ڪري سگهي ٿي، ان جي مال ملڪيت ضبط ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ته هر فرد ٽيڪس ڏئي. مثال طور: جيڪا به ڍَلَ ٿئي ٿي سا به زرعي ٽيڪس هجي ٿي، ان کان علاوه جيڪي به ٻج، ڀتَ، ڀاڻ، ٽريڪٽر هرٻار هاري يا مالڪ پاڻ زمينن تي هلائي ٿو، انهن سڀني تي به ٽيڪس ڏئي ٿو، پر ظلم اهو به آهي ته هر شيءِ تي ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود به هارين کي زرعي ٽيڪس به ڏيڻي پوندي.
هن رياست ۾ رهڻ هاڻي ڄڻ ڏوهه ٿي ويو آهي، جو ماڻهو ساھ به ڪنجهي ڪنجهي ٿا کڻن. ڇو ته رياست غريبن جو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي، هيءَ رياست عجيب ٿي وئي آهي، ان ڪري ته هتي غريبن جا درد وڌن ٿا ۽ اميرن جا اثاثا وڌن ٿا. انهن اميرن کي پرواھ ناهي ته مهانگائي وڌي يا کٽي يا رياست جي طرفان ڪجھ ضابطو به آڻي سگهجي، هاڻي رڳو پيٽرول جو بهانو ناهي رهيو جو دڪاندار سرڪار کي ٻه گاريون ڏئي شيون کپائي وڃن. هاڻي ته آءِ ايم ايف جي فرمائش لسٽ وڃي ٿي وڌندي ۽ جيڪا کٽڻ جهڙي ناهي. هاڻي بيل آئوٽ پيڪيج تحت اسٽينڊ باءِ ايگريمينٽ (اسٽاف ليول ايگريمينٽ) به ڪئي اٿن جنهن تحت آءِ ايم ايف کان وري 7 ارب ڊالر وٺي ويندا، رياست اڳواٽ ئي آءِ ايم ايف جا شرط مڃي ڇڏيا آهن جنهن ۾ بجلي ۽ پيٽرول مهانگي ڪرڻ کان علاوه، گيس جا اگھ به وڌائيندا ۽ ٽيڪس جا نوان نوان طريقا متعارف ڪرائيندا ويندا، جنهن ۾ جيڪو ماڻهو 50 هزار به ماهوار ڪمائيندو اهو رياست جي لاءِ به ڏڻ ڪڍندو ۽ رياست جا ڀڀ به ڀريندو رهندو.
وري وقت سان گڏ ماڻهن جي ذميوارين ۾ به اضافو ٿو ٿئي، ڪي شادي جي ڪري ذميواري ۾ اچن ٿا، ڪي ٻارن جي ڄمڻ سان اضافي خرچ ۾ اچن ٿا، وري ڪي ٻارن کي اسڪول موڪلڻ جي بهاني خرچ ڀرين ٿا، وري ڪي ٻارن جي وڏن يونيورسٽين جي خرچن ۾ پون ٿا. معنيٰ جيڪي به پئسا حڪومت غريب ماڻهن کي يا متوسط طبقي يا وڏي ڪلاس يا طبقي جي ماڻهن کي دان ڪري ٿي، اهي ته وري حڪومتي ٽيڪس جي نظر ٿي ٿا وڃن، گهمي ڦري سرڪار جي کيسي ۾ ٿا پون، ماڻهن جا سور ته ساڳيا آهن، ڪهڙو حڪومت ماڻهن کي مهانگائي گهٽ ڪرڻ جو تحفو ڏيندي، جو ماڻهو خوش ٿين ته هاڻي ڀلا رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿيندو. اسان جي ڪرنسي جي ڪا عزت باقي هوندي..
ڇو ته معيشت جا انڊيڪيٽر ته ڪم ئي نٿا ڪن، اهي ته ابتا ٿا وهن يا هلن. معنيٰ جي امپورٽس گهٽجي ته رپئي جي قدر ۾ اضافو ٿئي، پر اها امپورٽ ته ڏينهون ڏينهن وڃي ٿي وڌندي. وري جي ائين چئون ته اسان جا ماڻهو هاڻي جي پنهنجن ملڪ جي ٺاهيل شين تي اعتبار ڪندا، پنهنجي ملڪ جون ٺهيل شيون، گاڏيون، ڪاريون، فرجون، ٽي ويون، ايل سي ڊي يا ٻئي فرنيچر ۽ فڪسچر جا سامان خريد ڪندا ته جنهن سان ملڪي اڪانامي بهترين ٿي ويندي ته ڳالھ سمجھ ۾ به اچي. ان ڪري ته شيون کپنديون ته شيون ٺهنديون، ماڻهو ملڪي شيون وٺندا ته ڪارخانا به هلندا. وري ماڻهن جي في ڪس آمدني ڪنهن ڪم جي هجي ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي، معنيٰ جيڪي ويچارن کي پئسا ملن ٿا اهي ته مهانگائي جي ڪري چٽ ٿي ٿا وڃن، ڇو ته اٽو، لٽو، کنڊ، گيھ، سبزيون، داليون ته گهٽ ٿيڻيون ئي ناهن ته پوءِ پگهارون کڻي گهٽ کان گهٽ هجي يا وڌ کان وڌ هجن، ڪهڙي ڪم جون. اهي جيڪي به پئسا ويچارن کي ملن ٿا اهي ته مهانگائي کائي ٿي وڃي، غريب ماڻهو اوڙهو جو اوڙهو.