سنڌي ٻولي ۽ ادب جي شعبي ۾ قابل فهم استادن، منتظمن، محققن، نقادن ۽ ٻوليءَ جي ماهرن جي علمي ادبي ڪمن مطالعي کانسواءِ اڳتي نٿو وڌي سگهجي، تهڙي طرح تحقيق سان دلچسپي رکندڙ شاگردن لاءِ اهو ضروري آهي ته اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيقي ۽ تنقيدي ڪمن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو وڃي. ماضيءَ ۾ ڪهڙو ڪم ٿيو ۽ هلندڙ دور ۾ ڪهڙي تحقيق ٿي رهي آهي ۽ ان ۾ ڪهڙن پهلوئن تي ڪم ڪرڻ جي گنجائش باقي آهي تنهن ۾ وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي؟ جيڪو ڪم ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي، ان مان سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ڪهڙي نواڻ آئي، انهيءَ کي مطالعي هيٺ رکي صبر جو دامن وٺي غور فڪر سان موجوده دورجي تقاضائن کي مدنظر رکي پوءِ جديد قدرن ۽ وقت جي نزاڪت سان پنهنجي موضوع جي چونڊ ڪري، موضوع سان لاڳاپيل معلومات کي اڳتي وڌائڻو آهي. اڳ ۾ پيش ڪيل تحقيقي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب مددگار ٿي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ جي ناميارن محققن جي تحقيقي ڪم کي آڏو رکڻو آهي جي پنهنجي سموري حياتي علم ادب جي آبياري ڪندا پئي رهيا آهن، تن ۾ ڪي آهن: ڪاڪو ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي، مرزا قليچ بيگ، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، پروفيسر منگها رام ملڪاڻي، ڊاڪٽر عمربن محمد دائودپوٽو، محمد صديق ميمڻ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر آرنيسٽ ٽرمپ، پروفيسر علي نواز جتوئي، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ڊاڪٽر حيدر سنڌي، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، ڊاڪٽر هدايت پريم، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر فهميده حسين، ڊاڪٽر آفتاب ابڙو، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيو، ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ، ڊاڪٽر محمد انور فگار هڪڙو، ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ، ۽ ٻيا ڪيترائي محقق ۽ نقاد جن جي تحقيقي ۽ تنقيدي ڪم کانسواءِ اڳتي وڌڻ ممڪن ڪونهي. هت هيٺ جنهن ڪتاب جو تعارف ۽ جائزو لکڻ جو مقصد آڏو رکيو آهي ته جيئن مذڪوره ڪم جي طريقيڪار ۽ نوعيت ۾، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب پنهنجي تحقيق کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ پيش ڪيل ڪم کي آڏو رکي جيڪي بحث مباحثا ڪري هرهڪ شيءِ کي ڇنڊي ڇاڻي واضح نموني پنهنجي تحقيقي ڪم کي اجاڳر ڪري پيش ڪيو آهي. ڊاڪٽر غلام علي الانا جا گهڻا تڻا موضوع سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي ۽ مشاهدي سان وابستگي رکن ٿا. مذڪوره ڪتاب ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ارتقائي سلسلي کي تاريخ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو، پرکيو ۽ سمجهيو ويو آهي. جيڪي محقق چاهين ٿا ته اڄوڪي ايڪيهين صديءَ جي گهرجن پٽاندر تحقيق جي شعبي ۾ معياري تحقيق وارو ڪم ٿئي ۽ نون قدرن مطابق تحقيق کي پيش ڪري اڳتي وڌائجي انهن لاءِ، ڊاڪٽر غلام علي الانا وارو تحقيقي ڪم اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.