برونائي ۾ سنڌ، پنھنجي پاڙن جي تلاش ۾
ھي ان زماني جي ڳالھہه آھي جڏھن اڃا ھندوستان جو ورهاڱو نہه ٿيو ھو. لڳ ڀڳ سموري سنڌ پنھنجي ٻھراڙي واري پسمنظر جي باوجود جديد طرز جي فن تعميرات، ڪاروبار ، ٻولي ۽ سماجي وھنوار ۾ دنيا جي ڪجھه عظيم تھذيبن سان ھڪ ٽڪ ٿيو بيٺي ھئي. سنڌ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ جي وچ ۾ ڪو وڏو سماجي فرق نہه ھو، ڇاڪاڻ تہه ھن پرڳڻي جا ماڻھو ھڪ صدي کان مٿي گڏ رھڻ ڪري مزاج ۾ ھڪ ٻئي جي نفسيات، سڀاءُ، آسودگي ۽ سگھاري ٻولي جي ڪري ھڪٻئي ۾ رچي بسي ويا ھئا، ٻولي ماڻھن کي جوڙي رکي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻولي ئي آھي جيڪا ماڻھن جي جذبن کي رواني سان بيان ڪرڻ جي طاقت، ھمت ۽ سمجھہه فراھم ڪري ٿي. دنيا ان ڳالھہه کي ڪڏھن بہه نہه وساري سگھندي تہه ھندوستان مختلف مذھبن ٻولين ۽ ثقافتن جي باوجود صدين تائين قائم ھو، جنھن کي پوءِ انگريز ڪجھہه ائين تقسيم ڪيو، جو اھو ٻن نہه بلڪہه پنجن حصن ۾ ورهائجي ويو. ڇاڪاڻ ته انگريزن کي ھندوستان جي طاقت جي خبر ھئي، سنڌ ان جي ڳري قيمت ادا ڪئي. تاريخ جي سڀ کان وڏي مائيگريشن سنڌ مان ٿي. تقريبن 12 کان 14 ڪروڙ سنڌي ھندو لڏپلاڻ ڪري انڊيا ھليا ويا. سنڌ جي محض جاگرافي ئي تبديل نہه ٿي، پر سنڌ جو پورو سياسي، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي وھنوار تبديل ٿي ويو. اسين ھڪدم گھري اونداھي کوھہه ۾ اچي ڪرياسين. ماڻھن سان جيڪو دوکو ٿيو ان جو پھريون نتيجو بنگلاديش ھو، جنھن ٻه قومي نظريي واري دوکي کي سڀ کان پھرين سمجھي ان مان جان آجي ڪئي.
منھنجي قسمت ڏسو مان پنھنجي روٽس (پاڙن)سان ڪيئن ملان ٿو. شام جا 5 ٿي رھيا ھئا. برونائي جي شام ائين آھي جو يا ته پورو آسمان ڪڪرن سان ڍڪجي وڃي ٿو يا آسمان ان قدر صاف شفاف نيرو جھڙو آسمان تي سمنڊ پکڙيل ھجي. ھن جو آسمان ٻنھي صورتن ۾ خوبصورت ھجي ٿو. ان شام ڪڪر ڪجھہه گھرا ھئا ۽ ھوا بہه حيدرآباد جي شام جھڙي گھلي رھي ھئي. مان ۽ منھنجي مسز پاڻ ۾ ڳالھائيندا بندر سري ڀڳوان جيڪو برونائي جو ڪيپيٽل آھي، جي ھڪ ريسٽورينٽ تي چانھه پيئڻ لاءِ اچي ويٺاسين. ڪجھہه گھڙيون مس گذريون تہه نريش نالي ھڪ نوجوان اچي مليو سنڌي ڳالھائيندي پنھنجو تعارف ڪرايائين ھن چيو توھان کي سنڌي ڳالھائيندي ٻڌو. توھان سنڌي آھيو؟
ھا اسين سنڌي آھيون. مون کيس وراڻيو. ھن چيو توھان کي سنڌي ڳالھائيندي ٻڌو توھان سان ملڻ کانسواءِ رھي نہه سگھيس. مونکي پھريون ڀيرو ورھاڱي جي اذيت محسوس ٿي. ڪو ماڻھو پنھنجو ڇا ڪجھه نہه ٿو وڃائي. مونکي ان جي چھري مان نظر آيو ٿي. نہه تہه دور ديس ۾ ڪير ڪنھن سان ڪو نہه ڳالھائي سوائي واقفيت جي. نريش پوءِ برونائي جي ڪيترن سنڌين سان ملائڻ جو وسيلو بنيو. برونائي سائوٿ ايسٽ ايشيا جو اھڙو ملڪ آھي جنھن ڪالونيل دور کي ڀوڳيو. ھي ملڪ سائوٿ ايسٽ ايشيا جي باقي ملڪن جيان انگريزن سان وڙھيو نه بلڪہ مقامي باغين خلاف بادشاھت کي بچائڻ لاءِ انگريزن سان سمجھوتو ڪيو. جلدي ئي تيل ۽ گيس جي وسيع ذخيرن ھن ملڪ کي دنيا جي ڪجھه امير ترين ملڪن ۾ اچي بيھاريو. ھن ملڪ جي خاص ڳالھه زندگي جي ھر شعبي ۾ عورت جي شراڪت آھي. ھن ملڪ جي آسودگي ائين آھي جو بادشاهه پنھنجن ماڻھن کي ان آسودگي ۾ به ڀاڱي ڀائيوار ڪيو آھي. انھن جي تعليم، صحت، روزگار، انساني بنيادي ضرورتن جو پورو پورو خيال رکيو آھي. بنا ڪنهن شڪ جي ھي طبقاتي سماج آھي، پر ھتان جو ماڻھو بنيادي مسئلن لاءِ پريشان ناھي. ھن ملڪ جي آسودگي ڪيترن ماڻھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪيو خاص طرح سنڌ جي شرنارٿرين کي، جن کي سنڌ جي سرزمين ڇڏڻ کانپوءِ ڪٿي به چين نه ٿي آيو. سنڌ مان لڏپلاڻ ڪندڙ ڪيترا خاندان انڊيا جي ڪيريالا جي رستي سائوٿ ايسٽ ايشيا جي مختلف ملڪن جھڙوڪر مليشيا، انڊونيشيا، برونائي ۽ سنگاپور پھتا. ھي ڪاروبار جي ھنر ۾ ته اڳ ۾ ئي ڀڙ ھئا، ويتر جو ھنن کي امن ڀريو ماحول ۽ خالي مارڪيٽ ملي ته ھنن نئين زندگي جي شروعات ڪندي دير نه ڪئي. ھنن لاءِ ھي سماج بيحد، پر امن ھو ھڪڙي واپاري کي جھڙو سماج گھرجي اھڙو، ھنن پوءِ ڪپڙي ۽ پرچون جي ڪاروبار ۾ پنھنجو اثر رسوخ وڌائڻ شروع ڪيو.
ھندوستان جو ورھاڱو تاريخ جو وڏو حادثو ھو، پر ان کان وڏو حادثو لڏپلاڻ هئي، جيڪا سنڌ مان ھاڻ به جاري آھي. نريش سان ڳالھائڻ کانپوءِ لڏپلاڻ ائين سمجھه ۾ آئي تہه اھا ڪنھن بہه فرد جو پورو وجود ان جي ٻولي ۽ سڃاڻپ کي ختم ڪري ٿي. نوان رشتا لازمي ھجن ٿا، پر اھي ان قيمت تي تہه نہه ھجڻ گھرجن. مون کي ھڪ ٻيو تجربو ٿيو ته سنڌي اھو به ھندو ڪيئن نه پنھنجي سڃاڻپ ۽ ٻولي کي قائم رکيو آھي. مون ڪيترن سنڌي گھراڻن ۾ اردو ڳالھائيندي ڏٺو آھي، پر اڄ تائين ڪنھن سنڌي ھندو جي گھر ۾ سنڌي ٻولي ئي ڳالھائيندو ڏٺو آھي، بلڪہه برونائي جي سنڌين سان ملڻ کانپوءِ ائين لڳو ته ھنن جو سنڌي لھجو مون کان به بھتر آھي.
نريش کانپوءِ جنھن سنڌي سان مليس اھو ھو گوپي جنھن جي وڏڙن جو تعلق نوابشاھه سان ھو. ھن خاندان 1947 کانپوءِ ڪڇ جي راجہه وٽ وڃي پناھه ورتي، اتان ھي چارئي ڀائر برونائي آيا. ھنن جي گھر ۾ اڃا تائين سنڌي ڳالھائي وڃي ٿي. جمنو پنجابي جا وڏڙا ماتلي جا ھئا. پنجابي ھي سنڌي ھنڌن جي نک آھي. جمنو جي مطابق اھو ممڪن آھي ته اسانجي پيڙھي جا ماڻھو پنجاب مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ آيا، ان ڪري اسين پنھنجي نالي پٺيان پنجابي لکون ٿا. جمنو 18 سالن جو ھو جڏهن پنھنجي زمين سنڌ کي ڇڏيو. ھنن بہه ڪڇ جي راجہه وٽ پناھه ورتي. ھنن کي برونائي ۾ 60 سال ٿي ويا آھن. ڪپڙي جي ڪاروبار تي ھنن جو وڏو اثر آھي. ڪشن جو تعلق ميرپورخاص سان آھي. ھن جو سفر به عجيب حادثن سان ڀرپور آھي. ڪجھه ڏينھن اڳ ھنن مونکي پنھنجي پوري پريوار سان ملايو. سمورا چھرا منھنجا پنھنجا ھئا، ان رات عرش جا سمورا ستارا وڌيڪ روشن ھئا.