”نگران وزيراعظم امير ماڻهو ناهي“ سرفراز بگٽي جي اثاثن جي ماليت 7 ارب کان وڌيڪ آهي
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان نگران وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا جي اثاثن جي اسٽيٽمينٽ جاري ڪري ڇڏي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ امير ماڻهو ناهي. اطلاعن موجب اڳوڻي سينيٽر کي ورثي ۾ قلعه سيف الله ۾ 20 ايڪڙ زمين ملي ۽ وٽس هڪ مائننگ ڪمپنيءَ ۾ صرف 100 شيئر آهن، جن جي ماليت 50 هزار رپيا آهي. اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل سندس اسٽيٽمينٽ مطابق سندس گهرواريءَ وٽ 10 تولا سونا زيور ۽ گهر ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين جي ماليت 4 لک رپيا آهي، جڏهن ته انوار الحق ڪاڪڙ وٽ ڪا گاڏي يا ملڪ کان ٻاهر ڪوبه ڪاروبار نه آهي، تڏهن به سندس بينڪ اڪائونٽ ۾ نقد 4 ڪروڙ 77 لک 20 هزار رپيا موجود آهن.
بلوچستان جي مضبوط قبائلي خاندان سان تعلق رکندڙ ڪابينا جي اهم رڪن سرفراز احمد بگٽي وٽ 90 اُٺ، 8 هزار 870 دنبا، 4 هزار 60 ٻڪريون، 400 ڳئون، 80 ڍڳا ۽ 86 مينهون آهن، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 7 ارب رپيا آهي، هي سڀ کيس ورثي ۾ مليا آهن. وٽس لڳ ڀڳ 74 لک 20 هزار رپيا نقد رقم موجود آهي ۽ گهر ۾ استعمال ٿيڻ وارين شين جي قيمت 68 لک رپيا آهي.
نگران وزير اطلاعات مرتضيٰ سولنگي رٽائرڊ سرڪاري ملازم آهي، سندس اثاثن جي ڪُل ماليت 2 ڪروڙ 32 لک رپيا آهي، هو 25 هزار رپين جي ماليت جي هڪ ننڍڙي ڪنسلٽنسي جي ڪاروبار جو مالڪ آهي، ان کان علاوه وٽس 2012 ماڊل جي هڪ ڪار آهي، جنهن جي قيمت 12 لک 50 هزار رپيا آهي. سندس گهرواريءَ وٽ 4 تولا سون ۽ لڳ ڀڳ 19 لک 50 هزار رپيا نقد يا بينڪ ۾ موجود آهن. سندن گهر ۾ 10 لک رپين جي ماليت جو فرنيچر، فٽنگز ۽ گهريلو سامان آهي.