خاص

القادر ٽرسٽ ڪيس: نيب شيخ رشيد کي 24 مئي تي طلب ڪري ورتو

القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد کي رڪارڊ سميت 24 مئي تي طلب ڪري ورتو. ان حوالي سان ٽوئيٽر تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته نيب جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي به 190 ملين پائونڊ جي ڪيس ۾ عمران خان سان گڏ شامل ڪري ڇڏيو آهي. شڪر آهي انهن مون کي 190 ملين پائونڊ جي قابل سمجهيو. شيخ رشيد چيو ته پوليس ڪيترن ئي ڏينهن کان لال حويلي ۽ منهنجي والده جي گهر تي ڇاپا هڻي رهي آهي پوليس کي چوڻ چاهيان ٿو ته گهرن ۾ داخل ٿيڻ دوران عورتن جي احترام کي آڏو رکيو وڃي.