چوڌري شجاعت مسلم ليگ (ق) جو صدر برقرار، پارٽي جي آئين ۾ ترميم ڪالعدم، اليڪشن ڪميشن فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ق) پارٽي صدارت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، چوڌري شجاعت ئي مسلم ليگ (ق) جو صدر رهندو. اليڪشن ڪميشن انهيءَ سلسلي ۾ پارٽي آئين ۾ ترميم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن مسلم ليگ (ق) جي آئين ۾ ترميم جي چوڌري وجاهت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي حڪم امتناع دوران مسلم ليگ(ق) جي آئين ۾ ترميم قانون جي خلاف آهي.