اسد عمر ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ لاءِ صوبن کي خط لکي ڇڏيو
نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه ۽ وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي لاءِ سمورن وفاقي يونٽن کي خط لکي ڇڏيو آهي. اسد عمر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح خطرناڪ حد تائين وڌي رهي آهي. اين سي او سي وفاق جي سمورن يونٽن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي ۽ موجوده حالتن تي اين سي او سي نظر رکندي پئي اچي. اين سي او سي جي سربراهه چيو آهي ته پهرين ۽ ٻئين لهر جي دوران وفاق جي سمورن يونٽن بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ ان جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا جڏهن ته ٽئين لهر ۾ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ ڪمزور نظر اچي رهيو آهي. وفاقي وزير موجب اين سي او سي جي فيصلن جي سياسي ۽ سماجي اجتماعن ۾ ڀڃڪڙي نظر اچي رهي آهي. جڏهن ته اين سي او سي جي هدايتن جي ڀڃڪڙي ٻين شعبن ۾ به ايس او پيز جي بهتر نفاذ ۾ رنڊڪون وجهي رهي آهي. اسد عمر چيو ته اين سي او سي جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي. خاص طور تي عوامي اجتماعن بابت هدايتن تي عمل کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته اسان بهتر قدمن ۽ اجتماعي ڪاوشن سان وبا جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

