بلاگنئون

پريتو

سنڌ جي نامياري ڳوٺ پاٽ ضلعي دادوءَ جي رهواسي جان محمد ميمڻ روزي روٽي خاطر ڳوٺ ڇڏي ڪراچيءَ کي پنهنجو مسڪن بڻايو، جتي بولٽن مارڪيٽ ويجهو ننڍڙو ڪاروبار شروع ڪيو. سندس پٽ عبدالله پاڙي جي ٻارن سان گڏ کيڏندي، ڪڏندي ۽ پڙهندي جوان ٿيو. عبدالله جي دوستي محمد عثمان بلوچ، قطب الدين صديقي (شھيد غزاله بتول صديقي جو والد) ۽ ٻين سان ٿي. (محمد عثمان بلوچ مشهور مزدور اڳواڻ طور اڀري آيو ۽ قطب الدين صديقي (شھيد غزاله بتول صديقي جو والد) سنڌ جي تڏهوڪي وزيراعليٰ محمد ايوب کهڙي جو پرائيويٽ سيڪريٽري بڻيو). عبدالله- ج- ميمڻ سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچيءَ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نوڪريءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ماسٽرز ڪئي. 1963ع ۾ عبدالله- ج- ميمڻ پاڪستان جي سول سروس (ان وقت سي. ايس. پي) جي مقابلي واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس بيچ ۾ فاروق احمد لغاري، شاهد حامد، ڊاڪٽر عشرت حسين ۽ ٻيا شامل هئا، جن پنهنجي ذهانت سان اڳتي هلي پنهنجن شعبن ۾ مقبوليت ماڻي. سول سروس جي مقابلي ۾ اولهه پاڪستان ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان (هاڻوڪو بنگلاديش) جا اميدوار شامل هوندا هئا ۽ ملڪ ۾ ون يونٽ جو دور هو) عبدالله- ج- ميمڻ سول سروس اڪيڊمي لاهور ۾ ٽريننگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پنجاب ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي مختلف ضلعن ۾ نوڪري ڪئي.

1970ع کان هو حيدرآباد ۾ بطور اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ پوءِ ڊويزنل ڪمشنر مقرر ٿيو. سول بيورو ڪريسي ۾ سياسي، سماجي ۽ دوستي ياري جا بيشمار دٻاءُ هوندا آهن، جنهن پٽاندر پنهنجي ضمير مطابق فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. 1973ع ۾ حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر واري عرصي دوران تڏهوڪي وزير اعليٰ کيس ڪنهن تڪ جي زميندار کي هٿيڪو ڪرڻ لاءِ زباني حڪم ڏنو جيڪو انصاف جي منافي هو. کيس ان حڪم جي نه مڃڻ سبب اتان بدلي ڪيو ويو. جنرل ضياءُ جي مارشل لا حڪومت ۾ عبدالله- ج- ميمڻ حيدرآباد جو ڊويزنل ڪمشنر مقرر ٿيو. انهيءَ ايام ڪاري ۾ هو پنهنجي زيردست آفيسرن ۽ ننڍن ملازمن ۾ قربائتو محسوس ٿيو. هو ڪمشنر هائوس جي ملازمن کي هميشه “شهزادو” يا “سهڻو” جي نالي سان پڪاريندو هو. عبدالله- ج- ميمڻ کي سنڌي ٻولي، ادب، ثقافت ۽ راڳ رهاڻ سان گهڻي دلچسپي هئي. ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز سان سندس گهڻو لڳاءُ هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ميلي ۾ پانڌيئڙن لاءِ سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ ٽن ڏهاڙن صوفياڻي ۽ ثقافتي راڳ رهاڻ ۾ “لطيف ايوارڊ” ڏيڻ کي معمول بنايائين. لال شهباز قلندر جي ميلي کي اثرائتو بنائڻ، ڊرامه فيسٽيول، رني ڪوٽ بين الاقوامي سيمينار منعقد ڪرائڻ جو سهرو به سندس سر تي آهي.

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محترم حميد آخوند، ممتاز مرزا (مرحوم) ۽ ظفر ڪاظمي (مرحوم) هميشه سندس ساٿ ۾ رهيا. جنرل ضياءُ جي مارشل لا واري عرصي دوران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن (سگا) تي پابندي جو حڪم لاڳو ٿيو ته وري انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي جي بين الاقوامي شهرت کي به نا پسندديدگيءَ سان ڏٺو ويو. اهو ڪمال عبدالله- ج- ميمڻ جو آهي، جنهن ڊاڪٽر غلام علي الانا (مرحوم) جي خدشن کي جنرل ايس. ايم عباسي (تڏهوڪي گورنر سنڌ) جي ڪن ۾ اها ڳالهه وڌي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ الاجي مٿان لاحق خطرو ٽري ويو. اهڙي فرد جي ڪردار کي نظر انداز يا وساري نٿو سگهجي جنهن جي حڪمت، ڏاهپ، ذهانت ۽ تدبر سان سماجي اوسر ۽ ديانتداري جو ماحول جڙي پيو. عبدالله- ج- ميمڻ تقرير ۽ تحرير ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. سنڌ ثقافت پاران ڏاهي آفيسر، اديب ۽ محقق محترم جمال ابڙو (مرحوم) سان ملهايل شام ۾ سندس من موهيندڙ ۽ عوامي انداز ۾ ڪيل تقرير سنڌي بيورو ڪريسي لاءِ هڪ مثال آهي. سندس چوڻ موجب ته ٻولي ۽ ادب جو قوم جي اڏاوت ۾ بنيادي حصو آهي. هو هڪ فقير منش انسان هو. پنهنجن پراڻن سنگتين ۽ ساٿين سان رواداري ۾ اڳڀرو هوندو هو. سندس دوست قطب الدين صديقي (شھيد غزاله بتول صديقي جو والد) سندس ساروڻين ۾ ٻڌايو ته حيدرآباد جي ڪمشنر هائوس ۾ ساڻس گڏ رات جي ماني کائڻ بعد مون کي وحدت ڪالونيءَ ۾ پنهنجي ڀائيٽي جي سرڪاري ڪوارٽر تائين سرڪاري گاڏيءَ ۾ ويهاري، گاڏيءَ کي پاڻ ڊرائيو ڪري اتي پهچايو ۽ مون کان موڪلايو.

1988ع ۾ صدر جنرل ضياءُ، ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي معطل ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي چئني صوبن جون حڪومتون به ختم ٿي ويون ۽ اتي گورنر راڄ لاڳو ٿيو. سنڌ ۾ اڳوڻو جنرل رحيم الدين گورنر مقرر ٿيو. ان وقت سنڌ جو هوم سيڪريٽري عبدالله- ج- ميمڻ هو. اڳوڻي جنرل رحيم جي آمراڻه حڪمن ۽ اڍنگي ورتاءُ کي محسوس ڪندي پاڻ نوڪريءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سنڌ جي بيورو ڪريسي جي تاريخ ۾ اهو مثال ياد رکيو ويندو. شال اسان جي سنڌي بيورو ڪريسي ۾ پنهنجي عزت، حُرمت، مانَ مرتبي ۽ وقار جو احساس قائم رهي.

97-1996ع جي نگران حڪومتي سيٽ اپ ۾ کيس ملڪ معراج خالد جي ڪابينا ۾ پاڻي ۽ بجليءَ جي وزارت جو قلمدان سونپيو ويو، جنهن کي هن خوش اسلوبيءَ سان نڀايو. مرحوم عبدالله سنڌ واسين کي هڪ ڀاءُ، دوست، سڄڻ ۽ همدرد بڻجي محسوس ڪرايو. سنڌ جو هي “پريتو” خوبصورت ۽ فرشتا صفت انسان 8 فيبروري 2023ع تي اسان کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو. شال اهڙا گهڻا باضمير ۽ اعليٰ ڪردار رکندڙ ڪامورا اسان جي سنڌ کي نصيب ٿيندا رهن.

***