نئون

سائنسدانن پاران ياداشت منتقل ڪرڻ جو ڪامياب تجربو

آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا اينڊ لاس اينجلس جي ماهرن سمنڊ ڪناري رهندڙ ڪوڏ جي ياداشت ٻئي ڪوڏ ۾ منتقل ڪرڻ جو تجربو ڪري ورتو آهي. UCLA جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ هي تجربو انسانن تي به ڪري سگهجي ٿو ۽ هي تجربو ان منزل ڏانهن پهريون قدم آهي. ماهرن هن تجربي جي ثابتي لاءِ ڪجهه تجربا ڪيا جنهن ۾ هنن هڪ ڪوڏ کي پهرين باهه جي ويجهو آڻي انهيءَ کي باهه جي ويجهو آڻي گرمي جو احساس ڏياريو. هي عمل بار بار ڪرڻ سان ان ڪوڏ باهه جي ويجهو پهچڻ شرط خوف جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ ان جي ياداشت کي هڪ نيئن ڪوڏ ۾ منتقل ڪري ان کي باهه جي ويجهو آندو ويو ته ان اهڙي طرح خوف جو اظهار ڪيو جيئن ان کي ڪا پراڻي ياد آئي هجي. بي بي سي کي انٽرويو ۾ ڊيوڊ گلينڊ مين چيو ته اسان هڪ ڪامياب تجربو ڪيو آهي جيڪو وڌيڪ تحقيق جو دروازو کوليندو.