ڪامريڊ ڄام ساقي
1944 کان 5مارچ 2018 تائين
پهرين نگاه ۾ هو ڪنهن کي موهي نه سگهندو هو، پر جيڪي ماڻهو سندس تعلق ۾ آيا تن کي ياد هوندو ته هن شخص جو ڳلي تي چمي ڏيڻ وارو عوامي انداز پوءِ ڪنهن حد تائين مقبول ٿيو ۽ جيڪا پوءِ انجي سڃاڻپ بنجي وئي. ڄام ساقي کي ڪميونسٽ سياست ۾ وٺي اچڻ وارو شخص ڪامريڊ غلام محمد لغاري هو، جنهن 1940_45 ڌاري خاڪسار تحريڪ کي الوداع چئي هاري حقدار تحريڪ ۾ سرگرم ٿيو هو ۽ هارين جي حقن جي جدوجهد جي سلسلي ۾ کيس جيل پڻ وڃڻو پيو هو. ڪجهه ئي سالن جي وقفي کانپوءِ 1963_64 ڌاري جڏهن ڄام ساقي به پابند سلاسل ٿيو ته اتي سندس هڪ ڀيرو ٻيهر ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مهر حسين شاه سان ملاقات ٿي جيڪا پوءِ نظرياتي تعلق ۽ کاٻي ڌُر جي سياست جو بنياد بڻي . 65 ۽ 66 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو تاشقند معاهدي سان اختلاف رکڻ ڪري ايوب جي ڪابينه کان ٻاهر اچي عوامي رابطه مهم جو آغاز ڪيو انهن ئي ڏينهن ۾ حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن پنهنجي سالياني ڪنوينشن لاءِ عنايت ڪشميري جي تجويز پيش ڪئي ته ڪنوينشن ۾ ڀٽو صاحب کي خطاب جي دعوت ڏني وڃي، ڄام ۽ يوسف لغاري جڏهن ڀٽو کي دعوت ڏيڻ پهتا ته ڀٽي کين چيو ته توهان ايوب جي آمريت ۽ بربريت جو مقابلو ڪري نه سگهندا، ڇاڪان ته ايوب مون تي سخت ناراض آهي، جنهن تي ڄام چيو ته اسين ڦِرڻ وارن مان ناهيون مان هڪ اسڪول ماستر جو پٽ آهيان ۽ اسانجو ڪنوينئر يوسف لغاري منشي جو پٽ آهي، اسان بيهڻ وارن مان آهيو. ڀٽي لاءِ هي موقعو هو ته هو پنهنجي سڃاڻپ کاٻي ڌر سان ائين جوڙي جو اها ان کي ڪنهن موقعي تي ڪم اچي سگهي. ان جلسي جو مقصد ون يونٽ خلاف محاذ ٺاهڻ هو پر ڀٽي صاحب هڪ لفظ به ون يونٽ خلاف نه ڳالهايو، بلڪه اڳتي هلي جڏهن ڀٽو صاحب صدر پاڪستان ٿيو ته ئي پهريون ڪم ڄام ساقي جي گرفتاري وارو ڪيائين. حيدرآباد اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ساٿين ون يونٽ خلاف جيڪا تحريڪ هلائي ان ۾ ڄام جو موقف هو ته ان تحريڪ کي سماج جي باقي محروم طبقن سان جوڙي ڪري هلائجي ته جيئن اها سياسي تحريڪ جو رخ اختيار ڪري سگهي ۽ سماج ۾ اشتراڪي معاشي ۽ سماجي تبديلي آڻي سگهجي. پر سندس قافلي جي باقي دوستن جو موقف انجي ابتڙ هو جيڪي ون يونٽ جي خاتمي جا ته حامي هئا پر آمراڻي سرڪار کي ناراض ڪرڻ جا حامي نه هئا، جنهن سبب ڪري ڪيترن ئي موقعن تي باقي دوستن جو رويو ڄام سان غير جمهوري ۽ نامناسب رهيو جنهن جو ذڪر ڪامريد انهن خطن ۾ ڪيو آهي جيڪي هن پشاور جيل مان حئي پليجو کي لکيا هئا. جيڪي پوءَ ايس اين ايس ايف پبليڪشن پاران شايع ٿيا جن ۾ ڄام ٻين به ڪيترن تڪليف ده ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو. هن هڪ موقعي تي ائين به لکيو ته ٻن ساٿين هنجو ڳلو پڪڙيو ۽ هن کي گهٽ وڌ ڳالهايو.ڄام کي ڇڏڻ وارن مان هي اهي پهريان ماڻهو هئا جن ڄام سان محض ان ڪري اختلاف رکي علحده ٿيا ته ڄام ون يونٽ جي تحريڪ کي سياسي تحريڪ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر پوءِ تاريخ ثابت ڪيو ته ڄام جو موقف درست هو جنهن جو مثال جيڪب آباد وارو اهو شاندار جلسو هو جنهن ۾ هزارين ماڻهن ڄام جي موقف جي تائيد ڪئي. هتي هي ڳالهه لکڻ جو مقصد اهو هو ته ڄام پارٽي جو سيڪريٽري جنرل هو ۽ عوام جي حقن جي ڳالهه ڪري رهيو هو. پر ان کان اڳ 3 ڊسمبر 1960 ۾ نوجوان ڪميونسٽ حسن ناصر کي لاهور جي شاهي قلعي ۾ سخت تشدت ڪري شهيد ڪيو ويو جنهن ڪري پارٽي لاءِ مشڪل حالتون پيدا ڪيون ويون. حسن ناصر جي شهادت دراصل آمريت خلاف اٿندڙ نظرياتي ۽ فڪري جدوجهد کي ختم ڪرڻ هو. 4 ڊسمبر تي حسن ناصر جي والده زهره علمدار حسن پنهنجي نوجوان پٽ جو لاش وصول ڪرڻ لاءِ انڊيا جي شهر حيدرآباد کان لاهور پهتي پر پوءِ ماءُ پنهنجي پٽ جو منهن به نه ڏسي سگهي، سندس امڙ کي سڃاڻپ لاءِ حسن ناصر جا ڏند۽ وار ڏيکاريا ويا، جن کي حسن ناصر جي امڙ سڃاڻڻ کان انڪار ڪيو، قبرستان جي گيٽ تي تقرير ڪندي امڙ حسن ناصر کي ياد ڪندي چيو ته حسن ناصر اعلي مقصد لاءِ شهيد ٿيو، مون کي پنهنجي پٽ تي فخر آهي، مان ان مقصد مٿان ته پنهنجا سمورا پٽ شهيد ڪرائي سگهان ٿي. 3 نومبر 1968حيدرآباد جي هوٽل انڊس ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي قيام جو اعلان ٿيو ڄام ساقي انجو پهريون صدر ۽ مير ٿيٻو سيڪريٽري جنرل چونڊيا ويا، هڪ طويل روپوشي کانپوءِ ڄام کي هڪ ڀيرو ٻيهر ضيائي مارشلا دوران 1978 ۾ گرفتار ڪيو ويو ان ڏهن سالن جي وچ واري عرصي ۾ ڄام ساقي ملڪ جي ٻين سمورن سياسي ليڊرن کان وڌيڪ متحرڪ، سرگرم ۽ عوام سان رابطي ۾ رهيو. روپوشي جي باوجود سمورن بين الاقوامي نشرياتي ادارن ۾ ڄام جا بيان نشر ٿيندا رهيا. هي اهو عرصو هو جنهن دوران ذوالفقار علي ڀٽي 73 ۾ بلوچستان ۾ نيپ جي حڪومت کي ختم ڪيو نه صرف ايستائين پر فوج بلوچستان تي چاڙهه ڪري خوفناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. ڄام ساقي جي بقول ڀٽو جي اها تمام وڏي سياسي غلطي هئي جنهن پوءِ خود هن جا سمورا رستا بند ڪيا، جيڪڏهن ڀٽو بلوچستان ۽خيبر پختونخوا جون حڪومتون ختم نه ڪري ها ان کي ڪڏهن به ڦاسي نه اچي ها.
9آگسٽ 1980جنرل ضيا جي فوجي آمريت دوران سخت ٽارچر ڪري نوجوان سياسي ۽ شاگرد اڳوان نذير عباسي کي شهيد ڪيو ويو. ڪامريڊ نذير عباسي جي شهادت جي ٽن ڏينهن کانپوءِ نشتر پارڪ ۾ ٿيندڙ عيد نماز کانپوءِ ڪامريڊ جيڪي پهرين صف ۾ بيٺل هئا نعرا هڻڻ شروع ڪيا ته ڪامريڊ نذير عباسي جي قاتلن کي ڦاسي ڏيو. هي طئي ٿيل احتجاج هو جنهن ۾ بي بي سي جا نمائنده به شامل هئا، پوءِ اهو جلوس هزارين ماڻهن جي قافلي جي صورت ۾ سولجر بازار تائين نعره هڻندو هلندو رهيو. ان کان اڳ حميده گهانگرو پاران هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن جي جواب ۾ جنهن ۾ سرڪاري وڪيل ڪوڙو بيان ڏنو ته ڪامريڊ نذير جو موت بيماري سبب ٿيو آهي. ان خلاف احتجاج ۾ ڪيترن ساٿين چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ جي عدالت ۾ نعرا هنيا ۽ ان واقعي جي پسمنظر ۾ مشهور شاعره فهميده رياض پنهنجي مقبول نظم ايوان عدالت تخليق ڪئي. حسن ناصر کانپوءِ نذير جي شهادت پارٽي لاءِ ۽ سندس ساٿين وڏو ڌچڪو هو. نذير عباسي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاسي ڏيڻ وارو مطالبو اڄ تائين ٿيندو پيو اچي. نذير پنهنجي فڪر ۾ پورهيت طبقي جي جدوجهد تي يقين رکڻ وارو ماڻهو هو ۽ مارڪسي دانشور نه هجڻ جي باوجود سنجيده سياسي ورڪر هو ۽ مارڪسزم جو مطالعو ڪندو رهندو هو. اِها حقيقت سندس ڳالهين ۽ دليلن مان ظاهر هوندي هئي. ان جي ڀيٺ ۾ نذير جا هم عصر امدادچانڊيو، گهنشام پرڪاش، شبير شر، امر لعل ۽ نرنجن پيٽي بورجوا رجحان جا حامي رهيا ۽ هاڻ به آهن ( وڌيڪ تفصيل پڙهڻ جي لاءِ احمد سليم جو ڪتاب جام ساقي، چلي چلو که وه منزل ابهي نهين آئي جي صفحي نمبر126 کان 138 کي پڙهو جنهن ۾ نذير ۽ هنن ساٿين جي فڪر کي سمجهي سگهجي ٿو) جنهن ۾ هڪ هنڌ ته ائين به لکيل آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي آڊيٽوريم ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڏهاڙو ملهايو پئي ويو ان پروگرام ۾ پارٽي فيصلي تحت جاويد شڪور کي ڳالهائڻ لاءِ موڪليو ويو جنهن تي امداد چانڊيي ۽ نرنجن مخالفت ڪندي چيو ته اسان ڪنهن مهاجر کي تقرير ڪرڻ نه ڏينداسين، هتان جو ماحول قومپرستي وارو آهي.
ايشيائي ڊڪٽيٽر جنرل ضيا ان وقت جنهن وڏي مخالفت کي منهن ڏئي رهيو هو سا ڪميونسٽن پاران هلندڙ جدوجهد هئي. بنا ڪنهن شڪ جي ڪميونسٽ ان وقت ملڪ جي جمهوري ۽ انقلابي تحريڪ جي رهنمائي ڪري رهيا هئا، اهو سبب هو جو ڪامريڊ ڄام تي بغاوت جو ڪيس ٺاهيو ويو جيڪو پوءِ حيدرآباد سازش ڪيس جي نالي سان مشهور ٿيو. ڄام ساقي هڪ طويل عرصو جيل اندر قيد تنهائي جو شڪار رهيو. انهن حالتن ۾ سندس دوست ۽ ساٿين جو فڪرمند هجڻ يقيني هو ڇاڪاڻ ته ڄام جي بگڙجندڙ صحت ڪري کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. هي 1985 جي ڳالهه آهي جڏهن ضيا شاهي جو آمراڻا دور پوري ملڪ مان اٿندڙ جمهوري تحريڪ کي انتهائي بزدلانه انداز سان منهن ڏئي رهيو هو . انهن ڏينهن ۾ ساڳي اسپتال ۾ ڄام سان گڏ جي ايم سيد به اسپتال م داخل هو ۽ جنرل ضيا جي ايم سيد سان ملاقات کانپوءِ ڄام سان به ملاقات ڪرڻ چاهي ٿي پر ڄام انڪار ڪندي چيو هو ڪنهن آمر سان نه ٿو ملي سگهي. 10 ڊسمبر 1986 تي ڄام ساقي کي جناح اسپتال مان آزاد ڪيو ويو، 87 ۾ پارٽي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿي هڪ هو اڪثريتي ۽ ٻيو اقليتي گروپ جنهن جي سرواڻي مير ٿيٻو، امداد چانڊيو، غلام رسول سهتو، محمد خان سولنگي ۽ رحيم بخش جعفري ڪري رهيا هئا، هنن دوستن پارٽي ۽ ڄام سان ان بنياد تي اختلاف ڪيا ته
1، پارٽي قومي سوال تي واضع ناهي.
2، پارٽي جو نالو ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان مان تبديل ڪري لبرل قسم جو رکيو وڃي
3، سوشلزم بجاءِ جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.
ڄام ساقي آزاد ٿيڻ کانپوءِ هڪدم پوري ملڪ جي دورو تي نڪري پيو ۽ انهن ڏينهن ۾ ڊي ايس ايف جو مرڪزي ڪنوينشن ٽنڊي ڄام يونيورسٽي ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو، جنهن جو ان وقت مان چيئرمين بڻيس ۽ مرڪزي چيئرمين علي حسن چانڊيو کي چونڊيو ويو هو. ان ڪنوينشن کي اردو ڳالهائيندڙن مان جمال نقوي ۽ ڊاڪٽر اعزاز نذير پڻ خطاب ڪيو هو، جنهن ۾ هنن پنهنجو واضع موقف ڏيندي چيو ته هن رياست هتان جي قومي مسئلن کي ان قدر خراب ڪيو آهي جو هاڻ هن ملڪ جون قومون پنهنجي شناخت وڃائي رهيون آهن هن چيو ته اسين اردو ڳالهائڻ وارا سنڌي آهيون ۽ هن ڌرتي ۾ ئي مرنداسين.
سنڌي ميگزين شعور ۾ ان دوران مير ٿيٻي، غلام رسول سهتي ۽ امداد چانڊيو جا انٽريوز ڇپيا جن سان ٻيا ڪيترا اختلاف اڀري سامهون آيا انهن مان هڪ ڳالهه جيڪا واضع ٿي سامهون آئي سا هي هئي، غلام رسول بقول ته پارٽي مٿان اردو ڳالهائيندڙ حاوي آهن ان ڪري پارٽي سان هلڻ مشڪل آهي. ان کان علاوه هن ائين به چيو ته مارڪسزم پرڏيهي نظريو آهي. مير ٿيٻي به ڪجهه اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي ته مارڪسزم فرسوده نظام ٿي چڪو آهي، امداد چانڊيي چيو ته ڪميونزم جي فڪر ۾ جهول آهي. هي سموريون ڳالهيون تحريري طور شعور رسالي ۾ محفوظ آهن. ڄام ساقي پارٽي جي اندر ٿيندڙ اختلافن کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه هو ڇاڪاڻ ته ڄام ساقي مارڪسزم جي بنيادي اصولن ۾ ڀڙ ۽ دانشور هئڻ جي ڀيٽ ۾ مسلسل جدوجهد ۾ رهڻ وارو ماڻهو هو. پر ان ڇڪتاڻ سبب هُن مان ڪميونسٽ سياست کان ٿڪاوٽ ۽ ڪنهن قدر مايوسي جا اهڃاڻ ظاهر ٿيڻ لڳا. ظاهر آهي ته ان ڇڪتاڻ ڪري پارٽي ۾ هاڻ سگهه ئي نه رهي جو انهن اختلافن کي منهن ڏئي سگهي ۽ باقي رهي سهي ڪسر ته گورباچوف جي پروسٽريڪا ۽ گلاسٽنوست پوري ڪري ڇڏي. 88 جي آخر تائين هي دوست پارٽي کان اهڙي صورت ۾ باقاعده ڌار جو ڪو ڪنهن جو نه رهيو. 90 ۾ ڄام ساقي پارٽي تان استيعفا ڏني جيڪا تحريري طور تي اقبال ملاح لڳ ڀڳ ملڪ جي سمورن اخبارن تائين هٿو هٿ پهچائي، ڄام کي پيپلز پارٽي جوائن ڪرڻ جو جن مشورو ڏنو انهن جدوجهد، ڪمٽمينٽ، شهادتن ۽ قيد بند جي سموري تاريخ کي پهرين پنهنجن هٿن سان دفن ڪيو. انهن مان اڪثريت ڄام ساقي جي مرتئي تي سڀ کان اڳين صف ۾ بيٺل نظر آئي.
منظور ٿهيم


