سنڌ هڪ مقتل گاهه جتي صدين کان روح سڏڪن ٿا، جتي لڙڪن جي لهرن کي “درياهه” چيو وڃي ٿو. سنڌ رڳو مٽيءَ جي هڪ ٽڪري جو نالو ناهي، پر هيءَ هڪ اهڙي قديم ماءُ آهي، جنهن جي جهوليءَ ۾ تهذيبن جنم ورتو، پر افسوس ته تاريخ جي هر دور ۾ هن ماءُ جي جهوليءَ کي رت سان ڀريو ويو. جڏهن اسان سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهون ٿا ته محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ اسان جي نصيب ۾ رڳو “انتظار” لکيل آهي. پاڻيءَ جو انتظار، انصاف جو انتظار ۽ پنهنجي ئي ديس ۾ اجنبي نه ٿيڻ جو انتظار. سنڌوءَ جو وهڪرو سنڌ جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت وانگر هو، پر اڄ اهو رت سڪي چڪو آهي. مٿانهين وهڪرن تي جڏهن ڪوٽڙي، گڊو ۽ سکر بئراجن کان مٿي ڊيم اڏيا ويا ته اهو رڳو پاڻي نه روڪيو ويو، پر هڪ پوري قوم جي ساهه جي رڳ تي لت رکي وئي. سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جڏهن سنڌ جي سائي پٽي (پڇڙيءَ) تي حملو ڪيو ته لکين ايڪڙ آباد زمينون اڇي ڪلر ۾ تبديل ٿي ويون. اهي ماڻهو جيڪي “انَ جا ڏاتا” هئا، اڄ شهرن جي ڪارخانن ۾ پگهر وهائي ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ واجهائين ٿا. اڄ جڏهن ڪو سنڌي سنڌو درياءَ جي پٽ تان گذري ٿو ته کيس لهرن جي موسيقيءَ بدران اڏامندڙ ڌوڙ جي سسئيءَ جهڙي ڪوڪ ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. اهو درياءَ جيڪو سڪندرِ اعظم کي لوڏي ويو هو، اڄ پنهنجي ئي پيٽ ۾ مئل مڇين جو لاش کڻي بيٺو آهي.
وسيلن جي ڦرلٽ “گهر ٻرندو ڏسي، پراوا هٿ سيڪين” سنڌ جي مٽي سوناري آهي. ان جي پيٽ ۾ گئس جا ذخيرا آهن، تيل جا تلاءُ آهن ۽ ڪوئلي جا جبل آهن، پر اها ڪهڙي ستم ظريفي آهي جو جتان گئس نڪري ٿي اتي جي مقامي ماڻهن جا گهر اڄ به اونداهيءَ ۾ ٻڏل آهن. ٿر جتي اڳي رڳو پاڻيءَ جي کوٽ هئي، اتي هاڻي “ڪارو سون (ڪوئلو) نڪتو آهي، پر ڇا ان جو فائدو ٿر جي انهن ماروئڙن کي مليو جن جي پيرن ۾ لِيڙون آهن؟ نه! ٿر جا ٻار اڄ به غذائي کوٽ سبب مري رهيا آهن. ڪوئلي جي ڪارخانن جو زهريلو پاڻي ٿر جي وارياسي زمين کي زهريلو بڻائي رهيو آهي. سنڌ ملڪ کي 70 سيڪڙو کان وڌيڪ روينيو ڏئي ٿي، پر موٽ ۾ کيس رڳو لاش، تباھه ٿيل رستا ۽ گندي پاڻي جا نيڪال ملن ٿا. اها ناانصافي روح کي جنجهوڙي ڇڏيندڙ آهي ته ماني اسان جي هجي ۽ دسترخوان تي قبضو پراون جو هجي. سڀ کان وڏو ظلم اهو ناهي ته توهان کان ماني کسي وڃي، پر وڏو ظلم اهو آهي ته توهان کان “شعور” کسيو پيو وڃي ته جيئن توهان پنهنجي مانيءَ جو سوال به نه ڪري سگهو. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اسڪولن جي حالت ڏسي اکين ۾ لڙڪ اچي وڃن ٿا. سنڌ جو وڏيرو، جيڪو اقتدار جي ايوانن ۾ ويهي سنڌ جي نمائندگي ڪري ٿو، تنهن پنهنجي ئي علائقي جي اسڪولن کي اوطاق بڻائي ڇڏيو آهي. استاد پگهارون کڻن ٿا، پر اسڪولن ۾ ٻارن بدران مينهون ۽ ٻڪريون ٻڌل هونديون آهن. هڪ پوري نسل کي “نڪمو” بڻايو ويو آهي. نقل جي ڪلچر ۽ ناقص تعليمي نظام ذريعي سنڌي نوجوانن جي هٿن مان قلم کسي کين بيروزگاريءَ جي اونداهي کڏ ۾ اڇلايو ويو آهي. جڏهن ذهن مري وڃي ٿو ته قوم مري وڃي ٿي. سنڌ جي اسپتالن ۾ وڃڻ جو مطلب آهي پنهنجي عزتِ نفس کي ماري موت جي منهن ۾ وڃڻ. “هتي مائرون پنهنجي هنج ۾ پنهنجي لعل کي تڙپندي ڏسن ٿيون. ڇاڪاڻ ته اسپتال ۾ نه آڪسيجن آهي، نه ڪا ڪتي جي چڪ جي ويڪسين.”
لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين سنڌ جو ماڻهو پنهنجي علاج لاءِ در در جون ٺوڪرون کائي ٿو. سنڌ جا وسيلا لٽي وڏا وڏا شهر ته ٻڌايا ويا، پر سنڌي ماڻهو اڄ به کٽ تي لاش کڻي ڪلو ميٽرن جا پنڌ ڪري ٿو. ظلم رڳو جسماني ناهي هوندو، نفسياتي به هوندو آهي. سنڌ جي ٻولي، جيڪا هزارين سال قديم آهي، ان کي لڳاتار گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهو اڄ پنهنجي ئي ديس ۾ “اقليت” بڻجڻ جي خوف ۾ ورتل آهي. مردم شماريءَ ۾ ٿيندڙ هيرا ڦيري هجي يا لڳاتار ڌارين جي يلغار، سنڌ جي ڊيموگرافي کي تبديل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڪهاڻي: هڪ پوڙهي هاريءَ جي آخري رڙ
اچو ته هڪ افسانوي، پر حقيقي ڪردار سان ملون. صحافي جاويد سنجراڻي، جيڪو ريس ڪئنال جي هڪ سڪل واهه جي ڪناري ويٺو آهي. سندس هٿن جون لڪيرون ايتريون ئي گهريون آهن جيتريون سنڌوءَ جي پيٽ جون ڏارون. قربان علي سنجراڻي پنھنجي ڳوٺ ڳيريلي کان شهر ويو هو نوڪريءَ لاءِ، پر اتي کيس “سنڌي” هجڻ جي ڏوهه ۾ ڪنهن ڀتا خور جي گوليءَ جو نشانو بڻايو ويو. قربان علي سنجراڻي جي ڀاءُ جي زمين کارو پاڻي کائي ويو، سندس ڀاءُ جو لاش کيس مليو ۽ هاڻي هو ان واهه جي سڪل مٽي هٿن ۾ کڻي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. سندس خاموشيءَ ۾ هڪ اهڙي رڙ آهي، جيڪا عرش کي لوڏي سگهي ٿي. هو پڇي ٿو:
“اي سنڌو! تون مئين يا اسين مري وياسين؟
ڇا قيامت کان اڳ قيامت ناهي؟”
سنڌ تي ٿيندڙ هي ظلم ڪا ڪهاڻي ناهي، پر هڪ لکيل تاريخ آهي جيڪا اڃان تائين رت سان لکي پئي وڃي. هتي جي ماڻهن جي مٽي سڏڪي ٿي، هتي جا پهاڙ ماتم ڪن ٿا. جڏهن ملڪ جا ٻيا حصا ترقي ڪن ٿا ته سنڌ جا وسيلا استعمال ٿين ٿا، پر جڏهن سنڌ کي حق ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته کيس “صوبائي تعصب” جو نالو ڏئي خاموش ڪرايو وڃي ٿو. سنڌ جي تباهي رڳو هڪ خطي جي تباهي ناهي، پر اها انسان دوستي، صوفيت ۽ امن جي تباهي آهي. جيڪڏهن اڄ به سنڌ جي حقن لاءِ آواز نه اٿايو ويو ته تاريخ لکندي ته هڪ عظيم تهذيب تڏهن ختم ٿي جڏهن ان جا وارث خاموش هئا ۽ منصف انڌا هئا. سنڌ اڄ به اڃايل آهي، رڳو پاڻيءَ لاءِ نه، پر پنهنجي عزت، پنهنجي حق ۽ پنهنجي سڃاڻپ جي “انصاف” لاءِ. “اي سنڌو درياهه، تون موٽي آ، منهنجي ماروئڙن جون اکيون تنهنجي انتظار ۾ پترا ٿي ويون آهن.”