ايڊيٽوريلنئون ملڪ ۾ سرمائيڪاري جون حالتون مستحڪم آهن May 3, 2026 Zahida Abro سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان مطابق ڏکين مالي حالتن جي باوجود پاڪستان جي سرمائيڪاري جي مارڪيٽ مستحڪم آهي ۽ سرمائيڪارن لاءِ نئين سرمائيڪاري جو هڪ وڌيڪ موقعو موجود آهي. عالمي حالتن ۽ وچ اوڀر ۾ جنگي حالتن جي ڪري جتي سڄي دنيا جي معيشت دٻاءُ جو شڪار ٿي آهي ته اسان وٽ به سرمائيڪار پنهنجي پئسي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ سرمائيڪاري جي جهان کان پٺيان هٽڻ لڳو. ٻاهرين ۽ اندروني سرمائيڪاري ۾ نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ اچي رهي هئي. جنهن جو بنيادي سبب خطي جون حالتون رهيون آهن. سرمائيڪاري جي انهيءَ رڪاوٽ جي ڪري روزگار جا موقعا به گهٽ ٿيا ۽ ڪاروباري ادارن جو اعتماد ڪمزور ٿيو، پر سرڪار فوري اصلاح ڪري ملڪ کي انهيءَ معاشي بحران مان ٻاهر ڪڍي آئي آهي.ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڊگهي مدت جي سرمائيڪاري لاءِ نيون پاليسيون ٺاهيون وڃن ته جيئن ملڪي ۽ ٻاهرين سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿئي ۽ معاشي سرگرميون بهتر ٿي سگهن. سرڪار انهيءَ سلسلي ۾ وقتائتا قدم کنيا آهن. نتيجي ۾ ٿيو اهو آهي ته ملڪ ۾ سرمائيڪاري جي نئين لهر سان معيشت مستحڪم ٿيڻ لڳي آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (SIFC) جي ڪوششن سان غير ملڪي سرمائيڪارن جو اعتماد بحال ٿيڻ سان ملڪ جي معيشت مستحڪم ٿيڻ لڳي آهي. سرڪار اهڙا انگ اکر به ڏنا آهن. جنهن مان اهي اهو نتيجو ڪڍن ٿا ته معاشي استحڪام لاءِ ماحول سازگار آهي. هاڻي سرمائيڪاري لاءِ ملڪ ۾ اهڙو ماحول موجود آهي جيڪو سرمائيڪارن لاءِ پرڪشش ۽ پهرين چونڊ آهي. تازو اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (OICCI) جو سرمائيڪاري جي متعلق سروي اهو ٻڌائي ٿو ته سرمائيڪارن جو ملڪي پاليسين تي اعتماد 61 سيڪڙو مان وڌي 73 سيڪڙو تائين رڪارڊ ڪيو ويو آهي. نيسلي ڪمپني پاڪستان ۾ 60 ملين ڊالر جي اضافي سرمائيڪاري ۽ پاڪستان کي علاقائي ايڪسپورٽ جو حب ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيسلي پاڪستان مان 26 ملڪن کي پنهنجون مقامي پيداواري شيون اماڻيندي. اهڙي طرح مقامي مينوفيڪچرنگ مان مستحڪم پيداواري صلاحيت کي وسعت ڏني ويندي. سرڪار اهو به چوي ٿي ته آذربائيجان جي سرڪار توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ڪري رهي آهي ۽ اهو چاهي ٿو ته پاڪستان هن جو طويل مدتي توانائي جو شراڪتدار ٿئي. سرڪار اها دعويٰ ڪري ٿي ته گذريل 15 کان 18 مهينن ۾ 20 غير ملڪي سرمائيڪار پاڪستان پهتا. پاڪستان ايندڙ غير ملڪي ڪمپنين ۾ گوگل، بي وائي ڊي، آرامڪو، وافي، ابوظهبي پورٽس، سيمسنگ، ٽرڪش پيٽروليم، نووا منرلز ۽ ٻيون شامل آهن. سرڪار اهو به چوي ٿي ته وچ اوڀر جي جنگ جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن جون معيشتون متاثر ٿيون آهن. خاص طور تي آبناءِ هرمز جي ڪري تيل جي ترسيل ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي آهي.آبناءِ هرمز مان دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ 20 سيڪڙو تيل گذري ٿو. انهيءَ بندش جي ڪري تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جون معيشتون ويهي رهيون آهن. اهي ملڪ جيڪي پنهنجي شاهوڪاري ۽ مستحڪم اقتصادي حالتن جي ڪري دنيا تي راڄ ڪري رهيا هئا، پر وچ اوڀر جي جنگ ۽ آبناءِ هرمز جي بندش انهن جي معيشتن کي وڏو ڌڪ ڏنو آهي. سرڪار اهو چوي ٿي ته مالي سال 2026 ۾ اسانجا ڪرنٽ اڪائونٽ بحال رهيا آهن. جيڪو معيشت جي بهتري جي نشاني آهي. هن سال ۾ ٻاهرين ملڪن مان ڊالر جي صورت ۾ مليل پئسا جيڪي پاڪستان جي محنت ڪشن پنهنجي ملڪ ۾ اماڻيا آهن. ان جي ڪري ملڪ جي دنيا سان ناڻي جي ڏي وٺ بهتر ٿي آهي. ٻاهرين ملڪن مان ملڪ جي ماڻهن جيڪي پئسا اماڻيا آهن. ان جي ڪري سرمائيڪاري بهتر ٿي آهي ۽ پيداواري سرگرميون مستحڪم ٿيون آهن. ڇاڪاڻ جو ٻاهران آيل پئسو ملڪ ۾ تعليم، زرعي، صنعتي ۽ واپار جي شعبن ۾ پڻ مددگار ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ سرمائيڪاري جو سازگار ماحول ۽ معاشي استحڪام ملڪ کي مضبوط معاشي حالتن ڏانهن وٺي آيو آهي. Post Views: 2