آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگ ٻيھر شروع ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ ھڪ خوشي جوڳو بيان به ڏنو آھي ته ايران سان فون تي ڳالھيون جاري آھن. آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ئي وقت پنهنجا بيان تبديل ڪري دنيا کي پنهنجي بيوقوفيءَ جو ثبوت ڏيئي چڪو آهي، جنهن ڪري ڪوبه مٿس اعتبار نٿو ڪري. تازو ٽرمپ چيو آھي ته ايران وٽ جوھري ھٿيار نه ھئڻ گھرجن، ايران کي چوڻو پوندو ته ھو ھارائي ويو آھي. ڇو ته اسان ايران جي خلاف جنگ ۾ پنھنجا لڳ ڀڳ مقصد حاصل ڪري چڪا آھيون. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته ايران جا 82 سيڪڙو ميزائيل تباھه ۽ 159 بحري جھاز ٻوڙي ڇڏيا آھن. ايراني ڪرنسي جي ڪابه قدر قيمت ناھي رھي، روسي صدر پيوٽن سان ايران ۽ يوڪرين جي معاملي تي سندس فون تي ڳالھه ٻولھه ٿي آھي. ٽرمپ جو چوڻ آھي ته آمريڪا جنگ بند ڪرڻ ۾ مدد ڏيڻ کان پھرين روس کي پنھنجي جنگ بند ڪرڻي پوندي. پيوٽن ايران طرفان يورينيم افزودگي جي معاملي تي فڪرمندي جو اظھار ڪيو آھي. آمريڪي ميڊيا مطابق آمريڪي سينٽ ڪام ڊارڪ ايگل ميزائيل وچ اوڀر موڪلڻ جي درخواست ڪئي آھي. ان قدم جو مقصد ايران جي اندر اونھائي ۾ موجود ميزائيل لانچرز کي نشانو بڻائڻ آھي، پھريون ڀيرو آمريڪا ھائپر سونڪ ميزائيل عملي طور تي مقرر ڪندو. ڊارڪ ايگل پروگرام دير جو شڪار رھيو آھي، ھينئر تائين مڪمل طور تي آپريشنل قرار ڏنو ويو. آمريڪي بحري جو طياره بردار بحري جھاز يو ايس ايس جيرالڊ فورڊ ايندڙ ڪجھه ڏينھن ۾ وچ اوڀر مان روانو ٿي وطن واپسيءَ جو سفر شروع ڪندو. صدر پيوٽن ايران جي جوھري پروگرام بابت جاري ڇڪتاڻ کي حل ڪرڻ لاءِ ٽرمپ آڏو پنھنجون ڪجھه تجويزون ۽ آئيڊياز پيش ڪيا، روسي صدر موجوده صورتحال ۾ سفارتي حل جي ضرورت تي زور ڏنو آھي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ٻي جنگ عظيم جي خاتمي جي سالگرهه جي مناسبت سان ايندڙ مھيني يوڪرين ۾ عارضي جنگبندي جي تجويز به ڏني آھي. ٻئي طرف ايراني بحريه جي ڪمانڊر شاھرام ايراني خبردار ڪيو آھي ته جيڪڏھن آمريڪي فوج اڳڀرائي ڪئي ته فوري ڪارروائي ڪئي ويندي. ھن چيو ته دشمن اھو سمجھيو ھو ته ھو ٿوري وقت، جيئن ٽن کان ھڪ ھفتي جي اندر ايران جي خلاف جنگ جو نتيجو حاصل ڪري وٺندو، پر ان جو اھو اندازو ھاڻ فوجي يونيورسٽين ۾ مذاق بڻجي چڪو آھي، اسان پنھنجي شھيدن جي بدلي لاءِ رت جي آخري ڦڙي تائين مقابلو ڪنداسين.