سنڌ حڪومت پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي لڳائي ڇڏي
سنڌ حڪومت سڄي صوبي اندر پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. اها پابندي سيڪشن 144 هيٺ لڳائي وئي آهي. جنهن تي ترت عمل ڪيو ويندو. هن پابندي ۾ پلاسٽڪ کي ٺاهڻ، خريد ۽ وڪري ڪرڻ تي پابندي هوندي. سنڌ حڪومت پاران چيو ويو آهي ته هي هڪ سٺو قدم آهي، جنهن ذريعي پلاسٽڪ ٿيلهين کي ماحول خراب ڪرڻ جو سبب بڻجڻ کان روڪي سگهجي ٿو. واضح رهي ته پلاسٽڪ جو ٿيلهيون جيڪي سامان کڻڻ جي ڪم اچن ٿيون استعمال کانپوءِ اهي ڪچري جو حصو بڻجي وڃن ٿيون، جنهن صورت ۾ اهي نالين کي بند ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿيون. ان ڏس ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چيو ويو آهي ته اهي هن پابندي تي سختي سان عمل ڪرائين ۽ ان جي خلاف ورزي ڪندڙن تي سخت قدم کڻن.

