ڪالا باغ تعمير ڪيس جي تاريخ مقرر

چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ جسٽس ثاقب نثار پاران ماحولياتي گدلاڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڪالا باغ ڊيم جي تعمير واري ڪيس جي ٻڌڻي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي. عدالت پاران پاڻي جي گهٽتائي ۽ ڊيمن جي تعمير متعلق ٻين ڪيسن جون ٻڌڻيون ڪرڻ لاءِ چئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي گهٽتائي ملڪ ۾ سڀني لاءِ ناسور آهي. ڪشن گنگا ڊيم جي تعمير سان نيلم درياهه سڪي ويندو ۽ مان ڪيترائي دفعا چئي چڪو آهيان ته پاڻيءَ جو مسئلو تمام اهم آهي. ايندڙ نسل کي پاڻي نه ڏنو ته مطلب ڪجهه به نه ڏنو. 48 سالن ۾ ملڪ ۾ ڪوبه ڊيم ناهي ٺهيو. هاڻي سپريم ڪورٽ جي پهرين ترجيح پاڻي جو مسئلو آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments