ڪهاڻيوننئون ريخته ڪهاڻي: بگيءَ واري جو ڀاءُ September 12, 2024 Zahida Abro سيد غلام مرتضيٰ جيلاني، منھنجو سنگتي آھي. مون وٽ اڻيھي ايندو آھي. پَھَرَن جا پَھَرَ ويٺو ھوندو آھي. چڱو خاصو پڙھيل ڳڙھيل آھي. کانئس ھڪ ڏھاڙي پڇيم؛ “شاھ جي! اوھان پنھنجي حياتيءَ جو ڪو دلچسپ واقعو ته ٻڌايو!” شاھ جيءَ ھڪڙو وڏو ٽھڪ ڏنو؛ “منٽو صاحب! منھنجي حياتي دلچسپ واقعن سان ڀري پئي آھي. ڪھڙو واقعو توکي ٻڌائي ڪھڙو ٻڌايان؟!” مون چيس؛ “جيڪو اوھان جي ذھن تي تري آيو ھجي، سو ئي ٻڌايو.” شاھ جي مرڪيو؛ “اوھان مون کي وڏو پرھيزگار ماڻھو سمجھندا ھوندا! اوھان کي خبر ئي ناھي ته ڏھن ورھين تائين ڏينھن رات شراب پيتو اٿم ۽ وڏيون رنگ رليون ڪيون اٿم. ھاڻ جيئن ته دل کڄي وئي آھي، تنھنڪري مون اھي شغل ئي ڇڏي ڏنا آھن.” پڇيومانس؛ “اوھان ڪٿي، شادي ته نه ڪري ڇڏي آھي؟” “منھنجا سائين! مان پنجن ورھين کان لاھور ۾ آھيان. جيڪڏھن مون شادي ڪئي ھجي ھا ته اوھان کي ان جي سڻس پئجي چڪي ھجي ھا!” “ته پوءِ ڇا اوھان اڃان تائين ڇڙا ڇانڊ آھيو؟!” “جي! منھنجا سائين!” “وڏي عجب جي ڳالھ آھي!” شاھ جيءَ ھڪڙي آھ ڀري؛ “ھلو! اوھان کي ھڪڙو داستان ٿو ٻڌايان. اوھان اھو لکي، پنھنجا پئسڙا کرا ڪجو!” مون کي پئسا کرا ڪرڻا ته ھئا، پوءِ به چيومانس؛ “نه شاھ جي! اوھان پنھنجو داستان ٻڌايو! ڏسون ته ان مان افسانو نڪري به ٿو يا نه! ھونئن مان اوھان سان واعدو ٿو ڪريان ته جيڪڏھن مون اوھان جي داستان کي افساني جي سانچي ۾ ماپائي ورتو ته جيڪو مون کي معاوضو ملندو، سو سڄي جو سڄو اوھان جو ھوندو.” شاھ جي کِليو؛ “ڇڏ يار! مان پنھنجي گھاريل زندگيءَ جي ٽڪرن جي قيمت وٺڻ نٿو چاھيان. اوھان افسانا نگار ماڻھو، عجيب ذھن جا ھوندا آھيو. داستان ٻڌ! باقي وڃي تون ڄاڻ! مون کي معاوضي وغيره جي ڪا گھرج ئي ناھي.” شاھ جيءَ جي لھجي مان نروار ھو ته مون واري ڳالھ کيس نه وڻي آهي. تنھنڪري مون به ساڻس ان موضوع کي وڌيڪ ڇيڙڻ چڱو نه سمجھيو ۽ چيومانس؛ “اوھان پنھنجو داستان ٻڌائڻ شروع ڪريو!” شاھ جي، مون واري سگريٽ- ڪيس مان، سگريٽ ڪڍي دُکايو. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جو مون کيس چئن پنجن سالن جي عرصي ۾ ڪڏھن به سگريٽ ڇڪيندي نه ڏٺو ھو. پنھنجيءَ حيرت جو اظھار ڪندي چيومانس؛ “شاھ جي! اوھان سگريٽ به ڇڪيندا آھيو؟” شاھ جيءَ جي چپن تي، جن ۾ سگريٽ ڦاٿل ھو، عجيب قسم جي مرڪ اڀري آئي. “منٽو صاحب! اوھان پنھنجي پوري حياتيءَ ۾ ايترا سگريٽ نه پيتا ھوندا، جيترا مان ڇڪي چڪو آھيان. اڄ اوھان اھڙي ڳالھ سوري، جو منھنجا ھٿ، پاڻمرادو وڃي سگريٽ ڪيس تي کُتا. وسڪي آھي اوھان وٽ؟” مون چيس؛ “جي! ھا! آھي!” “ته پوءِ آڻِ، ھڪڙو پٽيالا پيگُ! مان ڏھن سالن جو رکيل روزو ڀڃندس. تو اڄ اھڙيون ڳالھيون ڪيون آھن، جو منھنجو سڄو جسم، ماضيءَ ۾ ھليو ويو آھي.” آئون پنھنجي الماريءَ مان وسڪيءَ جي رکيل دُنگي ڪڍي آيس ۽ شاھ جيءَ کي ھڪڙو پٽيالا پيگ ٺاھي پيش ڪيم. ھن گلاس جو ڍُڪُ ئي ھڪ ڪيو. ٻانھوٽي سان چپ اگھي، مون ڏانھن وريو؛ “ھا! ته ھاڻي ٻڌ ڪھاڻي! پر ھيءَ دُنگڙي ھتان گم ڪر!” مون وسڪيءَ واري دُنگي کنئي ۽ اندر وڃي، الماريءَ ۾ رکي. موٽي اچي ڏسان ته شاھ جي ٻيو سگريٽ پيو دُکائي. مان به ڪرسي کڻي اچي ڀر ۾ ويٺومانس. مرڪيائين، ليڪن سندس مرڪ، ٿوري زخميل ھئي. ساڳي زخمي مرڪ سان ٻڌائڻ شروع ڪيائين. “جيڪو واقعو مان ھاڻ ٻڌائڻ وارو آھيان، سو اڄ کان لڳ ڀڳ ڏھ سال اڳ جو آھي. اسان جي دوستن جي چنڊال چوڪڙي، گھڻو تڻو چڱن چوکن ۽ وڏن مالدار ھندوئن تي مشتمل ھئي. ڏاڍا ڀلا ماڻھو ھئا. ڏھاڙي پيئڻ پيارڻ جو شغلڙو به ھوندو ھو. ان چوڪڙيءَ ۾، مون کي ڇڏي باقي ٻين دوستن کي، شراب کان علاوه ڇورين جي ٻاڙ لڳندي ھئي. اھي ڪنھن نه ڪنھن طرح، پنھنجي ٻاڙ پوري ڪندا ھئا. مون کي به چوندا ھئا ته اچ! مگر مان نھڪر ڪندو ھئس. جيڪا منھنجي مرضيءَ جي خلاف به ھئي. ڇو جو منھنجي دل به چُون چُون ڪندي ھئي ته ڪنھن جوانڙيءَ کي پاسڙو ڏيان.” مون شاھ جيءَ کي چيو؛ “اوھان شادي ڇو نه ڪري ڇڏي؟” شاھ جيءَ جواب ڏنو؛ “مون، سچ پڇين ته، ڪڏھن ان بابت سوچيو به ڪو نه.” “ڇو؟” “ڪڏھن خيال ئي نه ٿيو.” “ٺيڪ آهي! اوھان پنھنجو داستان اڳتي ٻڌايو.” شاھ جيءَ، سگريٽ جو ٽوٽو، ايش ٽري ۾ دٻائيندي چيو؛ “پيارا منٽو! مون وڏي ڪوشش ڪئي ته مان پنھنجي سنگتين سان شراب پيئڻ کانسواءِ ڪنھن ٻئي شغل ۾ نه ڦاسان. ليڪن انھن نڀاڳن نيٺ ھڪڙي ڏھاڙي مون کي به ڀاڙي ڪري وڌو ۽ اھو فيصلو ٿيو ته ڪنھن ڀڙوي جي معرفت، سھڻي شڪل واري ڇوري گھرائجي. اسان چار دوست، فليٽ کان ٻاھر نڪتاسين ته ھڪڙو بگيءَ وارو، جيڪو منھنجو ڄاڻو سڃاڻو ھو، مون کي ڏسي سڏڻ لڳو؛ ‘شاھ جي!او شاھ جي! اچو! اچو!’ اسان چار ئي سنگتي سندس بگيءَ ۾ چڙھياسين. ان وقت تائين مان پوريءَ طرح قائل ٿي چڪو ھئس ته شراب سان گڏ ڇوري، ھجڻ گھرجي. تنھنڪري مون پنھنجي سڄي شرافت، ويڙھي سيڙھي کڻي کيسي ۾ وڌي ۽ کيس ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيم؛ ڪنھن ڇوريءَ جو بندوبست ڪر! جڏھن اھو ٻڌائين ته ھو به ھڪو ٻڪو ٿي ويو. يقين ئي نه پئي آيس ته مان به اھڙي واحيات ڳالھ چئي ٿو سگھان. ليڪن جڏھن مون کيس وري ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته سچ پچ ھڪڙي ڇوريءَ جي ڏاڍي تانگھ آھي ته ھن وڏي ادب وچان چيو؛ ‘شاھ جي! توھان جيڪو حڪم ڪيو! بندو حاضر آهي. اھڙي جاندار ڇوري وٺي ايندس جو يا عمر ياد رکندا!’ بگيءَ وارو ھليو ويو ۽ اسان موٽ کائي، پنھنجي فليٽ تي پھچي وياسين. شام جو وقت ھو، جڏھن ھو اھا کيپ کٽڻ لاءِ ويو ھو. اسان دير تائين سندس اوسيئڙو ڪندا رھياسين. ڀانت ڀانت جا وسوسا دل ۾ آيا پئي. اھا ڇوڪري، ڪھڙي قسم جي ھوندي؟ ڪٿي ڪا بازاري عورت ته نه نڪري پوندي؟ اسان جڏھن الڪو پلي ويٺاسين ته تاس راند کيڏڻ شروع ڪئي سين. رات جا ٻارھن وڄي ويا. نراس ٿي ٻاھر نڪتاسين. ڏسون ته بگيءَ وارو، گھوڙي کي ڇمڪيون وھائيندو، اچي ٿو پيو. پوئين ھودي ۾ ھڪڙي برقعي پاتل مائي ويٺل ھجيس. منھنجي دل ڌڙڪڻ لڳي. بگيءَ واري مون کي چيو؛ ‘شاھ جي! جيڪو مال مان وٺڻ ويو ھئس، سو ته ڏيساور ھليو آھي. ھاڻ ھيءُ ٻيو مال، وڏن جُھدن کانپوءِ ڳولھي ڦولھي ھٿ ڪري آيو آھيان.’ مون کيس پنج رپيا ڏنا. پوءِ اسان چار ئي دوست سوچڻ ويٺاسين ته ھن برقعي واري مائيءَ کي ڪٿي کڻي ھلون! پنھنجي فليٽ ۾ وٺي وڃڻ به ٺيڪ نه ھو. ماڻھو ڳالھيون ٺاھين ھا! ڳالھ جو ڳالھوڙو ٿي پوي ھا. اجايو سجايو ھڪڙي ڦشري ٿي پوي ھا. تنھنڪري اسان فيصلو ڪيو ته پنھنجي دوست رحمان وٽ ٿا وڃون. رات جو ھڪ وڳي ڌاري، اسان برقعي واريءَ مائيءَ سميت، وڃي رحمان وٽ پھتاسين. گھڻي دير تائين ڪڙو کڙڪائڻ کانپوءِ مس دروازو کوليائين. ڪمبل ويڙھيل ھئس، شايد تپ به ھئس. سڄي ماجرا، سرٻاٽ ۾ ٻڌائي مانس. ھن به سرٻاٽ ۾ ئي چيو؛ ‘شاھ جي! اوھان کي ڇا ٿي ويو آھي؟ منھنجو گھر حاضر آهي، ليڪن اوھان کي خبر ڪانھي ته ھن مھيني جي ويھين تاريخ تي منھنجي شادي ٿيڻ واري آھي. منھنجو سالو به اندر آھي. ان جي موجودگيءَ ۾، اھو جھان جيڪو اوھان ٻڌايو ٿا، ڪيئن ٿي سگھندو.’ جھٽ سوا ته مون کي به سمجھ ۾ ڪجھ نه آيو ته ڇا چوانس. ليڪن گھڙيءَ سوا کانپوءِ مون کيس دڙڪا ڏنا. ‘يار! تون ته ٺپ بيوقوف ماڻھو آھين! پنھنجي سالي کي چلتو ڪرينس! اسان ايڏو پري کان تو وٽ آيا آھيون. تو ۾ ايترو به ليمڪ نه بچيو آھي. ويھين تاريخ تي تنھنجي شادي آھي، ٺيڪ آھي. ليڪن اڄ ته منھنجي شادي آھي. ھيءَ منھنجي ڪنوار برقعو پايو بگيءَ ۾ ويٺي آھي. توکي پنھنجي دوستن جو ٿورو ته خيال ٿيڻ گھرجي.’ رحمان کي منھنجي حال تي ٿورو ترس پيو. جنھنڪري پنھنجي سالي کي اٿاريائين ۽ کيس پنھنجي بخار لاءِ ڪا ضروري دوا آڻڻ جي بھاني سان ٻاھر موڪلي ڇڏيائين. شھر جا، ويجھي وارن ڪيمسٽن جا ھٽ، سموري جا سمورا بند پيا ھئا. ليڪن ھن پنھنجي سالي کي چيو؛ ‘شھر جا دڪان جاچ، جتان به توکي ھيءَ دوا ملي، وٺي اچ!’ ڇوڪرو، چئيوان قسم جو ھو. نسخو وٺي، اکيون مھٽيندو، ھليو ويو. انھيءَ غريب کي بگي به شايد نظر نه آئي، جنھن ۾ برقعو پاتل مائي ويٺي ھئي. مون سوچيو ته ميڙ ٺيڪ نه ٿيندو. خبر ناھي مون وارا يار الائي ڪھڙيون حرڪتون ويھي ڪن، تنھنڪري مون کين ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان مڃرايو ته اھي ساڳي بگيءَ ۾ واپس موٽي وڃن. پنج رپيا بگيءَ واري کي ٻيا به ڏنم، مگر ھن جڏھن برقعي واري سواري لاٿي ته چيائين؛ ‘حضور! ھن جي في ته ڏيندا وڃجو!’ پڇيومانس؛ ‘ڪيتري آهي؟’ ‘پنجويھ رپيا!’ مون کيسي مان نوٽ ڪڍيا ۽ ڳڻي پنجين پنجين جا پنج نوٽ کيس ڏنم ۽ برقعو پاتل مائيءَ کي پنھنجي دوست جي گھر ۾ وٺي آيس. رحمان کي بخار ھو، سو ڌار ڪمري ۾ وڃي سمھي پيو. مان گھڻي دير تائين ان برقعي پاتل مائيءَ سان ڳالھائيندو رھيس. ھن ڪابه ورندي نه ڏني. نه ئي برقعي مان ٻوٿ ٻاھر ڪڍيائين. مان تنگ ٿي پيس. لوڏا ڏنامانس، ٿڙ جو ٿڙ. نيٺ زوريءَ سندس برقعو لاٿم. منھنجي حيرت جي حد ئي نه رھي. جڏھن ڏٺم ته ھوءَ عورت ئي نه ھئي! کدڙو ھو. انتھائي ڪِني قسم جو. مون کي وڏي چڙ وٺي وئي. پڇيومانس؛ ‘ھيءَ ڪھڙي بدمعاشي آھي؟!’ ان کدڙي، جنھن جي چھري تي رني نير جا، نيرڙا نيرڙا لينگھا ڄميل ھئا، انتھائي زالاڻي ڍنگ سان ورندي ڏني؛ ‘مان بگيءَ واري جو ڀاءُ آھيان.’ شاھ جيءَ ان کانپوءِ مون کي ٻڌايو؛ “منٽو صاحب! انھيءَ ڏينھن کان وٺي، منھنجي ان جھان تان دل ئي ڀڄي پئي آهي.” *** Post Views: 445