ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: زينو

ڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا، اوچتو ڪو ٻار ڊوڙندي مٿان ڪري پئي پيو ته کيس ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙي، گار ڏئي پاڻ کان پري پئي ڪيو، ٻار به نرڄا ٿي، وري وري به ساڳي حرڪت ۾ مصروف هئا، ڄڻ کين چيڙائڻ ۾ مزو پئي آيو، اوچتو هڪ ننڍڙي نينگري شيشي کي کڙڪايو، هوءَ منهنجي سامهون بيٺي هئي، وچ ۾ شيشي جي دري هئي، جنهن تي هوءَ ميرين آڱرين سان لينگها ڪڍي چڪي هئي، ڏاڍي خفي ٿيم، شيشو هيٺ لاهي کيس چيم، پري ٿي بيهه، هوءَ پري ٿي بيٺي مون شيشي کي بند ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو مس ته هن ٻئي هٿ دري ۾ وڌا، هوءَ بلڪل منهنجي آڏو هئي، مٿي جا وار ميرا ۽ ڳاڙهسرا، گول منهن، ڪاريون وڏيون اکيون، نڪ ۾ ڦلي، ڪنن ۾ چاندي جون واليون، هوءَ وڏي غور سان مون کي جاچي رهي هئي، مون کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، پري ٿي، ڇڏ دري کي هوءَ مون کي نود لڳي هوءَ ٿورو پري ٿي، پر ٻئي هٿ شيشي ۾ هئس، منهنجي ڇڙٻ کي نظرانداز ڪندي… ميڊم آهين نه ٻه رپيا ڏي ته شيءِ وٺندس، سندس اکين ۾ جيئرو جاڳندو جهان ۽ لقاءُ هو هن جي اک منهنجي پرس تي هئي ۽ مان هن کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ هئس، مون هن جي منهن ڏي وري ڏٺو هن جي معصوم منهن تي بي فڪري ۽ بي نيازي هئي، طلب هئي ته صرف بک جي، پيٽ ڀرڻ جي ايتري ٿوري دير ۾ هوءَ مون کي متاثر ڪري چڪي هئي.
هن وري ليلايو لڳو ته سندس صدا ۾ پنڻ واري پيشه ورانه ۽ مهارت ۽ چالاڪي ڪونه هئي، اڃان سيکڙاٽ هئي، ٻه رپيا ڏي نه شيءِ وٺندس.
هن جي ليلائڻ کي نظرانداز ڪندي مون کانئس پڇيو تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ٺهه پهه جواب ڏنائين منهنجو نالو زينو آهي.
رهندي ڪٿي آهين؟
هن اشارو ڪندي ٻڌايو او… او سامهون واري ميدان ۾ او هو منهنجو گهر اٿئي، مون سامهون ڏٺو ٿڌي هوا ۾ ڦاٽل پلاسٽڪ ميرين رلين جي ڇت ڦوڪڻي وانگر ڀرجي، وري نيسائجي پئي وئي.
تنهنجي امڙ ڪٿي آهي، مون پڇيو، هوءَ وئي آهي شهر، ڪستو کڻي پنڻ وئي آهي، جڏهن هوءَ ورندي تڏهن دانگي چڙهندي. ڳالهه پوري ڪري زينو وري ساڳي گهرج ڪئي، ٻه رپيا ڏي نه منهنجي هر سوال جي جواب ۾ پوءِ ساڳيو ئي سوال ٻه رپيا ڏي نه ورجايو پئي، مون اڻ ٻڌو ڪري زينو کان وري پڇيو، پهرئين اهو ٻڌائي ته لڏي ڪٿان آئي آهين، اسين پري کان آيا آهيون اتي گهڻو سيءُ پوي ٿو، ان ڪري مون ٺهه پهه کانئس پڇيو ڳوٺ جو نالو ٻڌائي، هوءَ ٿوري دير لاءِ چپ ٿي وئي، پوءِ جواب ڏنائين نالي جي خبر ناهي، زينو جون اکيون وري به منهنجي پرس کي جاچڻ لڳيون، هن جي ڪارين اکين ۾ بي تاب ڏيئي جي لاٽ هئي کيس وڌيڪ انتظار ڪرائڻ مناسب نه سمجهيم، مون پنهنجي پرس جي زپ کولي کيس ڏهن رپين جو نوٽ ڪڍي هن جي وڌايل هٿ جي تري تي رکيم، هن جي چپن تي مرڪ لهي آئي، زينو جي هٿ ۾ نوٽ نه پر خوشين جو جهجهڻ هو، جو کيس هٿ آيو هو، هوءَ ڊوڙندي، ان ننڍڙي هٽ ڏي پئي وئي جتي تئي ۾ جليبيون ترجي رهيون هيون، زينو مٺائي واري کي ڏهن رپين جو نوٽ ڏنو، مٺائي واري کيس هٿ جي اشاري سان ٿورو بهه سگنل ڏنو، مٺائي واري کيس پني جي ٽڪر تي ٻه جليبون ۽ سنگر رکي ڏنا، زينو پنهنجي هٿ جي تري ۽ آڱرين سان مضبوطي سان جليبين واري پني کي جهلي رکيو تيزي سان ڊوڙ پاتائين، پنهنجي گهر جي طرف ان ميدان پاسي جتي روڊ کان هيٺ لهندي هڪ لمحي لاءِ مون ڏانهن مڙي ڏٺو سندس چهري تي انڊلٺ جهڙا رنگ هئا، هوءَ مون کان پري ٿيندي وئي، مون ڊرائيور کي هلڻ لاءِ چيو وقت کي پر آهن، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ساڳئي روڊ تان گذرڻ ٿيو، روڊ جي ڀر ۾ زينو نظر نه آئي، ميرن اڻڀن وارن وارا ٻار نظر ڪونه آيا ميدان خالي پيو هو، نه اُهي گهر هئا نه نڪ مان وهندڙ سنگهين ۽ گوبن وارا ٻار ۽ نه ٻارن کي گاريون ڏيندڙ مرد هئا. ڀاڄي واري ٽماٽن جي ٽوڪري پئي لاٿي، جليبين وارو ڪڙهائي ۾ گول جليبيون تري رهيو هو، ميدان ۾ سريو، سرون ۽ سيمينٽ لٿل هو، پٺاڻن چريون پئي کوٽيون، فليٽن ۽ دڪانن جي اڏاوت جي تياري ٿي رهي هئي.
***