ڪار جي دري جو شيشو لاٿم ته ٿڌي برف جهڙي هوا اندر لنگهي آئي، سيءُ پاسيرين مان سيسراٽ پئي ڪڍيا، ڊرائيور کي گاڏي بيهارڻ لاءِ چيم جو سامهون ننڍڙي دڪان تي سائي ڀاڄي تي نظر پيم، بهه، سرنهن ۽ پليءَ جو ساڳ، گلابي گوگڙو، ڳاڙهن ٽماٽن جي رنگ پري کان ئي تازگي جو احساس ڏياريو، واڌو واهه جي ڪپر تي ڊرائيور گاڏي کي سلو ڪري ايٿوپين ٽيڪ ۽ نم جي وڻن جي قطار هيٺ گاڏي کي بيهاريو، کيس بهه سرنهن جو ساڳ، سائي ٿوم ۽ گوگڙو جي خريداري لاءِ پئسا ڏنم، منهنجي نگاهه روڊ کان هيٺ ميدان ۾ جهوپڙين، تي پئي، عارضي گهر ڦاٽل رلين سان جڙيل اتر جي ٿڌي هوا کي روڪڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ رڌل هئا، تازو لڏو لٿو هو، مرد جهوپڙين اڳيان ڪي اندر ستل هئا ۽ ٻاهر ٻار پئي نظر آيا، ٻار انگ اگهاڙا، هڪ ٻئي پٺيان پئي ڊوڙيا هڪ ٻئي سان کيچل پئي ڪيائون، مرد گدلا ۽ سست پئي نظر آيا، اوچتو ڪو ٻار ڊوڙندي مٿان ڪري پئي پيو ته کيس ڪلهن کان وٺي ڌونڌاڙي، گار ڏئي پاڻ کان پري پئي ڪيو، ٻار به نرڄا ٿي، وري وري به ساڳي حرڪت ۾ مصروف هئا، ڄڻ کين چيڙائڻ ۾ مزو پئي آيو، اوچتو هڪ ننڍڙي نينگري شيشي کي کڙڪايو، هوءَ منهنجي سامهون بيٺي هئي، وچ ۾ شيشي جي دري هئي، جنهن تي هوءَ ميرين آڱرين سان لينگها ڪڍي چڪي هئي، ڏاڍي خفي ٿيم، شيشو هيٺ لاهي کيس چيم، پري ٿي بيهه، هوءَ پري ٿي بيٺي مون شيشي کي بند ڪرڻ لاءِ هٿ وڌايو مس ته هن ٻئي هٿ دري ۾ وڌا، هوءَ بلڪل منهنجي آڏو هئي، مٿي جا وار ميرا ۽ ڳاڙهسرا، گول منهن، ڪاريون وڏيون اکيون، نڪ ۾ ڦلي، ڪنن ۾ چاندي جون واليون، هوءَ وڏي غور سان مون کي جاچي رهي هئي، مون کيس ڇڙٻ ڏيندي چيو، پري ٿي، ڇڏ دري کي هوءَ مون کي نود لڳي هوءَ ٿورو پري ٿي، پر ٻئي هٿ شيشي ۾ هئس، منهنجي ڇڙٻ کي نظرانداز ڪندي… ميڊم آهين نه ٻه رپيا ڏي ته شيءِ وٺندس، سندس اکين ۾ جيئرو جاڳندو جهان ۽ لقاءُ هو هن جي اک منهنجي پرس تي هئي ۽ مان هن کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ هئس، مون هن جي منهن ڏي وري ڏٺو هن جي معصوم منهن تي بي فڪري ۽ بي نيازي هئي، طلب هئي ته صرف بک جي، پيٽ ڀرڻ جي ايتري ٿوري دير ۾ هوءَ مون کي متاثر ڪري چڪي هئي.