ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: شرڌا جا گل

پلّويءَ جو ايندڙ وقت آڪاش سان ايترو ته گنڍجي ويو هو جو ھوءَ ڪلپنائن ۾ به پنھنجي وجود کي ھُن کان جدا نٿي ڪري سگھي۔ ھوءَ اُنھن يادگيرين جو ڇا ڪندي؟ اُهي واعدا جيڪي هنن ٻنھي ھڪٻئي سان پنھنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ ڪيا هُئا؟ اُنھن يادگيرين جو درد پَل پَل سندس ساهه ۾ ڌڙڪن وانگر اچي ويندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته چڀيل ڪوڪي وانگر ڦاٿل ئي رھندو هو۔ ھوءَ ڄاڻي ٿي ته ھن ڄار مان ٻاهر نڪرڻ ناممڪن ۽ بيڪار آھي۔ ھن تڙپ ۽ ناقابل برداشت درد مان نجات حاصل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي، ھوءَ پنھنجي پيار جي راھ تي هر قدم تي ناڪامين کي منھن ڏئي رھي ھئي۔ شايد سندس قسمت ۾ اِھو ئي لکيل هو۔
پلّوي مايوسيءَ جي اڀرندڙ اونداھي ڪڪرن جي قطار کي ڀڃندي ڪجهه پَلن لاءِ کليل اڀ ڏانھن نھارڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪا سندس خيالن جي اڏام لاءِ جنت مثل آھي۔ آڪاش سان گڏ گذاريل اُهي پَل ئي هُئا، جيڪي کليل آسمان ۾ تارن وانگر ٽم ٽم ڪري رهيا هُئا۔
آڪاش سان سندس ملاقات پلّويءَ جي جيون جي وڏي حاصلات ھئي۔ اهو آڪاش ئي هو جو کيس ڏسندي ئي، گلن جي خوشبوءِ، تارن جي ٽمٽار، چنڊ جي ڇانو ۽ ڪڪرن مان ٽمندڙ برسات جي بوندن جو لطف ماڻيندو هو۔
پلّوي ھئي به اھڙي، نازڪ ڪلي، گل ٿيڻ کان اڳ واري پنکڙي، جيڪا پنهنجي سونهن سان هر ڀنوري کي پاڻ ڏانھن ڇڪي، جنون جي خوشبوءِ ۾ ھُن کي ٻوڙي ڇڏي۔ تڏھن به ھُن پاڻ کي زماني جي نظرن کان بچائيندي، هر ڀونري کان پري رھندي، پنھنجي سيل ۽ ست کي سيپ ۾ موتئي وانگر پاليو، اھو ئي سندس سرمايو هو، سندس شان هو.
۽ اڄ کيس سندس بيگناهيءَ جي سزا ملي رھي آھي. ها، جيڪڏھن پيار ڪرڻ ڏوھ آھي ته ھُن کان اھو گناھ ٿيو آھي. محبت قدرت جو هِڪ اهڙو وردان آھي، جيڪو هر ڪنھن جي ڀاڳ ۾ ھوندو آھي، پوءِ ڀلي اُن جو ميوو مِٺو ھجي يا کٽو، تلخي ته اِنسان ٿڌيون به سگهي ٿو، پر محبت جو زهر ڏاڍو مِٺو ھوندو آھي، محبت ۾ عاشق جنون جي حد تائين زهر کي گھي نيلڪنٺ ٿو بڻجي پوي.
اِھا ڳالھ پلّوي بلڪل به وساري نه سگھي ھئي۔ آڪاش جي اِھا قرباني ڪنھن جي زندگيءَ کي سنواري رھي آھي، قربانيءَ جي نالي تي، هو ٻن مان ھڪ کي قربان ڪندو، هو شادي نه ڪندو، مطلب صاف هو ته هو پلّويءَ کي ڇڏي ڏيندو، پنھنجي محبت کي قربان ڪري ڇڏيندو، صرف ھُن لاءِ، جيڪا صحيح معنيٰ ۾ ڀيڻ گھٽ ۽ ماءُ وڌيڪ ھئي، اها ھئي پرارٿنا، آڪاش جي ڀيڻ، ڇا ائين ڪرڻ سان هو پنھنجي ڀيڻ جو قرض لاھي سگھندو؟ ڇا اِھا ھڪ سان وفاداري ۽ ٻيءَ سان بيوفائي نه ٿيندي؟ ھوءَ اِن پريشاني ۾ منجھيل رھي۔
پلّوي گرل فرينڊ ۽ پرارٿنا پريم جي ڌاڳن سان ٻڌل ڀيڻ۔ ھوءَ وڏي ھئي، پر ايتري وڏي به ڪونه ھئي، فقط ٻه سال ئي ته وڏي ھئي، سندس پريم ڪيترن سالن کانپوءِ به گھٽ نه ٿيو هو۔ ماڻس جي گذاري وڃڻ کانپوءِ ھُن آڪاش جي ننڍپڻ کان وٺي جوانيءَ تائين جي سفر ۾ هر موڙ تي ساٿ ڏنو. نيوٽريشن جون رسمون ڇا ٿينديون آهن، سو ته اهو ئي بهتر ڄاڻي ٿو جنھن کي رشتن جي سڃاڻپ ھجي۔
پريم جي ريشن کان سنيهه جا ڌاڳا وڌيڪ مضبوط ثابت ٿيا۔ فرض ۽ قربانيءَ جي نالي ۾، آڪاش اھو فيصلو ڪيو ته هو پنھنجي باقي زندگي پرارٿنا جي سارسنڀال ۾ گذاريندو۔ هو پيار ۽ قربانيءَ جو قرض لاهڻ لاءِ پاڻ کي ريشن جي پڪڙ مان آزاد ڪري پلّويءَ جي پيار کي وسارڻ جي حَق ۾ هو۔ فيصلو ٿيو، پيار ۽ سنيهه جي جنگ ۾ سنيهه کٽي ويو.
پلّويءَ جي اُداسي، ايندڙ وقت جي امڪانن جي آڪاش تي ٽمندڙ ڪڪرن جي ماڪ ۾ گھڙي پنھنجي صورتحال بابت سوچيندي، اڪيلائيءَ ۾ روئڻ لڳي۔ خاموش ڳوڙھا سندس گود کي ٻوڙي ڇڏيندا هُئا۔
“پلّوي!” مندر جي گهنٽيءَ وانگر موهيندڙ آواز سندس ڪنن تائين پهتو۔
پنھنجي نالي جي سڏ ۾ کيس شرڌا جو احساس محسوس ٿيو هو ته بيخود محبت جي خوشبوءِ پڻ ھئي۔ پرارٿنا جي آواز سندس سوچ ۾ اوچتو خلل وڌو۔
“ها۔۔۔” پلّوي اِن کان وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھي۔
“مون کي خبر آھي ته تون ڪھڙين حالتن مان گذري رھي آھين۔ ھيءُ پيار به جنون جي حد تائين هِڪ پاڳل پڻ آھي، تنهنجو، منھنجو ۽ ھُن جو، سڀ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي مڪمل، اڻ ٽٽندڙ!
پلّويءَ ٻڌو پر ڪجھ چئي نه سگھي۔ ھوءَ صرف ايترو پئي ڄاڻي ته ھوءَ بي گناھ آھي تڏھن به کيس سزا ڏني وئي آھي۔ سندس زندگيءَ کي پساھن ڏانھن ڌڪيو ويو آھي۔ اھو ھڪطرفي فيصلو سندس ڪونه هو، پرارٿنا جو به نه، اھو فقط ۽ فقط آڪاش جو فيصلو هو۔
“پلّوي، مون فيصلو ڪيو آھي، مان پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪنھن کي جاءِ ڏيڻ چاهيان ٿي۔ مون کي اھو حق آھي، مون پنھنجي زندگيءَ ۾ فيصلا ڪرڻ جو اِختيار ڪنھن کي به نه ڏنو آھي، آڪاش کي به نه۔ ها، مون پنھنجي عُمر جو هِڪ حصو آڪاش کي ڏنو آھي، جيڪو منھنجي ننڍو ڀاءُ گھٽ ۽ پٽ وڌيڪ آھي، جنهن کي پنھنجي ماءُ پيءُ کانپوءِ مون پاليو آھي ۽ باغبان سندس سارسنڀال لڌي آھي، مون کي قرباني نه گھرجي، مون کي آزادي گھرجي، مان به هاڻي۔۔۔!
”هاڻي ڇا؟” پلّوي حيران نظرن سان پرارٿنا ڏانھن ڏسڻ لڳي.
“هاڻي وقت اچي ويو آھي ته مان ھڪ نئين رشتي سان ٻڌجي وڃان، جيڪو منھنجي زندگيءَ جي هر پَل ۽ هر قدم تي منھنجو پاڇو بڻجي رھيو آھي۔ مان پنھنجي زندگي اُن ماڻھوءَ سان گڏ ٿي گذارڻ چاهيان، جنھن عمر جي ڪانڊاريل واٽن تي ڪجھ به چوڻ کانسواءِ منھنجي راھ تي نسوارٿ ڀاونا سان گُل پکيڙي ڇڏيا، اُن وقت مون کي سهارو ڏنو جڏھن مان ڪريس پئي۔ ھُن منھنجي زخمن تي ملم رکي، اھڙي ماڻهوءَ سان مان پنهنجي زندگي گذارڻ چاهيان ٿي۔
پرارٿنا جي خاموشيءَ ۾ ڪيترن ئي سوالن جا واضح جواب سامھون آيا، ھڪ اڻ ٽٽندڙ پٿر وانگر، پرارٿنا سوٽري ساڙھيءَ ۾ ويڙھيل، پنھنجي زندگيءَ جا پردا منھنجي اڳيان ظاهر ڪري رھي ھئي۔ جيئن ئي مون پنھنجون اَکيون ٿورو مٿي کيون ته پنھنجي اڳيان آنند کي بيٺي ڏٺو، آنند آڪاش جو دوست آھي، دوست ڇا وڏي ڀاءُ وانگر آھي۔ ھُن زندگيءَ جي ھن طويل سفر ۾ پرارٿنا کي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏيو ۽ نه ئي ڪڏهن ھُن کي اھو احساس ٿيڻ ڏنو ته هو پرارٿنا سان ڪيتري حد تائين محبت ڪندو آھي۔ پنھنجي خود غرضيءَ کي سامھون رکي، خواهش جا به ڪيترائي رنگ آھن، تن مان ھيءُ به هِڪ آھي. هاڻي پلّويءَ کي محسوس ٿيو ته ھُن جو پيار خود غرضيءَ جي پٿر تي بيهي ڪري مٿانھينءَ تان ھيٺ نھاري رھيو آھي۔ کيس پرارٿنا ۽ آنند جي بي انتها قرباني آڪاش جي بلندين کي ڇھندي نظر اچي رھي ھئي، هنن جي پيار اڳيان کيس سندس محبت ننڍڙي ڀاسي رھي ھئي۔ محبت هِڪ اهڙو ٻوٽو آھي جنهن کي ته عمر پاڻي ڏيڻو پوندو آھي۔ دل ۾ سانڍي رکڻو پوندو آھي، تڏھن ئي وقت اَچڻ تي هو هر ڪنھن کي پنھنجي رنگ ۾ رنڊي ڇڏيندو آھي۔ پاڻ ٻھڪندو آھي ته ٻين کي به ٻھڪائيندو آھي۔
پرارٿنا جي اِن اوچتي فيصلي آڪاش ۽ پلّويءَ جي دلين کي روشنيءَ سان ڀري ڇڏيو۔ آڪاش ته بس ڪنڌ جھڪائي پنھنجي دوست جي قربانيءَ جي انتها کي سڃاڻي اڳيان آيو ۽ پنھنجي ڀيڻ جي پيرن کي ڇھڻ لاءِ جھڪيو ته آنند جا قدم به پرارٿنا سان گڏ اڳتي وڌيا۔ ٻنھي ڄڻن کيس اُٿاري ڪري ڀاڪر ۾ ڀري ڇڏيو۔ پلّوي ڪجهه فاصلي تي بيٺي ھئي۔ ھُن به اڳتي قدم وڌائي پرارٿنا جي پيرن تي ھٿ رکيو۔ پرارٿنا کيس ڀاڪر ۾ ڀريو۔ پرارٿنا ۽ آنند کيس ھميشه سھاڳڻ رهڻ جي آسيس ڏني۔
پرارٿنا ۽ آنند جي ھن ميلاپ پلّويءَ ۽ آڪاش جي وچ جا سڀ فاصلا مٽائي ڇڏيا. ٻه پيار ڪندڙ دليون هِڪ ٿي ويون۔ پلّوي ۽ آڪاش کليل اڀ ڏانھن ڏسندا رهيا ۽ گلن جي خوشبوءِ، تارن جي ٽمٽار، چنڊ جي چمڪ ۽ ڪڪرن مان ٽمندڙ مينهن جي بوندن مان لطف وٺڻ لڳا۔ قدرت جي ھن بيمثال حسن ۾ ٻئي پوري طرح رڱجي ويا۔
ھن ملاقات جي خوشيءَ ۾ اھو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته ڪنھن جي محبت، قربانيءَ ۽ لاڳاپي جي جذبن جي ڪري شرڌا جا گُل ٽڙيا هُئا۔
***