خاص

دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ ڪهڙي ملڪ جو آهي

دنيا ۾ پاسپورٽ تي نظر رکندڙ اداري هينلي 2022 جي پاسپورٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي. عالمي اداري هينلي طرفان 112 ملڪن جي پاسپورٽ رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ جاپان هڪ ڀيرو ٻيهر دنيا جو طاقتور ترين پاسپورٽ هجڻ جو اعزاز پنهنجي نانءُ ڪيو آهي. جاپان سان گڏ سنگاپور پهرئين نمبر تي آهي، ٻنهي ملڪن جا پاسپورٽ رکندڙ ماڻهو دنيا جي 192 ماڳن تي بنا ويزا جي پهچي سگهن ٿا. لسٽ ۾ يوڪرين 34 هين نمبر تي آهي، جڏهن ته روس 117 اسڪور سان 49 هين نمبر تي آهي. لنڊن جو پاسپورٽ 187 جي ويزا فري اسڪور سان پنجين نمبر تي اچي ويو آهي. جڏهن ته آمريڪي پاسپورٽ 186 اسڪور سان ڇهين نمبر تي آهي. اهڙي ريت افغانستان سڀ کان هيٺ آهي، هتان جا شهري رڳو 26 ماڳن تي بنا ويزا وڃي سگهن ٿا. لسٽ ۾ پاڪستان 109 نمبر تي آهي، ڇو ته هتان جا شهري رڳو 31 ماڳن تي بنا ويزا وڃي سگهن ٿا، پاڪستان کان گهٽ رينڪنگ وارن ملڪن ۾ شام، عراق ۽ افغانستان شامل آهن.