خاص

Sangi Shabeer Kumbhar ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

ھمسري رسالو ھر لحاظ کان تعريف جوڳو آهي. ھيءُ رسالو ڇهن سالن کان پنهنجي معيار کي ڏينهون ڏينهن وڌائيندي ڪم ڪندو پيو اچي، پوءِ ڀلي ڇو نه حالتون ڪهڙيون به ھجن. ٻي سڀ کان بھترين ڳالهه آها آهي جو ھن رسالي ھميشه پنهنجن پڙھندڙن کي سٺو ۽ جاندار مواد ميسر ڪري ڏنو آهي ۽ اميد آهي ته اڳتي به اھو سلسلو جاري رھندو. جون مھيني ۾ ھمسري رسالي جي سالگره آهي سو ھتي آئون اها ڳالهه اعلانيه چوان ٿو ته جيڪر ھمسري رسالو نه ھجي ته آئون سانگي شبير ڪڏهن به ھڪ ليکڪ جي طور تي سڄي سنڌ ۾ نه سڃاتو وڃان ھا، اھو ته ھمسري رسالو آهي جنهن مون غريبڙي کي سڄي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڏني ان ۾ آئون بيحد ٿورائتو آھيان ھمسري رسالي جي ايڊيٽر جيجي زاھده ابڙو جو جنهن مون کي تخليقي ڪم لاءِ ھمٿايو. ھمسري جي سموري سٿ سٺي نموني سان ڪم ڪري رهي آهي، ھن وقت ھمسري رسالو پنهنجي منزل طرف تيزيءَ سان سفر ڪري رهيو آهي. ھمسري جي سڄي سٿ کي ھمسري جي سالگره جون کوڙ ساريون واڌايون ھجن.