چين فلائنگ ساسر تيار ڪري ورتي

چين پاران فلائنگ ساسر جي ڊزائين جهڙو هيلي ڪاپٽر تيار ڪيو ويو آهي. هن جهاز کي سپر گريٽ وائٽ ستاري جو نالو ڏنو ويو آهي. هن جهاز جي ڊيگهه 7 ميٽر ۽ ويڪر 2 ميٽر آهي. ان جي وچ ۾ ڪاڪ پٽ آهي جنهن ۾ ٻه پائليٽ ويهي سگهن ٿا. اهو جهاز سڌي ريت هوا ۾ اڏامي ۽ لهي سگهي ٿو. جڏهن ته اڳيان وڌڻ لاءِ هن ۾ ٻه ٽربوجيٽ لڳل آهن جنهن جي مدد سان اهو 650 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڏامي سگهي ٿو. هن قسم جي جهاز ۾ اسٽيلٽ ٽيڪنالاجي خطرناڪ ميزائيل به لڳايا ويا آهن.