بلاگنئون

سوشلزم کان خوفزده ڪير؟

ڪافي عرصي کان آمريڪي سامراج ۽ سندس اتحادي ملڪ ۽ ٻيا ٻانهن ٻيلي اسلامي ملڪ (جيڪي اڄ انهن ئي سامراجي ملڪن جي عذاب هيٺ آهن) خاص ڪري مسلم ملڪن کي پنهنجو هٿيار بڻائي سوشلزم جي خلاف زهر پکيڙيندا رهيا ته سوشلزم اينٽي اسلام آهي. جيڪڏهن دنيا ۾ سوشلزم پکڙجي وئي ته اسلام جو نانءُ و نشان نه رهندو. حقيقت ۾ انهن سامراجي ملڪن جو اسلام جي لاءِ ڪو هانءُ نٿي ڏريو بلڪه پاڻ انهن ملڪن کي پنهنجي ئي تباهي ۽ بربادي جو ڊپ هو ته جيڪڏهن دنيا ۾ هر هنڌ سوشلزم نافذ ٿي ويو ته انهن کي ڪو گاھ وجهڻ وارو به نه رهندو. اهو ئي سوچي ڪري هنن اسلامي ملن مولوين جو سهارو ورتو ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو ته اسان جا ملان مولوي سوشلزم جي خلاف ايترو ته اڳتي نڪري ويا ته پاڻ سامراجي ملڪ ڪونهين ڏور ويهي انهن جاهل ۽ بيوقوف ملان و مولوين جو تماشو ڏسندا رهيا، مگر افسوس ته ملان و مولوي سوشلزم جون پاڙون نه پٽي سگهيا، ليڪن اڄ ايڪيهين صدي ۾ جديد ترميم پسند نه صرف سوشلزم کي هڪطرفي رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، بلڪه برطرفي تي ور کنيون پيا آهن.

حقيقت ۾ سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ اهي دوست (جيڪي سوويت يونين جي انقلاب، سوشلزم ۽ ڪميونزم جي حق ۾ ميان مٺوءَ جيان ٽين ٽين ڪندي ٿڪبا ئي نه هئا. ايستائين جو اهي ننڊ ۾ سوشلزم جو نانءُ وٺندا هئا)، جيڪا سوويت يونين سان نظرياتي طور تي لاڳايل هئا. سي شديد مايوسي جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترين ئي سهولتن ۽ سوشلزم جي نظريي کان منهن موڙي ڪن مغربي ملڪن جي اڳيان گوڏا کوڙي انهن ملڪن جون اين جي اوز سنڀاليون ۽ ائين انقلابي تحريڪن جو تصور ئي چڪناچور ٿي ويو.

سوشلزم جي اصطلاح جي خلاف مغربي سامراجي طاقتن سدائين ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. اصطلاحن جي ور وڪڙن ۾ ڦاسائي ڪري باور ڪرايو وڃي ٿو ته سوشلزم مذهب جي خلاف آهي، ليڪن سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ سوشلزم جي ناڪامي جو دھل وڄايائون ۽ اسان جهڙا ترقي ڪندڙ ملڪ خاص طور تي سوشل ڊيمو ڪريسي جي سرپرستي جي هيٺ  مغربي ملڪن جون اين جي اوز هلائي رهيا آهن، انهن بي انتها سرمائيڪاري ڪري رکي آهي، ليڪن باوجود ان جي سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ پارٽيون عملي صورت ۾ جدوجهد ڪري رهيون آهن. مثال طور: اسان جن پاڙيسري ملڪن ڀارت، نيپال، سريلنڪا ۽ فلپائين جي سياسي عمل ۾ حصو پڻ وٺي رهيون آهن.

هڪ طرفو يا برطرف: ڪنهن به نظريي کي نه اڪيلو فرد هڪ طرفو يا برطرف ڪري سگهي ٿو نه ڪا پارٽي ان لاءِ ته ڪوبه نظريو عوام جي ملڪيت جو پوئلڳ هوندو آهي ۽ انهن تي دارومدار رکي ٿو ته اهي ان کي ڪيئن اپنائين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ نظرياتي سياست جي کوٽ يا وري فقدان جي سبب کان اهڙي اذيت کي ڄاڻي واڻي واڌ ڏني وئي ته جيئن ساٿي وڌيڪ مايوسي جو شڪار ٿين، بحيثيت کاٻي ڌر جي سڃاڻپ ڪهڙي رهجي وڃي ٿي، جيڪڏهن سوشلزم کي رد ڪن ٿا. ان ڪري ته سمورين مشهور سياسي پارٽين جي منشور ۾ بنيادي  مهانگائي، روزگار، تعليم ۽ علاج ۽ انصاف آهن.

اميرن جون نيون سياسي پارٽيون به انهن  جي حاصلات جي لاءِ عوام جي حمايت ڪن ٿيون. ڪارل مارڪس ۽ اينگلز جي ڪتاب فلسفي جي کوٽpoverty of philosophy ان موضوع تي بهترين ڪتاب آهي، ليڪن مطالعي جي زحمت ڪير ڪري ٿو خاص ڪري جڏهن انٽرنيٽ ۽ ٽڪ ٽاڪ جو زمانو هجي. منهنجي انهن ئي ماڻهن ۽ ساٿين کي گذارش آهي ته دنيا جي اندر جڏهن سوويت يونين جي قيادت ۾ سوشلزم پڄري رهيو هو ته ان وقت دنيا ۽ خاص طور تي مسلم ملڪن جون اهي حالتون نه هيون جيڪي اڄ اوهان ڏسي رهيا آهيون ڇو ته اڄ سامراجي ملڪن جي اڳيان سوويت يونين ناهي رهيو ۽ اهي سامراجي ملڪ اڪيلا ٿي ڪري واري واري سان هڪ هڪ ملڪ کي بيدردي سان  لتاڙي رهيا آهن ۽ نه ڄاڻ اڳتي ڇا ٿئي؟