بلاگنئون

رانديڪن سان راند ڪندڙ هٿن تي خوابن جو خون…!؟

اڄ جڏھن دنيا سائنس جي ڪرشمن سان ھر روز نوان ڪارناما سرانجام ڏئي رھي ۽ ناسا جھڙا ادارا وري چنڊ کان ويندي مريخ ۽ ٻين سيارن تي انساني حياتيات انسانن جي ڀلائي لاءِ ڏينھن رات محنت ڪري مختلف کوجنائون ڪري رھيا آھن. دنيا تعليم، ٽيڪنالاجي انساني ڀلائيءَ لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ايجادن پويان ايجادون ڪندي رھي ٿي جنھن جو ثبوت ۽ نمونو اسان جي ھٿن تائين تيز ترين رسائي موبائل فون ھڪ اھڙو نمونو آهي، جنھن جو شايد ئي اڄ جي سمورين ايجادن منجھان ڪو مثال ھجي وقت بوقت موبائيل فون جي اندر ھن وقت تائين انيڪ تبديليون ڪري وڌ کان وڌ انسان کي انيڪ آسائشون ڏئي اينڊرائيڊ سمارٽ فون فائيوءِ جي جھڙي تيز ترين انٽرنيٽ جھڙو نمونو ڏنو اٿائون، جنھن جي ھوندي انسان سيڪنڊن ۾ ڪٿان کان ڪٿي ڏسجي ۽ ٻڌجي سگھجي ٿو، پنھنجو ڪار وھنوار ڪميونيڪيشن ڪري ٿو، پنھنجي ڪار وھنوار کان ويندي پنھنجي ڪاروبار ۾ به تيزيءَ سان ترقي ڪري سگھي ٿو. ان اھڙي دور ۾ اسان جي معاشري جا ڪي اهڙا ڳوٺ، شهر ۽ پٺتي پيل علائقا اڃان تائين اهڙي ذهني اوندهه ۾ ڦاٿل آهن، جتي نياڻيءَ جي ڄمڻ سان ئي بار ۽ بدناميءَ جو داغ لڳي وڃي ٿو. اتي نياڻيون ننڍپڻ ۾ ئي پئسن، مال يا زمينن جي بدلي شاديءَ جي نالي ۾ کپائي ڇڏيون وڃن ٿيون. هي رڳو رسم نه، پر بربريت جو بدنما مثال آهي، جو وڏي خاموشيءَ سان بيدردي سان ننڍپڻ وڪامي ٿو، خواب دفن ٿين ٿا.

معصوم مرڪون کسيون وڃن ٿيون ۽ سڏڪا اڌما سندس ٻالڪ پڻ ۾ ان نياڻي جي راند روند ڪندڙ عمر ڏاج بڻجي وڃي ٿو جيڪو سندس تاحيات ڀوڳنائن عذابن ۾ گھارڻ تي مجبور ڪندو رھي ٿو، ڪجھه سال پھريان جو ھڪ مشھور واقعو آهي ٿرپارڪر جي هڪ غريب پيءُ، پنهنجي 12 ورهين جي ڌيءَ کي 50 هزار رپين عيوض 45 ورهين جي مرد سان شادي ڪرائي ڇڏي. نياڻيءَ جا رت ھاڻا ڳوڙها ۽ ٻولين سڏڪن ۾ ھڪ عجيب درد ھو التجا هئي، پر سماج انڌو هو. اهڙي بدترين صورتحال رڳو ٿر تائين محدود ناهي. ڪيترائي علائقا جهڙوڪ: ڪشمور، قمبر، دادو، نوشهروفيروز، رتوديرو، جيڪب آباد  ۽ ٻيا ڪيترائي شھر به اهڙين المناڪ ڪهاڻين سان ڀريا پيا آهن.

نياڻيون واپار جو سامان ته ناهن نياڻيون ته ھڪ پرين جھڙي پياري مخلوق آھن. ھن جي چوٻول سان ته کنڊر ۽ قبرستان جهڙا گهر روشن ڪرڻ جي سگھه ھجي ٿي ھو پنھنجي نرتڪائي وجود سان معصوم وجود سان جنھن ۾ رب پاڪ ممتا جھڙي مٺاس ڀيڻ جھڙي شفقت ٻاجھاري ۽ زال جھڙي زندگي ۾ ڏک سک جي ساٿيءَ جي روپ ۾ ته وري اولاد جي روپ ۾ ته ھن جو عڪس ڏسڻ وٽان ٿئي ٿو، پر ڪاش ھن کي پسڻ جي اک به الله پاڪ سڀ کي ڏئي. نياڻيءَ جو احترام اسان تي واجب آهي، ھوءَ جنھن به رشتي ۾ اڳيان ھجي شال اسان ان سان اھو رشتو خوب نڀائي سگھون. هوءَ ته هميشه کان روز اول کان اسان سان نڀائي رھي آهي، ھن جون مرڪون ڪائنات کي روشن ڪري رھيون آھن، جڏهن نياڻيون گھر ۾ اچن ٿيون ته بي رونق گھر کي رونق ارپين ٿيون، پر افسوس جو اسان وٽ ھنن کي صرف پنھنجي مفاد جو سامان ئي سمجھيو وڃي ٿو نه ھنن جي پرورش تي ڪو ڌيان، نه ھنن جي تعليم تربيت جو ڪو فڪر، بس مفاد جلد وڏي ٿئي ته پٽ جو عيوضو ڪري يا ٽڪن پئسن تي کپائي، فلاڻي سان رشتو ڪري، فلاڻي ھنڌ ھتان ڀلو ڏاج ملندو، فلاڻو امير آهي ڪجھه نه ڪجھه بعد ۾ به فائدو ٿيندو رھندو، ڇا ته سوچون آھن انھن ئي سوچن ۾ نياڻي جي ننڍپڻ کان ويندي جواني گھاري ڇڏيون ٿا، تان جو ھوءَ پرائي پٽ پويان لڳائي ڇڏيون ٿا، ھن جو ٻالڪپڻ کپائي مرڪون مھڪون کپائي اسان وري به مبارڪون قبول ڪري آيل ويلن سان ھٿ ملائي مبارڪ تي خير مبارڪ چئون ٿا. “ڪاش ڪو انھن ريتن رسمن کي ٽوڙي مروڙي انھن جي اصلاح ڪري نياڻين جي جسماني ۽ نفسياتي تباهيءَ کان انھن معصوم نياڻن کي بچائي ڪو انڌاري ۾ سندن لاءِ ڪي انڌاري ۾ روشني جا دروازا کولي ڪا راھ روشن ڪري ڪا لاٽ ٻاري .

 بلوچستان جي ڪوئيٽا ضلعي ۾ 2023ع دوران 87 اهڙا ڪيس رپورٽ ٿيا جتي نياڻين کي پئسي يا تڪرار حل ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. ڏکڻ پنجاب ۾ 2022ع ۾ 125 ڪيس داخل ٿيا، پر صرف 5 ڏوهارين تي فردِ جرم لڳائي وئي. قانون موجود آهن، پر انصاف غائب ۽ انتظاميا گھري ننڊ ۾ ستل. سنڌ حڪومت 2013ع ۾ “Sindh Child Marriage Restraint Act” منظور ڪيو، جنهن موجب 18 سال کان گهٽ عمر جي نياڻي سان شادي ڏوهه آهي، پر سوال اهو آهي ته ان تي عمل ڪير ڪرائيندو؟ ڇا پوليس؟ جيڪا بااثرن جي جهوليءَ ۾ ويٺي آهي؟ ڇا ضلعي انتظاميه؟ جيڪا سياسي اثرن سبب خاموش آهي؟ ڇا سماجي ادارا؟ جيڪي فقط رپورٽون لکن ٿا؟ 2022ع ۾ سنڌ ۾ 119 چائلڊ ميريج جا ڪيس رپورٽ ٿيا، جن مان رڳو 12 ڪيسن ۾ چالان پيش ٿيا ۽ سزا صرف 2 ڏوهارين کي ٿي. باقي؟ فائيل بند، ڪيس بند، نياڻيون بند! نفسياتي تباهي، ٽٽل نياڻيون، ويران زندگيون.

لاڙڪاڻي مان هڪ 13 ورهين جي نياڻيءَ جو قصو سامهون آيو، جيڪا زبردستيءَ سان 35 ورهين جي مرد سان شادي بعد نفسياتي بيماري ۾ ورتل آهي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر جي شادي نياڻين ۾ “ڊپريشن، خودڪشيءَ جي سوچ، سماجي دوري ۽ ذاتي بيچيني” جهڙا نتيجا پيدا ڪري ٿيPakistan Journal of Psychological Research مطابق 2021ع ۾ شاديءَ بعد نفسياتي بيمارين ۾ مبتلا ٿيندڙ 67 سيڪڙو ڪيسن ۾ عمر 16 سال کان گهٽ هئي. مذهب جو اصل پيغام ڇا آهي؟ اسلام واضح ٿو ڪري ته نڪاح ۾ ڇوڪريءَ جي رضا ضروري آهي. حديث شريف ۾ آهي: “ڪنھن به ڪنوار جي شادي ان جي مرضي کانسواءِ جائز ناهي.” (صحيح مسلم، حديث نمبر 1419). مفتين، عالمن ۽ امامن جي ذميواري آهي ته هو معاشري ۾ ان اهم پيغام کي عام ڪن ۽ انهن غلط رواجن جي مذمت ڪن، جيڪي مذهب جي نالي ۾ ظلم ڪن ٿا انھن جي ذميواري آھي  هاڻ خاموشي ٽوڙين ته جيئن وقت سان نسل بچي سگھن ھنن جي خاموشي موت برابر آهي ھاڻ حڪومت کان ويندي سياسي سماجي ادارن توڻي ھر باشعور فرد کي اسڪولن، مدرسن ۽ ڳوٺن ۾ سيمينارن، ڊرامن ۽ ريڊيو پروگرامن ذريعي والدين ۽ نوجوانن کي آگاھي ڏني وڃي ته ھي ننڍي عمر جون شاديون سندن لاءِ ڪيترو نقصانڪار آھي ان بابت عورتن توڙي جو مردن کي تعليم ڏني وڃي ان ۾ ميڊيا کي به پنھنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي، اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا تي نياڻين جي حمايت ۾ مهمون هلايون وڃن.

ٺاھيل قانون تي عمل ڪرايو وڃي ان ۾ پوليس، عدالت ۽ سول سوسائٽي کي گڏجي فوري قدم کڻڻ گهرجن. ٻئي پاسي مذهبي اڳواڻ خطبن ۾ نياڻين جي حقن بابت تبليغ ڪن. نياڻين لاءِ پناهگاهون، قانوني مدد ۽ نفسياتي ڪائونسلنگ فراهم ڪئي وڃي. ھاڻي اسان کي جي بھتر نسل گهرجي ته پوءِ ھنن معصوم ھٿن ۾ راند روند جي عمر ۾ ٿيندڙ شادين کي روڪڻو پوندو جي هاڻي به ان طرف ڌيان نه ڏنو ويو ته ايندڙ وقت ۾  سڀ وڃائي ويهنداسين. اھو صرف ننڍي عمر جي شاديءَ جي نالي ۾ نياڻين کي وڪڻڻ، صرف قانون جي ڀڃڪڙي نه، پر انسانيت جي تذليل آهي. انتظاميا جي خاموشي، پوليس جي بيحسي ۽ سماج جي غفلت سان روزانو ڪا نياڻي تباھ ٿي رهي آهي. اچو ته هاڻ خاموشيءَ جو حصو نه بڻجي، پر آواز بڻجي قلم کڻجي، احتجاج ڪريون ۽ اهڙو سماج جوڙيون، جتي نياڻين کي جيئڻ جو حق، عزت، تعليم ۽ مرضيءَ سان فيصلا ڪرڻ جو حق حاصل هجي.