بلاگنئون

پاڻيءَ جي ورڇ ۾ سنڌ جو ننڍو آبادگار پنهنجن حقن کان محروم

سنڌ، جيڪا دريائن جي ڌرتي سڏجي ٿي، اڄ پاڻي جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ تڙپي رهي آهي. اهو پاڻي، جيڪو زندگيءَ جي علامت آهي، جيڪو انهن واهن ۽ شاخن مان وهندو هو، جن سان سنڌ جي ڇاتي تي ساوڪ جي چادر پکيڙي ڇڏيندو هو. اڄ ان پاڻيءَ تي مخصوص طبقي جي هڪ هٽي آهي. پاڻي ته جياپو آهي، پر جڏهن اهو به سياسي طاقت، زميني قبضي ۽ جاگيرداري ذهنيت جي هٿن ۾ اچي وڃي ته پوءِ ان مان زندگيءَ بدران ويراني جنم وٺي ٿي. ننڍڙا آبادگار، جيڪي ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجن ٻچن لاءِ مانيءَ جو ڳڀو مهيا ڪن ٿا، انهن لاءِ واهن جو پاڻي ڪنهن خواب کان گهٽ ناهي رهيو. اهي بيوس ماڻهو جيڪي هر فصل جي آس تي سج سان ساڄو ٿين ٿا، انهن جي حصي ۾ رڳو آس، انتظار ۽ مايوسي ايندي آهي. جڏهن ته وڏيرا، رئيس ۽ اقتدار ڌڻي، جيڪي واهن تي قابض آهن، سندن زمينون سدائين تارن وانگر چمڪندڙ، سئو سيڪڙو آباد، فصلن سان لبريز ۽ مال دولت سان مالا مال آهن. يقينن ننڍو آبادگار اهڙن وڏن آبادگارن جو برو نٿو چاهي، انهن جون زمينون به سنڌ جي زمينن ۽ معيشت جو حصو آهن، پر وڏو آبادگار ننڍي آبادگار جي خير خواهي ڪڏهن ڪندو؟ اهو هڪ سوال آهي.

هڪ طرف اهي سرڪاري خزاني کي لٽين ٿا، ٺيڪيداري نظام، سبسڊي، ايريا ڊولپمينٽ فنڊ ۽ ترقياتي اسڪيمن جي نالي تي. ٻئي طرف انهن بيوس ۽ لاچارن جو پاڻي، زمين ۽ روزگار به غضب ڪري ٿا ڇڏين. قانون سندن در تي غلام ۽ انصاف سندن درٻار جو خادم بڻجي ويو آهي.

عام سنڌي ماڻهو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ سان عشق ڪري ٿو، جنهن هن مٽيءَ ۾ جنم ورتو، ان ۾ ئي دفن ٿيندو، اڄ سورن ۽ ساهتن واري زندگيءَ کي تقدير سمجهي ورتو آهي. اسپتالون سندن لاءِ بند آهن، اسڪول ويران، روڊ ٽٽل ۽ ادارا بدعنوان. سرڪاري سهولتون رڳو انهن کي ملن ٿيون، جيڪي اڳي ئي خزاني جا مالڪ آهن. ڄڻ ته حڪومتي اصول هجي، “جيئن جيئن تون امير آهين، تيئن تيئن توکي وڌيڪ ملندو.”

اسين، عام ماڻهو، هر مهيني ٽيڪس ڀريون ٿا بجلي تي، گئس تي، روزمره جي شين تي، ساهه وٺڻ تي به ڪا في مقرر ٿيل آهي، پر ان جي عيوض اسان کي ڇا ٿو ملي؟ بک، بيروزگاري ۽ بيماريون! ته پوءِ ڇا هيءَ رياست، هيءَ حڪومت، هي ادارا رڳو مخصوص ماڻهن لاءِ آهن؟ ڇا اسان جو وجود صرف ووٽ جي ڏينهن تائين اهم آهي؟ ڇا اسان جو درد، اسان جي بک، اسان جا زخم، ڪڏهن ڪنهن ايجنڊا جو حصو بڻجندا؟

اها ساڳي سنڌ، جيڪا شاهه لطيف جي ڌرتي آهي، جيڪا ڏات، سچائي، ڀائيچاري ۽ محبت جو درس ڏيندڙ آهي، اڄ ظلمي هٿن ۾ يرغمال آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته دل چوي ٿي ته جيڪڏهن شاهه، سچل، سامي يا روهيلا ڪو وقت جي سنڌ کي ڏسن ها ته سندن دل به روئي پوي ها.

سنڌ کي هاڻ ڪنهن ترقياتي پيڪيج جي نه، ڪنهن ٺيڪي، ڪنهن اعلاناتي جلسي جي نه، بلڪه هڪ سچي، سجاڳ ۽ باوقار انقلاب جي ضرورت آهي. اهڙي انقلاب جي، جيڪو شعور مان جنم وٺي، جيڪو جاگيرداري، بدعنواني، پاڻيءَ جي لُٽ، مار سرڪاري ناانصافي ۽ استحصال خلاف هڪ عوامي بغاوت بڻجي. اهڙو انقلاب، جيڪو لطيف جي سچ، سچل جي بهادري ۽ پنهل جي وفا جيان اجرو، سونو ۽ دلپسند هجي.

اچو ته قلم، شعور ۽ ڳالهه سان ان راهه جو آغاز ڪريون. پاڻيءَ لاءِ، پيار لاءِ ۽ پيڙائن کان پاڪ سنڌ لاءِ، جيڪا نه رڳو جياپو ڏئي، پر عزت ڀريو جيئڻ جو حق به !!

ماڊولن جا چٿريل چهرا: واٽرن جا ماڊول، جيڪي اصل ۾ سرڪاري ڊزائين موجب هر زميندار کي برابر پاڻي پهچائڻ لاءِ ٺهيل هئا، اڄ انهن جا چهرا بگڙيل، ٽٽل ۽ غير قانوني هٿن جي هٿ چراند هيٺ آهن. هر واٽر تي، هر ماڊول تي، ڪو نه ڪو وڏيرو، پٺيءَ تي وڏو جهنڊو هڻي بيٺو آهي. اهي ماڊول، جيڪي سنڌ جي عام آبادگار جي حق جو تحفظ ٿيڻ گهرجن ها، اڄ انهن جي منهن تي غير قانوني لفٽ مشينون لڳائي، ننڍن آبادگارن جي حصي جو پاڻي زوري کڻي جاگيرن کي سئو سيڪڙو آباد ڪيو وڃي ٿو. اهو سڌو ظلم آهي، اهڙو ظلم، جيڪو تلوار سان نه، پر نظام جي نيم مرده وجود سان ڪيو وڃي ٿو. وڏيرا، جيڪي واهن جي منڍ تي ويٺل آهن، اهي نه فقط پنهنجن ماڊولن کي غير قانوني طور وڌائي رهيا آهن، پر پنهنجي مرضيءَ سان پاڻيءَ جي وهڪرن کي موڙي رهيا آهن. کين نه قانون جو خوف، نه احتساب جو انديشو. ڇو ته قانون انهن جي هٿ ۾، ۽ اختيار سندن ڪلهي تي بندوق وانگر ٽنگيل آهي. افسوس ان تي به آهي ته ننڍن آبادگارن لاءِ جيڪي ٿوري گهڻي پاڻي جي لپ ملي ٿي، تنهن تي به سرڪاري ڪامورن جي مداخلت زهر وانگر آهي. انهن جا واٽر ڪورس روز بند ڪيا وڃن ٿا، ماڊولن جي نالن تي ڌڪا ڏئي بندش وڌي وڃي ٿي، ۽ پوءِ رشوت جي شڪل ۾ انهن واٽرن کي کولي ڏنو وڃي ٿو. جنهن وٽ پئسو آهي، ان کي پاڻي آهي، جنهن وٽ نه آهي، ان جا فصل سڪي وڃن ٿا، ٻچڙا بک ۾ سمهڻ تي مجبور ٿين ٿا، ۽ قرض سندن ڪلهن تي جبل وانگر بيهي ٿو.

رشوت نه ڏيندڙ آبادگار جو واٽر ڪورس بند ڪيو وڃي ٿو. هي جملو هاڻ ڪنهن رپورٽ جو حصو ناهي، پر زندگيءَ جي روز جو تماشو بڻجي ويو آهي. اها هڪ خاموش مار آهي، جنهن تي نه ميڊيا ڳالهائي ٿي، نه اسيمبليون، نه ئي اهي ادارا جيڪي پاڻ کي “ماڻهن جو خدمتگار” سڏائين ٿا. اصل ۾ اهي سڀ فقط طاقت جي پوڄا ڪن ٿا.

جيڪو ماڻهو پنهنجي زمين کي پاڻي ڏيڻ جي آس ۾ صبح کان شام تائين واٽرن جي ريڊار تي ويٺو رهي ۽ ڪاموري جي مهربانيءَ لاءِ ڏسندو رهي، ان جو زخم ڪنهن ڪاغذ تي لکڻ سان ڀرجڻ وارو ناهي. ائين ٿو لڳي ڄڻ سندس محنت، سندس زمين، سندس حق  سڀ ڪنهن ٻيءَ ڌرتيءَ تي آهي، جتي هو پاڻ ئي اوڌر آهي.

هاڻ وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ آواز اٿارجي، ماڊولن جي ماپي لاءِ، قانون جي بحالي لاءِ، ۽ ان ناانصافي خلاف، جيڪا واٽرن جي منهن تي مٽيءَ جي صورت ۾ لڳي وئي آهي. صرف سياسي نعرا، تقريرون، ۽ ميڙ هاڻي ڪافي نه آهن. پاڻي لاءِ حقيقي عوامي تحريڪ جي ضرورت آهي، جنهن جو بنياد انصاف، برابري ۽ سماجي حقن تي هجي. اهو پاڻي جنهن شاهه لطيف جي سنڌ کي زنده رکيو، اڄ ڪنهن خاص طبقي جي جاگير بڻجي ويو آهي. اها ڌرتي، جيڪا هر دل کي وسائي ٿي، ان جا ٻچڙا اڄ پنهنجي حصي جي پاڻيءَ لاءِ واجهائيندڙ آهن. انهن واٽرن جي منهن تان زنجيرون لاٿيون وڃن ۽ پاڻي کي وري “زندگي” بڻايو وڃي. سڀني لاءِ، هر ننڍي وڏي آبادگار لاءِ، بنا فرق جي هڪ جهڙو هئڻ گهرجي.