ماڪڙ تي ضابطي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو وڃي: مراد علي شاهه

اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ماڪڙ بابت ڪوٺايل اجلاس ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه وڊيو لنڪ ذريعي گهر ڪئي آهي ته ماڪڙ تي ضابطي لاءِ نيشنل ايڪشن پلان ٺاهيو وڃي. اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير، زراعت کاتي جي وزير اسماعيل راهو ۽ ٻين آفيسرن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ 69 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا آهن، پر صورتحال اهڙي سنگين آهي جو نيشنل ايڪشن پلان جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٿر ۽ نارا جي ريگستان ۾ ماڪڙ جي واڌ ويجهه جي موسم جولاءِ کان ڊسمبر 2020 تائين آهي. هن ٻڌايو ته ماڪڙ جا حملا 31 مئي 2019ع تي نارا ريگستان ۾ رپورٽ ٿيا هئا. سنڌ حڪومت زراعت کاتي کي گاڏيون، اسپري مشينون، ڪيڙا مار دوائون ۽ پيٽرول لاءِ 33 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا، هيستائين 20 ڪروڙ استعمال ٿي چڪا آهن، پنجن ضلعن گهوٽڪي، سانگهڙ، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ ۽ خيرپور جي ڊپٽي ڪمشنرن کي پڻ هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪيا ويا. وزيراعظم چيو ته هي قومي هنگامي صورتحال آهي ۽ ماڪڙ تي ضابطو آڻڻ لاءِ وفاقي حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪندي. وڏي وزير وزيراعظم کي اها پڻ درخواست ڪئي ته هو هوائي جهاز جي اسپري لاءِ چين يا گڏيل عرب امارتن مان هوائي جهاز ڀاڙي تي وصول ڪري، جنهن تي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو
