ايڊيٽوريلنئون

پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌي ويا

            اسٽيٽ بينڪ جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 25 اپريل تي ختم ٿيڻ واري هفتي دوران 90 لک ڊالر جي اضافي سان 10 ارب 21 ڪروڙ 40 لک ڊالر ٿي ويا. هڪ مقامي اخبار ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽ مطابق 9 مئي تي عالمي مالياتي فنڊ(IMF) جي ايگزيڪيٽو بورڊ جي اجلاس کانپوءِ مرڪزي بينڪ کي 1 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جي ٻي قسط جو انتظار آهي. اسٽيٽ بينڪ مطابق ملڪ ۾ جنگ جهڙي صورتحال جي باوجود ڊالر جي قيمت معمول تي رهي. ڊالر 9 پئسا اضافي سان 281.06 رپين جو ٿي ويو، جيڪو 30 اپريل تي 280.97 رپيا هو. ملڪ جي مجموعي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15.251 ارب ڊالر آهن، جن مان 5.037 ارب ڊالر ڪمرشل بينڪن وٽ آهن. واضح رهي ته مارچ جي مهيني ۾ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي پرڏيهي ذخيرن ۾ 40 لک ڊالرن جو اضافو ٿيو هو.

مرڪزي بينڪ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسٽيٽ بينڪ وٽ موجود پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 22 مارچ تي ختم ٿيڻ واري هفتي دوران 40 لک ڊالر وڌي 8.021 ارب ڊالر تائين پهچي ويا هئا. پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافي جا ڪيترائي سبب آهن، جن ۾ خاص طور تي پاڪستان جا اهي ماڻهو جيڪي پرڏيهه ۾ رهن ٿا. جن کي اوورسيز پاڪستاني ورڪر چيو وڃي ٿو. انهن جو اماڻيل پئسو جيڪي هو وقت به وقت پنهنجي خاندانن کي پاڪستان ڏانهن موڪلين ٿا، ان سان پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي ۾ اضافو نظر اچي رهيو آهي. ان کان علاوه هڪ سبب اهو به آهي ته ڊالر جو انٽر بينڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ريٽ جو گيپ تمام گهٽ رهجي ويو آهي. جنهن سان عام مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت مستحڪم نظر اچي ٿي ۽ ماڻهن جو پاڪستاني رپئي تي ڀروسو وڌيو آهي ۽ اهي هن وقت پاڪستاني رپئي کي ڊالر ۾ تبديل ڪرائڻ جي گهڻي ڪوشش نه ٿا ڪن. اهو ئي سبب آهي جو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پنهنجي مائٽن کي پنهنجون اجرتون اماڻين ٿا. ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس 2025 جي ڊيٽا گذريل سال کان فيبروري 2025 تائين ڏيکاري ٿي ته پاڪستان جو پرڏيهي ناڻو هينئر سرپلس ۾ نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته اسان ان کي جيڪڏهن ماهوار بنيادن تي ڏسون ته ان ۾ هيٺاهين مٿانهين نظر اچي سگهي ٿي، پر هڪ مستقل سرپلس صورتحال پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي مضبوط ڪيو آهي، جنهن سان پاڪستان جي اندر معاشي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي ۽ سيڙپڪارن جو پنهنجي ناڻي تي ڀروسو وڌيو آهي.

            اها ڳالهه به اهم آهي ته اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان هفتيوار تبديلين جي باري ۾ ڪو اعلان ناهي ڪندي. جڏهن ته 2025 مارچ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي موڪليل اجرتن ۾ واڌاري جو اظهار ڪافي جاين تي نظر آيو. جنهن جو اثر هن مهيني ۾ موڪليل اجرتن تي به نظر اچي ٿو. هن وقت جيڪي مزدور ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻاهرين ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي پنهنجي ملڪي صورتحال تي ۽ پنهنجي ملڪي معاشي پاليسين تي ڀروسو نظر اچي ٿو ۽ هو پنهنجا پئسا پاڪستان ڏانهن موڪلي نه صرف پنهنجن پيارن ۽ خاندان وارن جي پٺڀرائي ۽ مدد ڪري رهيا آهن، پر هو پنهنجي ملڪ جي به معاشي سپورٽ ڪري رهيا آهن، جنهن سان يقينن ملڪ جي معاشي صورتحال مستحڪم ٿيندي نظر اچي رهي آهي.