مومل جي ماڙي مان نوان نوادرات هٿ
گهوٽڪي لڳ مومل جي ماڙي واري هنڌ ڇهه ڏينهن جي کوٽائي کانپوءِ نوان نوادرات مليا آهن جنهن ۾ ڏيئا، مٽيءَ جا رانديڪا ۽ ڪجهه ٻيا سامان مليا آهن. کوٽائي جي ڪم جي سربراهه ڊاڪٽر ناهيد چيو ته کوٽائي جو ڪم 6 مارچ کان شروع ڪيو ويو آهي. ان کوٽائي ۾ ڪچين ۽ پڪين سرن جون ڀتيون به مليون آهن. هن چيو ته کوٽائي جو ڪم اڃان ٻه هفتا جاري رهندو، پر هن وقت اهو نٿو چئي سگهجي ته انهن شين جي اصل عمر ڪيتري آهي. ان کان علاوه اهو به ڏسڻو آهي ته اها ماڙي ڪهڙي دور سان تعلق رکي ٿي. هن چيو ته هن کوٽائي ۾ اداري جي 5 ماهرن جي ٽيم لوڪل مزدورن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. ياد رهي ته هن کوٽائي جي ڪم جي گهوٽڪي جي علائقي سان تعلق رکندڙ شاعرن، اديبن ۽ تاريخ سان چاهه رکندڙن پاران ساراهه ڪئي وئي آهي.