ايڊيٽوريلنئون

بنگلاديش ۾ ڪرنسي نوٽن تان مجيب الرحمان جي تصوير هٽائڻ جو سلسلو شروع

            بنگلاديش جي عبوري حڪومت آچر جي ڏينهن نوان ڪرنسي نوٽ جاري ڪيا آهن، جن ۾ ملڪ جي باني صدر شيخ مجيب الرحمان جي تصوير کي هٽايو ويو آهي، جيڪو معزول وزيراعظم شيخ حسينه واجد جو پيءُ هو. شيخ حسينه تي الزام آهي ته هوءَ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي سازش ۾ ملوث هئي ۽ مٿس مقدمو به شروع ڪيو ويو آهي.

            خبرون ڏيندڙ اداري اي ايف پي جي رپورٽ مطابق جنوري 2024 ۾ ملڪ کان فرار ٿيڻ بعد ڏکڻ ايشيا جي لڳ ڀڳ 17 ڪروڙ آباديءَ واري ملڪ جو انتظام عبوري حڪومت وٽ آهي، جيڪا هن غير يقيني واري صورتحال ۾ ڪرنسيءَ ۾ تبديليون متعارف ڪرائي رهي آهي. 77 سالا شيخ حسينه واجد کي آگسٽ 2024ع ۾ نوجوان شاگردن جي قيادت ۾ ٿيڻ واري عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ اقتدار تان هٽايو ويو ۽ نتيجي طور کيس ڀارت فرار ٿيڻو پيو. بنگلاديش بينڪ جي ترجمان عارف حسين خان چيو آهي ته نئين سيريل ۽ ڊزائينن تحت ڪرنسي نوٽن تي ڪنهن انساني چهري جي تصوير شامل نه هوندي، بلڪه ان تي قدرتي منظر، روايتي تاريخي جڳهيون ۽ ثقافتي شيون ڏيکاريون وينديون.

            هيستائين جيڪي به نوٽ آهن انهن تي شيخ مجيب الرحمان جي تصوير ڇاپيل هئي، جنهن 1971ع ۾ پاڪستان کان آزادي حاصل ڪئي ۽ 1975ع ۾ هڪ فوجي بغاوت ۾ قتل ڪيو ويو. مسلم گهڻائيءَ واري شناخت رکندڙ هن ملڪ جي ڪرنسي نوٽن جي ڊزائين ۾ هندو ۽ ٻڌ ڌرم جا مندر، تاريخي محل، مشهور مصور زين العابدين جا بنگال جي ڏڪار واري صورتحال تي ٺهيل فن پارن مان قومي شهيدن جون يادگار تصويرون شامل ڪيون ويون آهن. آچر جي ڏينهن نون نوٽن مان ٽن ماليتن جا نوٽ جاري ڪيا ويا آهن. عارف حسين ٻڌايو ته نوان نوٽ مرڪزي بينڪ جي هيڊڪوارٽر مان جاري ڪيا ويا آهن ۽ پوءِ بنگلاديش جي سڀني دفترن ۾ دستياب هوندا. سندس چوڻ مطابق باقي بچيل نوٽ به مرحليوار جاري ڪيا ويندا.

            موجوده نوٽ ۽ سڪا بدستور قانوني حيثيت رکن ٿا. اهو پهريون ڀيرو ناهي جو بنگلاديش ۾ ڪرنسي نوٽن جا ڊزائين سياسي تبديلين جي عڪاسي ڪري رهيا آهن. 1972ع ۾ ابتدائي نوٽن تي ملڪ جو نقشو موجود هو، جنهن کي پوءِ عوامي ليگ جي دور ۾ شيخ مجيب جي تصوير سان تبديل ڪيو ويو. جڏهن مخالف جماعت بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (BNP) اقتدار ۾ آئي ته ڪرنسي نوٽن تي تاريخي ماڳن جو تصويرون شايع ڪيون ويون.

            ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي ٽٽڻ سان خطي ۾ وڏيون منفي تبديليون رونما ٿيون، پر بنگلاديش جي جنم وٺڻ کانپوءِ هن ملڪ جي بنياد رکندڙ شخصيت مجيب الرحمان جي خلاف ڪجهه ماڻهن جي دلين ۾ جيڪا نفرت موجود هئي، ان سندس جان ته وٺي ڇڏي، پر حسينه واجد جي حڪومت کي به هلڻ نه ڏنو. اها هڪ سنجيده صورتحال آهي. ڳالهيون شايد هن عبوري حڪومت کانپوءِ ٻي ڪنهن حڪومت جي تبديل ٿيڻ يا اچڻ سان ايترو جلدي ٺيڪ نه ٿين. هن وقت بنگلاديش جي ڪرنسي نوٽن جي تبديليءَ جو اثر پڻ سياسي، سماجي ۽ معاشي طور تي بنگال جي ماڻهن ۽ حالتن تي ضرور پوندو. ڏٺو وڃي ته ڪرنسي نوٽ بنگلاديش جي ماڻهن کي سندن ماضيءَ سان ڳنڍيو ٿي ۽ مجيب الرحمان جي تصوير کي نوٽن تان هٽائڻ يقينن ڪيترن ئي بنگلاديش جي ماڻهن جي سياسي وابستگيءَ کي ذهني ڌڪ هڻندو ۽ سڄي بنگال جي آباديءَ کي پنهنجي ماضيءَ کان ٽوڙي ڌار ڪري بيهاريندو.

            شيخ مجيب الرحمان جي تصوير “بينگا بانڌو” جنهن جو مطلب آهي بنگال جو دوست، جنهن 1970ع ۾ عام چونڊن ۾ اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، پر اقتدار نه ملڻ جي ڪري عوامي ليگ اولهه پاڪستان کان ڌار ٿيڻ جي تحريڪ هلائي. 26 مارچ 1971ع ۾ هن بنگلاديش کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو.  مجيب الرحمان بنگلاديش کي پاڪستان کان ڌار ڪري سٺو ڪيو يا هڪ تاريخي غلطي ڪئي، پر بنگلاديش جي ماڻهن جي لاءِ هن آزادي حاصل ڪئي ۽ هڪ تاريخ جوڙي. اهڙي شخصيت جو پورٽريٽ نوٽن تان هٽائڻ يقينن هڪ ٻي تاريخ جوڙي رهيو آهي. شايد عبوري حڪومت کي پنهنجي قانوني حيثيت کي مڃرائڻ جي لاءِ ان قسم جي ايجنڊا تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پئجي وئي آهي ته جيئن هو پنهنجي رهيل ايجنڊا تي تيزيءَ سان عمل ڪري سگهي، پر ان عمل سان بنگلاديش جو عوام يقينن تمام گهڻي اڪثريت سان ٻين حصن ۾ ورهائجي ويندو ۽ شيخ مجيب الرحمان جي پارٽيءَ جا پوئلڳ هن کي شيخ مجيب الرحمان جي بيعزتي سمجهي ممڪن آهي ته نه وساري سگهن.

            حڪومتن کي برداشت کان ڪم وٺڻ گهرجي، شيخ حسينه جي ناپسنديدگي عوام جي هڪ طبقي جي جدوجهد جي ڪري سندس حڪومت جي خاتمي تائين وڃي پهتي ۽ هن کي سياسي طور تي اقتدار کان الڳ ڪري هڪ عبوري حڪومت وجود ۾ آئي، پر ڇا شيخ حسينه واجد ۽ سندس والد جو ڪردار هڪٻئي سان ڳنڍيل آهي يا شيخ مجيب الرحمان جي ڪيل جدوجهد ۽ بنگلاديش کي ڏنل آزادي واري تاريخ کان کيس ڌار ڪري سگهجي ٿو؟ اهو هڪ سوال آهي جنهن جو جواب شايد هن وقت نه ملي سگهي، پر ايندڙ وقت ۾ ڪٿي نه ڪٿي تاريخ ۾ ضرور ملي ويندو. مجيب الرحمان جي تصوير کي ڪرنسي نوٽن تان هٽائڻ سان يقينن بنگلاديش جي نوٽن جي قدر ۾ ڪابه تبديلي يا گهٽ وڌائي نه ايندي. انهن نوٽن جي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ جيڪو قدر آهي سو ساڳيو ئي رهندو، پر سندن ملڪ جي اندر ڪهڙو نفسياتي بحران پيدا ٿئي ٿو ان جي باري ۾ يقين سان ڪجهه نٿو چئي سگهجي.