ايڊيٽوريل

ڪمزور قانون، ڪمزور انصاف، ڪمزور رياست جو طاقتور جرڳائي نظام

انساني تاريخ ۾ صرف طاقت ئي اهم رهي آهي ۽ فيصلا صرف طاقت جي زور ۽ طاقتور جي فائدي ۾ ٿيندا رهيا آهن. طاقتور ڪمزور کي هر طرح سان هيسائيندو رهيو آهي. طاقت جو اظهار جنگين جي ذريعي ٿيندو رهيو آهي. قبيلائي جنگيون هجن يا راجا ۽ بادشاهن جون جنگيون، لشڪر صرف طاقت جو استعمال ڪندي علائقن ۽ بادشاهتن تي قبضو ڪندا رهيا آهن. ڪيترو انساني خون وهيو آهي تصور به نٿو ڪري سگهجي. اهو سلسلو ختم نه ٿيو آهي، صرف روپ مٽائيندو رهيو آهي. هن وقت به اسان ڏسون ته غزا جي ماڻهن سان جهڙي بربريت جو مظاهرو اسرائيل ڪيو آهي اهو به تاريخ جو الميو آهي. پوري دنيا ۾ قانون هوندي به قانون ڪمزور آهي.
جيتوڻيڪ هن وقت جي ترقي واري دور ۾ بهتر کان بهتر قانون ۽ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ انصاف جا رستا موجود آهن، پر اسان کي اڄ به اهو اصول نظر اچي پيو ته جيڪو طاقتور آهي انهيءَ کي هن وقت جو قانون به قابو ڪري نٿو سگهي. اسريل ملڪن ۾ ڪنهن حد تائين انصاف ۽ قانون پنهنجي جاءِ والاري آهي، پر اسان جهڙن پوئتي پيل ملڪن ۾ قانون صرف ڪتابن ۾ لکيل آهي. انصاف ڪورٽن جي چار ديواري ۾ قيد آهي، اهو ڪڏهن به ڪمزور کي نٿو ملي، پر هميشه ڏاڍي جو ڀرجهلائو آهي. انهيءَ ڪري عام انسان پاڻ سان ٿيندڙ طاقت جي ناجائز استعمال جو به فيصلو بجاءِ قانون ۽ انصاف ڏيندڙ ڪورٽن اندر ڪرائڻ کان جرڳائي فيصلن ۾ ڪرائي ٿو. انهيءَ کي خبر آهي ته هو ڪمزور آهي ۽ کيس قانون جو سهارو نه ملندو، ڪورٽ مان انصاف نه ملندو. جيڪڏهن ٿورو گهڻو ازالو ٿيو به ته ڪنهن جرڳائي فيصلي ۾ ٿيندو. ڀلا ٻيو نه ته ايترو ضرور ٿيندو ته سندس جهڳڙو ڪجهه وقت جي لاءِ ٽري ويندو. اهڙو ئي جرڳائي فيصلو اسان کي سڪرنڊ ۾ ٿيندي نظر آيو آهي، جتي ظاهر ظهور پنج خون ڪندڙ ڏوهارين کي ڪجهه پئسن جي عيوض ڏوهه معاف ڪيو ويو.
ٽي سال پهرين قاضي احمد جي ڪچي واري علائقي ۾ زميني تڪرار تان ڀنڊ برادريءَ جي پنجن ماڻهن کي سندن ئي زمين تي، سندن ئي گهرن جي سامهون بيگناهه شهيد ڪيو ويو هو. اهو به پوليس چوڪيءَ جي سامهون ۽ ان حملي ۾ هڪ پوليس جو اي ايس آءِ پڻ شهيد ٿيو هو، پر جيئن اسان ذڪر ڪيو آهي ته طاقتور کي قانون ڪجهه به نٿو ڪري سگهي، ائين ئي ٿيو، انهن بيگناهه انسانن جو ڪيس داخل ٿيڻ لاءِ به سندن لاشن کي ٽي ڏينهن روڊ تي رکڻو پيو، پوءِ ميڊيا جي دٻاءُ تحت ڪيس داخل ٿيو. بس پوءِ قانون جو چڪر ٽي سالن کان هلندو رهيو. خون جي ڪيس جا جوابدار ٽن سالن تائين آزاد گهمندا رهيا ۽ جيڪي گرفتار ڪيا ويا انهن سان به جيل اندر باني پي ٽي آءِ جهڙو سلوڪ ٿي رهيو هو، صرف ان ڪري ته هو طاقتور هئا. مجبور ٿي متاثر ڌر کي جرڳائي فيصلي ۾ اچڻو پيو. ڇو ته انهن وٽ ٻي ڪا راهه ۽ ٻي ڪا واهه نه هئي، حملا آور ڌر تي ڏنڊ وڌو ويو ۽ تڏي جي معافي جو چيو ويو. ان کانپوءِ ڌريون کير کنڊ ٿي ويون. تصور ڪيو ته جن جا پنج نوجوان بيگناهه ماريا ويا هجن اهي حملا آور ڌر سان کير کنڊ ٿينديون؟ سچ چيو اٿن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوندا آهن ۽ ڪمزور وٽ لٺ هوندي ئي ڪانه آهي. هتي به اسان کي ايئن نظر آيو ڏوهاري جن خون ڪيا، جن کي سزاءِ موت اچڻ گهرجي ها انهن کي ڪجهه به نه ٿيو. ڏنڊ جي رقم به انهن وڏيرن ڀري جيڪي ڏوهارين کي وٺي حملو ڪرڻ آيا هئا، هاڻي اهي ڏوهاري نجي محفلن ۾ گلا کولي ۽ ڪلاشنڪوف جا برسٽ هلائي ٻڌائيندا ته اسان هيترا خون ڪري چڪا آهيون، اسان کي ڪير ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. پوءِ يقينن سنڌ جو عوام هنن کان ڊڄندو جهڙيءَ طرح نادر شاهه ۽ مدد شاهه کان ڊڄندو هو. عوام کي ڪمزور قانون ۽ ڪمزور انصاف هن ڪمزور رياست ۾ تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ويو آهي. ويجهي مستقبل ۾ پڻ اسان کي اهڙو انڌير ٿيندي نظر اچي ٿو. ڏسڻو آهي ته اهو ظلم ڪيستائين جاري رهندو. شايد اسان مظلوم به ڏوهاري آهيون جو ظلم سهون ٿا.