ايڊيٽوريل

اسلامي جمهوريه ايران جي صدر جي موڪلاڻي

ايران جي شهر تبريز کان واپس موٽندي ايراني صدر ابراهيم رئيسي سان حادثو پيش آيو، جنهن ۾ سندس ۽ ساڻس گڏ تبريز جي گورنر ۽ وزير خارجه ايران جي فوتگي جي تصديق ٿي چڪي آهي. ٻڌايو ٿو وڃي ته ٽن هيليڪاپٽرن جو قافلو تبريز شهر کان 110 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي اڏام ڪري رهيو هو ته هڪ هيليڪاپٽر جنهن ۾ مرحوم ابراهيم رئيسي موجود هو. موسم جي خراب صورتحال جي ڪري ان هيليڪاپٽر کي حادثو پيش آيو. انهيءَ حادثي جي گهڻ رخي تحقيق ٿي رهي آهي. ان کانپوءِ اها ڳالهه واضح ٿيندي ته ان ۾ ڪو دهشتگرديءَ جو عنصر شامل هو يا نه هو.
ابراهيم رئيسي مرحوم 1960ع ۾ ايران جي شهر مشهد ۾ پيدا ٿيو هو، سندس تعلق هڪ مذهبي گهراڻي سان هو. هن مذهبي تعليم ايران جي شهر قم مان حاصل ڪئي ۽ ننڍي ڄمار ۾ کيس ايران جي انصافي سرشتي ۾ نوڪري ملي وئي هئي. صدر ٿيڻ کان پهرين ايران جو اٽارني جنرل پڻ رهي چڪو آهي. پاڪستان گورنمينٽ پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي صدر جي بي وقتائتي موت تي هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.
هڪ مهينو پهرين هن پاڪستان جو دورو ڪيو هو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ 10 لک ڊالر جي واپار ڪرڻ تي آمادگي ظاهر ڪئي هئي. سندس پاليسيون پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن سان بهتر هيون، ايستائين جو هن وقت ايران ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن انهيءَ ۾ پڻ سندس ڪردار شامل هو. پاڪستان حڪومت سان گڏ پاڪستاني عوام پڻ سندس بي وقتائتي موت تي ڏک جو اظهار ڪري ٿو ۽ پنهنجون همدرديون ايران جي عوام سان ۽ ابراهيم رئيسي ۽ ان سان گڏ فوت ٿيلن جي خاندان کي پيش ڪري ٿو.