پاڪستانخاصنيو‍‍ز

ٻارن ۾ ننڊ جي گهٽتائي جا خطرناڪ نتيجا

ننڊ جي گهٽتائي ٻارن جي صحت ۽ تندرستي تي انتهائي خطرناڪ ۽ منفي اثر مرتب ڪري ٿي. ننڊ جسم ۽ دماغ جي نشونما ۽ مجموئي سرگرمين لاءِ بيحد ضروري آهي. هيٺ ڏنل ٻارن ۾ ناڪافي ننڊ جا ڪجهه ممڪنه نتيجا درج ڪيا ويا آهن:

(1) علمي صلاحيتن ۾ گهٽتائي.

(2) نامناسب طرز عمل يا رويو.

(3) جذباتي مسئلا.

(4) جسماني صحت جي خرابي.

(5) مجموئي نشونما ۾ گهٽتائي.

(6) دماغي صلاحيتن جو متاثر ٿيڻ.

(7) تخليقي ۽ معامله فهمي جي صلاحيتن ۾ ڪمي.

(8) تعليمي ڪارڪردگي ۾ ڪمي.

(9) صحت جا دائمي مسئلا.

(10) ننڊ جو وقت تي نه اچڻ.

(11) سماجي رابطن جا چئلينج.

(12) ڏينهن دوران گهڻو سمهڻ.

هر شعبي سان تعلق رکندڙ والدين لاءِ اهو ضروري آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي جلد ئي سمهڻ جي عادت وجهن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائن ته ٻار پنهنجي عمر جي حساب سان مناسب مقدار ۾ ننڊ حاصل ڪري رهيو آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته خاندان جا سربراهه ٻارن کي سمهارڻ لاءِ ننڊ جو معمول متعين ڪن ۽ ان لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪن. صحت بخش ننڊ جو فروغ سڀني لاءِ بهتر آهي، خاص ڪري ٻارن ۾ ننڊ جو بهتر معيار انهن جي مجموئي ڪارڪردگي ۽ سماجي روين ۾ معاون ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن پوءِ به ٻارن ۾ ننڊ جو مسئلو سامهون اچي ته ڪنهن ٻارن جي ماهر سان رجوع ڪجي.