پاڪستانخاصنيو‍‍ز

فيفا ويمن ورلڊڪپ کٽڻ کانپوءِ اسپين جي ڪپتان کي صدمي جي ڄاڻ

ميچ کانپوءِ اولگاڪارمونا کي سندس والد جي وفات جي خبر ملي. اسپين فٽبال حڪام سوشل ميڊيا تي ان خبر جو انڪشاف ڪيو. اولگاڪارمونا 29هين منٽ ۾ انگلينڊ جي خلاف گول ڪيو. اسپين هڪ ٻُڙيءَ سان فائنل کٽي پهريون ڀيرو ويمن ورلڊ ڪپ ٽائٽل پنهنجي نانءُ ڪيو. اسپينش فٽبال ايسوسئيشن جو چوڻ آهي ته اولگا ڪارمونا جي والد جي وفات جو اعلان ڪري افسوس ٿي رهيو آهي. فٽبالر کي اها خبر فائنل کانپوءِ ملي. اولگا ۽ سندس فيملي سان گهري ڏک جو اظهار ڪريون ٿا. غير ملڪي ميڊيا مطابق سندس والد هڪ طويل عرصي کان بيمار هو، جمعي جي ڏينهن سندس انتقال ٿيو. اولگا کي سندس خاندان ۽ دوستن اها خبر ان ڪري نه ڏني ته جيئن هو پنهنجو فوڪس راند تي رکي سگهي.