زمبابوي ۽ موزمبيق ۾ سامونڊي طوفان، 120 ڄڻا اجل جو شڪار
زمبابوي ۽ موزمبيق ۾ سامونڊي طوفان ايدائي سبب فوتين جون تعداد 120 ٿي ويو. جڏهن ته ڪيترائي ڄڻا لاپتا ٿي ويا آهن. طوفان سبب زمبابوي ۾ 65 ۽ موزمبيق ۾ 62 ڄڻا فوت ٿيا آهن. متاثر علائقن ۾ ڪيترائي گهر ۽ پليون به پاڻي سبب تباهه ٿي ويون آهن. ياد رهي ته ايدائي طوفان جمعي ۽ ڇنڇر جي وچين رات جو زمبابوي ۽ موزمبيق سان ٽڪرايو هيو.

