ٻارن ۾ نظر ڪمزور ٿيڻ جي رفتار کي سست ڪندڙ دوا

موبائل فون ۽ ٽيبليٽ استعمال ڪرڻ سان ٻار توڙي وڏا پري جي نظر جي ڪمزوري جو شڪار ٿي رهيا آهن، جڏهن ته هڪ نئين تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته ايٽروپِن نالي آئي ڊراپس هن ڪيفيت کي سست ضرور ڪري سگهن ٿا. سڄي دنيا ۾ ايٽروپِن آئي ڊراپس مائيوپيا (پري جي نظر جي ڪمزوري) کي شرح کي گهٽ ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندا آهن. هاڻ معلوم ٿيو آهي ته گهٽ ارتڪاز يعني 0.05 کان 0.01 سيڪڙو ايٽروپِن واري پاڻياٺ گهٽ ۾ گهٽ وقتي طور تي هن ڪيفيت کي سست ڪري سگهي ٿي. هن سلسلي ۾ جرنل آف آمريڪن ميڊيڪل ايسوسي ايشن ۾ هڪ تحقيقي رپورٽ شايع ٿي آهي. ايٽروپِن اکين جي مُشڪن کي پرسڪون رکي نظر جي ارتڪاز يعني فوڪس کي بهتر بڻائي ٿي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments